’لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون‘ ڪتاب تي تبصرو
مٺل جسڪاڻي
پهاڪا ۽ چوڻيون، علمي ۽ تاريخي وسعت جي ڪري، ٻوليءَ جي سونهن
آهن. پهاڪن توڙي چوڻين جي مدد سان، ڪا به تفصيلي ڳالهه ڪرڻ، ردعمل ۾ ڊيگهه ڪرڻ کانسواءِ
به، مقصد ڀري تمام وڏي ڳالهه، ڪري سگهبي آهي.
سنڌ اتر، لاڙ، وچولي، ٿر (ريگستان)، ڪوهستان (جابلو پٽي،
ڪاڇي ۽ ڪچي ۾ ورهايل نه هجڻ باوجود ورهايل آهي.) سنڌ جي مجموعي ٻولي هڪ سنڌي ئي آهي،
پر سنڌ جي مختلف خطن ۾ ان هڪ سنڌي زبان جا لهجا به مختلف آهن.
ٻوليءَ جي لهجن بابت گهڻا سال اڳ پڙهيو هئم، پر جيئن ته سنڌي
منهنجو مضمون نه رهيو آھي، ان ڪري ٻوليءَ جي حوالي سان ڪا خاص ڄاڻ به نه اٿم.
ڪجهه ڏينهن ٿيندا ته رسول بخش درس وٽ ڪچهري ۾ ويٺو هئس. اتي
ٻوليءَ جي لهجن جو ذڪر نڪتو، ته رسول بخش چواڻي؛ سندس لهجو حيدرآبادي آهي! جڏهن ته
رسول بخش درس، جهمپير لڳ ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي قائم ڳوٺ ڦوٽو درس جو رهواسي آهي. جهمپير
۽ آسپاس جي رهواسين جي ٻوليءَ ۾ جابلو ۽ لاڙي لهجو عام آهي.
مون تي جهمپير ۾ ٿيل ان ڪچهري جو سحر اڃان طاري هو، ته احسان
راهوجو جي ٿورن سان انجنيئر عبدالوهاب سهتو جو بازار ۾ آيل نئون ڪتاب ”لاڙي پهاڪا
۽ چوڻيون“ مليو، ته سچ پچ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. ڇاڪاڻ ته عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي
ان ڪتاب بابت ٻي ته معلومات ملي، پر ٽنڊو محمد خان واري حڪيم يوسف پاران هن ڪتاب تي
تبصرو ۽ ان تبصري تي رايا به پڙهڻ جو موقعو ملي چڪو هو ۽ مون کي لکڻ توڙي ڳالهائڻ وقت
پهاڪا ۽ چوڻيون ذهن تي تري ته اينديون آهن، پر ڪجهه پهاڪا ۽ ڪي پهاڪا غلط يا صحيح هجڻ
جي گڏيل صورتحال مونجهاري جو سبب بڻبي آهي. ان ڪري هي ڪتاب خريد ڪري وٺڻ جو فيصلو ڪيو
هئم، ان کان اڳ منهنجي ڪتابن ۾ شامل ٿيو ته خوشي ڪجهه سرس ٿي پئي.
لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ۾، ڪتاب جي اندرئين سادي سرورق موجب
حيدرآباد، ماڃر/ ڪڪرالي کاري ڇاڻ ۽ مٽياريءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون شامل آهن. فهرست مطابق
پهرين رياضت ٻرڙو پاران ٻه چار لفظ، مصنف يعني انجنيئر عبدالوھاب سهتو پاران چڱا اکر،
ان کان پوءِ ڪتاب لاءِ حدف وارو مواد حيدرآباد جا پهاڪا ۽ چوڻيون، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري
ڇاڻ جا پهاڪا ۽ چوڻيون، ۽ مٽيارين جا پهاڪا ۽ چوڻيون تي مشتمل ٽي باب، ٽي ڀاڱا يا ڪتاب
جا ٽي حصا آهن، جڏهن ته آخر ۾ سائنسي ڪتابن وانگر ڏسڻي ڏئي، مون جهڙي ضرورت مند لاءِ
تمام گهڻي سهوليت ڪئي وئي آهي. ڇو ته ڏسڻيءَ ۾ ڪتاب اندر موجود هر پهاڪي جي نشاندهي
سان اهو صفحو به ڄاڻايل آهي، جنهن صفحي تي ان پهاڪي يا چوڻيءَ بابت تفصيلي معلومات
ڏنل آهي. مثال طور ڏسڻي ۾ ڏسندي منهنجي نظر پئي ”اهڙو ڪم ڪجي جو، نانگ به مري ۽ لٺ
به نه ڀڄي“ تي. ڏسڻيءَ ۾ هي پهاڪو نمبر 8 آهي، هن بابت ڄاڻ صفحي 75 تي ڄاڻايل آهي.
جڏهن ڄاڻايل صفحي تي ويس ته هي پهاڪو ”مٽيارين جا پهاڪا ۽ چوڻيون“ واري باب ۾ هجڻ ڪري،
ان باب جو هي 5 نمبر پهاڪو آهي ۽ اتي هن پهاڪي متعلق ضروري معلوماتي سمجهاڻي ۽ مطلب
پڻ ڏنل آهي. مطلب نمبر ٻه موجب هن پهاڪي جو مطلب ٻئي پهاڪي جي مدد سان ڏيندي ”اهڙو
ڪم ڪجي جو، لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي“ لکيل آهي. اها هن ڪتاب جي اضافي سهوليت،
اهميت به مون کي دل سان وڻي.
هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 159 پهاڪا ۽ چوڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن
مان 40 حيدرآباد، 68 ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ ۽ 51 مٽيارين جا پهاڪا ۽ چوڻيون شامل
آهن.
هي ڪتاب انهن اديب دوستن جي نالي منسوب ٿيل آهي، جن ليکڪ
سان هيءُ ڪتاب تيار ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي. ڪتاب جي ليکڪ جي اها فراخدلي آهي، جو
هن ارپنا جي ٻن اکرن کان پهرين اهو سڀ ڪجهه لکيو آهي ته ڪهڙي ڪهڙي دوست سندس ڪهڙي مدد
ڪئي. ياد رهي ته مولف جا اڳ ۾ 3 ڪهاڻين جا مجموعا، 7 ڪتاب پهاڪا ۽ چوڻيون/ ورجيسيون
جي حوالي سان، 4 ڪتاب تاليف ۽ ترتيب جي صورت ۾ ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته پهاڪن ۽ چوڻين
جي ئي حوالي سان سندس 6 اڻ ڇپيل ڪتاب وٽس ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن.
هن ڪتاب جو چئن رنگن ۾ خوبصورت سرورق (ٽائيٽل) احسان دانش
ٺاهيو آهي، هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرد) قمبر جو ڪتاب نمبر 45 آهي، جيڪو اڪيڊمي
جي چيئرمئن عبدالحميد ميمڻ ڪراچيءَ مان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر پاران سيپٽمبر
2015ع ۾ پڌرو ڪيو، ڪتاب جي قيمت 120 رپيا آهي.
(هفتيوار ادبي صفحو، تختيقڪار، ترتيب: واحد پارس هيسباڻي، روزاني عبرت
حيدرآباد، آچر 11 آڪٽوبر 2015ع)
No comments:
Post a Comment