Monday, July 20, 2015

ڳالھ مڙئي ڳُڙ - مٺل جسڪاڻي

ڳالھ مڙئي ڳُڙ
مٺل جسڪاڻي
”ڳالھ مڙئي ڳُڙ“ اصل حقيقت موجب ڇا آهي؟ اها مون کان وڌيڪ سائين حيات علي شاھ بخاري کي خبر هوندي. ممڪن آهي ته جيتري خبر سائين حيات علي شاھ بخاري کي هجي، اوتري يا ان کان ڪجھ سرس معلومات سائين عبدالله جروار ۽ شايد اڃا به ڪجھ ڳچ خبر وري سائين عبدالوهاب سهتو صاحب کي هوندي.


ڪنهن کي ڪيتري خبر هوندي؟ اهو فيصلو ان ڪري گهڻو ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن ”هٿ هٿن کان ڀلا پيا آهن“، تيئن علم جو درياءُ بلڪ علم جو سمنڊ ڪو هڪ نه آهي. دنيا ۾ نه درياءَ ٿورا آهن، نه ئي سمنڊ!
مون اڪثر ”ڳالھ مڙئي ڳُڙ“ تڏهن ٻڌو آهي، جڏهن ڪنهن موضوع تي ڇڙي پيل ڪچهري يا بحث جي پڄاڻي ڪرڻي هوندي آهي. اهڙي موقعي تي هڪ ٻيو اصطلاح، هڪ ٻيءَ ڪهاوت، هڪ ٻي چوڻي، هڪ ٻيو محاورو به استعمال ٿيندو آهي. اوهان کي هاڻ هرندو هوندو پر ياد لاءِ به ٿو وٺان، اهو آهي ”جُڙيءَ کي جَس“.
جڏهن ”ڳالھ مڙئي ڳُڙ“ يا ”جُڙيءَ کي جس.“ چئي يا لکي وٺجي، تہ پوءِ اڳتي ڪڇڻ يا لکڻ جي ضرورت نه هوندي آهي، پر...
اهو ماحول تي منحصر آهي، تہ ڪير ڪير ڪهڙي ماحول ۾ ويٺو آهي يا بيٺو آهي؟ سندس زبان تي ڇا آهي ۽ من اندر ۾ ڪهڙا مامرا اٿس؟
ظاهر ۽ باطل، ٻه الڳ لفظ، الڳ صورتن جي نشاندهي ڪن ٿا. ظاهر جي ڳالھ ڪرڻ يا سمجهڻ سمجهائڻ لاءِ ”هٿ ڪنگڻ“ واري صورت جُڙي ٿي، باطل مام جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ ”بندي جي من ۾ هڪڙي..“ واري صورت ٺهي ٿي.
مون کي لکڻو ڇا آهي؟ اوهان پڙهڻ ڇا پيا چاهيو؟ اهي ٻئي هڪ ٻئي جا متضاد سوال آهن. منهنجي من اندر جي لوڇ مون تائين محدود، اوهان جي دل جي حالت، صورت، منشا، اميد، آس، امنگ... اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به نه ٿو ڄاڻي سگهي!
مون لکڻ ارادي سان شروع ڪيو. لکي بہ ڪجھ ورتو اٿم، پر لکڻ ڇا چاهيم، لکجي ڇا ويو، رهجي ڇا ٿو؟ انهن ٽن سوالن مان گهڻو اهم سوال اڃا به ٻيو آهي. اهو تہ جيڪو لکڻ چاهيم، سو لکي به سگهيس يا نه؟ ان سوال جو جواب ’نھ‘ ۾ آهي.
جيتوڻيڪ آئون اهو ڪجھ لکي نه سگهيو آهيان، جيتوڻيڪ مون واضح طور ڪجھ به نه لکيو آهي، پوءِ به لکيو اٿم. جيڪو لکيو اٿم، اهو اهڙو به بيڪار نه آهي، جنهن کي فضول چئجي.
منهنجي هيءَ تحرير، جيتوڻيڪ لکي مون آهي، پر مون لکڻ ڇا چاهيو ۽ لکجي ڇا ويو، اهو ممڪن آهي ته ٻيا به ڪيترا ئي پڙهندڙ سمجهي ويا هجن، پر آئون سمجهان ٿو، منهنجو هيءَ لکيو، مون کان وڌيڪ سائين حيات علي شاھ بخاري کي سمجهي سگهيو هوندو. ممڪن آهي ته ڪجھ سرس سائين عبدالله جروار ۽ شايد اڃا بہ ڪجھ ڳچ سائين عبدالوهاب سهتو صاحب سمجهي سگهيو هوندو. آئون سندن ته ٿورائتو آهيان ئي آهيان، پر آئون هر هڪ ان جو به ٿورائتو آهيان، جنهن هيءُ چند سٽون پڙهيون، سمجهيون، يا وري سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

سڀني جي مهرباني، سڀني جا ٿورا، قرب.

1 comment:

  1. ”ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.“ ان پھاڪي جو مطلب اھو ئي آھي، جيڪو ”مم ڄاڻي، گانئچو ڄاڻي.“ ۲. ”قاضي ڄاڻي، قيام ڄاڻي.“ ۳. ”اڱر ڄاڻن، لوھر ڄاڻي.“ يا ائين کڻي چئون؛ ”او ڄاڻي ته اي ڄاڻي، تئين ٻيٺي اٽا تور.“ المطلب؛ ٻين جي معاملن تي پنھنجو سر، وقت ۽ پئسو نه کپاءِ.
    باقي رھي ”ڳالھ مڙئي ڳڙ“ جي ته اھا ورجيس آھي. ان وقت ڪم ايندي آھي، جڏھن ڪنھن جي ڳالھائڻ مان بيزار ٿبو آھي ته نٽائڻ خاطر ان جي ڳالھ کي خراب به نه چئبو آھي ۽ سٺو به نه ڄاڻندي، کلي چئبس؛ بس تو واري ڳالھ مڙئي ڳڙ آھي. ان کي کڻي ڇڏ. يعني معاملي ۾ لڙ آھي. چٽائي نه ٿي ٿي سگھي. ان بحث تي، نه سر کپاءِ، نه وقت وڃاءِ ۽ نه ٻئي ڪم کان سيڙج.

    ReplyDelete