وڙھيا واڍا، اڙيا آھتي
ھيءَ سياست جي دنيا ۽ دنيا جي سياست!!
عديل مهر
وڏا صاحب وڙهي پيا آهن، مفاهمت جو جهان ڊاهي رهيا آهن! ”لکان دي مَٽ“ هڪڙي
ماڻهوءَ جي گرفتاريءَ ياريءَ کي واري ڪري ڇڏيو اٿن. هو، جن جي چهري جي مُسڪراهٽ ڳالهائيندي
هئي ۽ هڪٻئي جا ڍَڪ ڍڪيندي هئي، هاڻ انهن جي مُنهن جي ڳاڙهاڻ ٿي ڳالهائي ۽ نِرڙ جا
گهنج ٿا ٻولن ۽ الائي ته ڇا ڇا ٿا ٻُڌائن!
سندن ساڙ، سڀ سچيون ويٺو ڪري ۽ ڪاوڙ کانئن ڪچيون ويٺي ڪرائي! عوام
کان ڇني، گڏجي کائيندي کائيندي اچي رُٺا آهن، رُٺل يار هڪٻئي جا گرهه ڳڻي ٻڌائي
رهيا آهن. هنن هڪٻئي کي جيڪا عوام جا حساب ڪتاب معاف ڪري ڇڏيا هئا، هاڻ هڪٻئي کي ٺهيو ڪرڻ ۽
ٺاههَ ڪرڻ وارا اُهي احسان ويٺا جتائين! قانون ۾ به ترميمون ڪري
جيڪي هڪٻئي جا ڪَم ٺاهيائون تنهن جا هڪٻئي کي مهڻا ويٺا ڏين! ٻيائيءَ ۾ پئي، ٻيئي پارٽيون
ٻار ٿيون لڳن، خار ۾ هڪٻئي جا يار ٿيون ڪڍن.
هنن جي بادشاهين ۾ راڄ مرندو کپندو رهيو، پر هنن راڻن جي
رهاڻ ۾ ڪڏهن ڪوڙاڻ نه آئي، پر آئي ته ڪهڙي ڳالهه تي
آئي اها ڏسڻ ۽ کلڻ جهڙي ڳالهه آهي! وڏين پارٽين جي وچ ۾ وڏو معاملو ٿي ويو آهي. مفاهمت
کي کڏ ۾ اُڇلي مزاحمت جو ماحول جُڙي ويو آهي. هڪٻئي
جون درگذر ڪرڻ وارا پنهنجون لڪايل پاڻ ويٺا پڌريون ڪَن،
هڪ جو حوال ٻئي کان عوام کي معلوم ٿي رهيو آهي، هو هڪٻئي خلاف گهڻو اڳتي نڪري رهيا
آهن، آپريشن پنهنجي دائري کي وڃي ٿو وڌائيندو، جيڪو دهشت کان وٺي ڪرپشن تائين ڪارروائيءَ
هيٺ آهي، قانون وارا ادارا ڪيترن جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن. انهيءَ پڪڙ ڌڪڙ ۾ مفاهمت
متاثر ٿي پئي آهي. مفاهمت وارن هڪٻئي ڏي حساب ڪڍيا آهن، ”سڀ
تنهنجي آ، قسم تي مان ناهيان....“ انهيءَ شڪ ۾ شيڪر
پئجي ويا آهن، وڏا ته پنهنجي جاءِ تي پر جيڪي ننڍا آهن وڏا بُل اُهي ٿا کائن،
”هو گوءِ، هو ميدان“ جهڙيون هڪلون ٿا ڏين، ممڪن آهي
تمام جلد ڪارڪنن جون برگيڊون آمهون سامهون اچي بيهن، هاڻي هنن جي به مولانا اچي ڪا
مفاهمت ڪرائي!!
سياست جا صاحب هڪٻئي تي چِڙي ۽ چڙهي ٻيو ڪجهه نٿا ڪن، پنهنجي
سياست جو تعارف ٿا ڪرائين! عوام جي خدمت جي مينڊيٽ سان هو جيڪو ڪجهه ڪندا آهن، اهو
ڪنهن ڪاوڙ وگهي پاڻ ٿا ٻڌائن ته ڪيترو ڪَسو هوندو آهي. هِن جي هُو ٿو ٻڌائي ۽ هُن جي
هِن کان ٻڌڻ ۾ ٿي اچي. وڏي کول ويٺا ڪن. هڪ جي نظر ۾ ٻيو وڏو ڏوهه ٿو ڪري، ٻيو ٻڌائي ٿو ته
هن حد ڪري ڇڏي آهي، پر ڪئي ٻنهي آهي، ٿي عوام سان آهي. انهيءَ عوام
وٽ واري واري سان پنجين اٺين سال پيشي به ٿيندي آهي، پر عوام کان ووٽ به وٺي وڃڻ ۾
ڪامياب ٿي ويندا آهن. بدقسمتيءَ سان پبلڪ وٽ پراسيڪيوشن ڪونهي. عوام کي ڪو اهڙو وڪيل
مُيسر ڪونهي جو عوام کي پنهنجو ڪيس سمجهائي، ماڻهو سياست جي ٻولن ۾ اچي ٿا وڃن ۽ هڻي
پنهنجو هديرو گل ڪري ٿا ڇڏين. هٿ جي وڍيءَ
جو نه ڪو ويڄ نه طبيب. عوام ڪڏهن ڪنهن جي چڪر
۾ ڪڏهن ڪنهن جي اثر ۾ اچي ٿو وڃي ۽ پنجن سالن لاءِ پاڻ ڏئي ٿو ڇڏي!
پاڻ ڏئي ڇڏڻ وارو پوءِ پڇتائي به ڏاڍو ٿو. وَس وارن کي اهو
بي وس پوءِ پٽي به ڏاڍو ٿو، جن هٿن سان ووٽ ڏيندو آهي
اُهي ئي هٿ کڻي پوءِ پٽيندو به آهي. وڏا جڪ کائيندو آهي، جيڪر هِن کي نه ڏيان
ها، هُن کي ووٽ ڏيان ها، پر جڏهن وَس هلائڻ وارو ڏينهن هوندو آهي ته هي هنن سان هُنن
جهڙو! وَس مهل به بي وس! هن جي واڳ وري به هنن
حوالي! جيڪڏهن صفا گگدام نه ٿئي، عوام سندن لغام نه پائي ته هڪلجڻ جهڙو ڇو هجي، سياست کيس سهدار بڻائي ٿي ته هي بڻجي وڃي ٿو!
هيءَ سياست جي دنيا آهي، هيءَ دنيا ٻئي هنڌ ڀي هوندي پر هتڙي
اهڙي آهي! ٻي دنيا ۾ سياست خدمت ڪندي آهي، هت مخدوم آهي، ٻيءَ دنيا ۾ هوءَ همدردي گهرندي
آهي. هتي هوءَ زندگي گهرندي آهي، ٻين هنڌن هوءَ خدمت سان متاثر ڪري ٿي، هتي ڪرپشن سان
متاثر ڪري ٿي. ٻيءَ جاءِ تي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪندي آهي، هت اهڙي ڳالهه تي احتجاج
ڪندي آهي. ٻين ملڪن ۾ سياست جي ڪوڙ ڳالهائي ٿي ته اثر وڃائي ٿي، هتي هوءَ انهي ڪوڙ
جي ڪاروبار مان ڪمائي ٿي. ٻين ملڪن ۾ عوام لاءِ اهو آسان آهي ته ان کي رد ڪري يا قبول،
پر هت ان مان جان ڇڏائڻ ناممڪن! اهڙو ڳچيءَ ۾ ٿي پوي جو
جنُ ڇڏي ڀُوت ڇڏي پر سياست سِر وڃائڻ کانسواءِ نه ڇڏي، اهو ڏاڍو ڏکيو آهي!
ٻيءَ دنيا ۾ سياست هڪ خدمت آهي، جنهن کان جيترو وقت پُڄي
اوترو وقت خدمت ڪري، پوءِ پاسيرو ٿي ويهي رهي ٿو. پر هت جيڪو هيڪر سياست ۾ آيو، اڳواڻي
ان جو ڄڻ آسماني حق ٿيو. ان کي پوءِ ان جو ٽيون نسل به نٿو ڇڏي. هڪڙا مرن ته ٻيا ڳچيءَ ۾!! هن کانپوءِ هن جو پُٽ، پوءِ
ان جو پُٽ، پُٽن جي پُٺيان پوٽن جي قطار! جن هيڪر هنن جي مدد سان پنهنجو هڪ مسئلو حل
ڪيو تن ڄڻ پنهنجي مُثبت جي پوک ڪئي! ٻين هنڌن ٻيا مُهانڊا هوندس، پر پنهنجي سنڌ ۾ سياست
جو وڏيرڪو روپ آهي. هت سياستدان اهو ٿئي ٿو، جيڪو زمين ۽ لٺ
ڪهاڙيءَ جو مالڪ هجي، جيڪو ڍورن جيان ماڻهو ڌاري ۽ جانورن جيان انهن کي ويڙهائي!
پنهنجي مفاد ۾ ٻڌائي ڇوڙائي. اهڙي حال ۾ اهڙن ماڻهن
کي سياست ٽڪو به فائدو نٿي ڏي!
اڳي اهڙا ماڻهو ته خير هئا، پر پارٽيون اهڙيون ڪٿي هيون،
هتي ئي پر اڳ هڪ ليڊر هوندو هو، باقي سمورو عوام هوندو هو. اڄ هڪڙو عوام آهي، باقي
آهن سڀ ليڊر!! ليڊر جو ليڊر، ان جو باس! باس جا وري ذاتي دوست، دوستن جا پنهنجا ڪي
پيارا، سڀ پارٽيءَ جا اڳواڻ! عهدا ۽ وزارتون انهن جي جهول
جون شيون!! انهن کي ڪو اڙي ته ڪري ڏيکاري!
هنن کي نمائندگي نٿي ملي، ايوانن ۾ ڄڻ هنن کي نوڪري ٿي ملي، وزارتون ڄڻ ذاتي ڪاروبار
جون ڪمپنيون هجن، جن کان ڪو پُڇڻ وارو نه هجي، پُڇڻ وارا مفاهمت جي معاهدي ۾ ورتل هجن
ته پوءِ اهو ئي ڪجهه ٿيندو آهي جنهن تي جهيڙا پيا هلن.
اهڙا جهيڙا ٿيندا ۽ ٽرندا رهيا آهن. وڙهڻ وارا وڙهي ٺهندا
رهيا آهن، ٺاهه ڪرائڻ واريون ڪمپنيون اهڙا ٺيڪا
کڻنديون آهن، انهن کي بِل ادا ٿيندا آهن، انهيءَ ڪاروبار مان ڪيترا ڪمائن ۽ کائن ٿا،
عوام جي هٿ مان جڏهن گرهه ڇڏائجي ٿو ته اهو ڪنهن
ڪنهن جي وات ۾ ٿو وڃي، اهو اڄ نامعلوم نه رهيو آهي. هيءَ جيڪا سياست آهي اها ڪنهن جي ڀينگ ٿي ڪري ته ڪنهن جا پَل ٿي ڀري. ڪنهن کي
رت جا ڳوڙها ٿي روئاري، ڪنهن کي ٽهڪ ٿي ڏياري. ڪن کي روئاري ٿي، ڪن کي کلائي ٿي. ڪن
کي آسمان تي ٿي گهمائي ۽ ڪن کي زمين ۾ پوري ٿي ڇڏي. هيءَ جيڪا سياست جي دنيا آهي ۽ دنيا
جي سياست آهي؛ عوام کي اجائي مخلوق ٿي تصور ڪري!
No comments:
Post a Comment