Monday, October 31, 2011

ٿاريلا ۽ ٿر - دوست ڏيپلائي


ٿاريلا ۽ ٿر
 برسات کان اڳ- برسات ۾- برسات کان پوءِ
دوست ڏيپلائي
ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا، هُـو پهرن  مٿي  پٽ  پاڪ،
وهن  وراڪن  ۾،  جن  جي  اجوکــــي  اوطــــاق.

ويچارا ٿر جا ٿاريلا، رائي رتين ريلن جا رهاڪو. سندن ملڪ بر. وٺو ته وهه واهه! نه ته دربدر. رات ڏينهن سندن مهاڙ مال ڏي. جُوءِ ۾ نه اٿن جر ۽ نه جاگير. ڪي وڻ تي ڪي ڪڻ تي ته ڪي وري ڌڻ تي. ڇن پٽ پوي ته کيتن ۾ الله جي آسري اوڙون ڏين. مينهن وٺي وڻ ڦٽن. ڪڻ ٿين. به خوب کير ڏين. “برسات کان اڳ، ڦوڳ به ڦلاريا”. ڦوڳيءَ مان ڦَڪ ڀري، ماڇڪن ڏي موٽيا. “چيٽ چٽيا، ويساک ورهايا” پائر ۽ پارڪر ۾ پيرون پچي لال ٿيا. هاڻي ته وڻ وڻ هيٺ وهانءِ لڳي وين. ساڏوهين ۾ سيڙهڪن جي ڏنگڙن ڏارن تي چڙهيو، لامن ۾ لڙڪيو- پيا ڏيهاين کي ڏورڪيون ڏين. “....پيلوُ پڪا لامان لڙيان، آءٌ ته ملون چن يار....” سائو سڱر ساڻيهه جو سيڪي خوب کاڌائون. هاڻي کوکا به کيربا ۽ پيرون به اچي پورا ٿيا. هر ڪنهن پئي اُڀ ڏي نهاريو. موسم مينهن جي سنڀاريو چي: “ادا ڏيو خبر چار ته ڪهڙا آهن سال جا آثار!” “ڀائو، سال ته مولا کڻي موچارو ڪندو!” پر چوندا ته ‘چيٽ چمڪيو نه ڀلو، وٺو ڀلو نه ڄيٺ راجا رُٺو نه ڀلو، سرتو ڀلو نه سيٺ!’ شڪ ٿو پوي ته ان ڏهاڙي چيٽ ۾ کنوڻ پئي ٺلها چمڪا ڪيا. مولا خير ڪري، سياڻن سچ چيو آهي، ته چيٽ جو چمڪڻ چڱو ناهي، چيٽ جو وسڻ... راجا رُٺي نقصان آهي. سيٺ راضي ته چڱو. سيٺ جو رنج معنيٰ قرض جو انڪار. وکت پاس ٿي ويندو. قرض کنيو ته ڄڻ ڳهيو. پر ادا، ماروڙين مَڪَ به جام جهلي آهي. سال سڻائو اچي کپي. ڪيڙي ماڪوڙِ، پکي پکڻ ۾ به سٽا ۽ سهاڳ ٿو ڏسجي. پر هڪڙِي ڳالهه آهي، هن سال وڻ ڦرپاڇوٽو هو... شايد سال پاڇاٽ ڪري؛ پر ڪڏهن به آرڇو نه اچڻ کپي. جهنگ جهاڙي وڍي کيٽ بڻايو. مينهن اِجهو آيو ڪي آيو. چوندا آهن ته “ورهيه کري ته جهَڪَ ڪري مڙس کري ته بَڪ ڪري، ڌرتي کري ته اَڪ ڪري”. چوڌاري اِهي چميگويون ۽ چؤٻول..... “روهڻ تپي، مگسر وائي- ادا مينهن وهلو آئي”. روهڻ، مگسر ۽ آڊ... اهي برسات جا نِکٽ آهن. ويچارا ماروئڙا روهڻ تپي ۽ مگسر وائي ته خوش. کين ويساهه آهي، ته آڊ ۾ برسات ضرور پوندي ... پر جي آڊ جي نکٽ به ملڪ کي اَوسر ۽ اَريج بنايو، ته چوندا: “اکاڙا ٻيج واڏرڪا ويڄ، سوڙها رکو ٻڙڌيا کوري رکو ٻيج...” اَکاڙ جي ٻيج جي رات آسمان ۾ بادل يا کنوڻ ڏٺائون ته پڪ ٿيندن ته سال سورهن آنا، پر جي: “آکاڙ ٻيج واڏرنا ويڄ، پهلي بيچو ٻڙڌيا پاڇي چٻو ٻيج” ٻيج جي رات آسمان چٽو- کليل ڏٺائون ته دل لهي ويندن، چوندا ته مينهن ملڪ کان موڪلائي ويو. ڍڳا ڍور وڪڻي ٻچن جو سمر ٺاهيو. آڊ کان پوءِ به برسات جا نِکٽ آهن؛ وڏو وايو، ننڍو وايو، آسريس، منگهه. آڊ جو نکٽ وٺو ته ملڪ سورهن آنا؛ پر جي واين ملهايو ته پڻ ملڪ ٿيو سوايو... پاڇاٽين وسن ۾ به سانگيڙا سرها... پر جي واين به ڇنڊ پٽ تي نه وڌي، ته چوندا؛ “آسريس ڏيسا ڏيس...” آسريس ۾ ملڪان ملڪ مينهن وسندو؛ پر جي آسريس به الله توهار چئي موڪلائي ويو ته چوندا؛ “منگهه، تاڻي ٻڌو تنگ”؛ اهي اکر ماروئڙن جا نا اميدي جا آهن.... پنهنجا سندرا ثابوت ٻڌو.. اَڃا به کين اميد هوندي... “ست- ستاويهه سترهن- چوڏهن چار- هن ونيءَ جا ور گهڻا نو ٻيا به نهار...” اهي جملي 72 ڏينهن ٿيا، جن کي ٿاريلا ٻاهتر وچون. ائين تڏهن ٿيندو جڏهن، روهڻ نکٽ ۾ کوٽي کنوڻ ڏسندا... چي روهڻ ڏجهي پيئي ٻاهترو پوندو... مطلب ته ٻاهتري ۽ اڌڪ کان ٿاريلڙا گهڻو ڇرڪن.. اڌڪ ٻيو ته چوندا سال پاڇاٽو آهي. هن سال ٻه سانوڻ آهن..اَلاجي ڪهڙو سانوڻ سانگيڙن کي وسي وسون ڪري ڏي.. ڌنار ويچارا ڌڻ نهاريندي ڪيڙي ماڪوڙي ۽ مال جو اوسر وغيره به نهارين. جي ماڪوڙي جو اوسر، آنا کڻي ڪنهن اُتاهين دڙي ڏي ڏٺائون، ته پڪ ٿيندن ته برسات جلد پوندي... پر جي ڍولير پکيءَ جو ڪنهن پٽ تي آکيرو ڏٺو ته غور سان نهاريندا ته ڪهڙي طرف اونو ڪيو اٿس... جنهن به طرف کان آکيري جو اولو ڏٺائون ته چوندا برسات اُن طرف کان ايندي ...چي “ڍولير اولو رکيو آهي...” ٻڪرين وٿاڻ تان رات جو اوڀر طرف اوسر ڪئي، ته ڄڻ کين مينهن جي مبارڪ ڏنائون... ڍڳن ڍورن پگهر ڪري ڪونٽ ڪارا ڪيا ته چوندا، ته ضرور مال جي ڪونٽن جي مر برسات سان ڌوپندي .... مطلب ته ماروئڙا پنهنجي ڍنگ ڍول ۾ سارنگ کي پيا سارين. وسڪاري جي وائي واتون مور نه وسارين ... ماروئڙا چوماسي هوائن تي به گهڻو ويساهه رکن- چي؛ “...سامونڊي ساڻي ته مينهن نڪو پاڻي...”. “ڪا مهوڙي ٿي لاگي- ڀتو کڻيو ڪلا ئي ڀاڳي” “سوريو ٿي بايو، پڙڌ ڇوڙهيو نٿي آيو”. اها ڪهاوت ٻنيري ۽ ٻنيري جي زال جي وچ ۾ ٿي هئي... ٿاريلا اتر يا اوڀر جي هوا لڳي ته سمجهندا برسات ضرور پوندي. ڪامهوڙي (اتر جي هوا) سوريو (اوڀر جي هوا) آڙنگ اُڀ ۾ ڏٺائون ۽ ان سان گڏ ڪامهوڙي- سوريو لڳو ته پيا وهسندا مندائتي مينهن جون مبارڪون ڏيندا....

Tuesday, October 25, 2011

ٿر ڏُلهي تو بيراج جهلي، بيراج ڏُلهي تو ڪوڻ جهلي - پيارو شواڻي


ٿر ڏُلهي تو بيراج جهلي، بيراج ڏُلهي تو ڪوڻ جهلي.
(ٿر/ ڍٽ)
پيارو شواڻي/ مٺي
هن سال، ٻه مهينا دير سان پوندڙ سانوڻي رت جي برساتن، صورتحال مٿي ڄاڻايل ٿري چوڻيءَ کان به ڳري ڪري ڇڏي آهي، ۽ وڌيڪ سور پيدا ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ ته برساتون ٻه مهينا دير سان پيون، تنهن جي ڪري ٿري ماڻهن اڌ مند گذرڻ بعد ٻنيون پوکيون آهن ۽ گاهه وليون به اڍائي مهينا دير سان ٿيا آهن، تنهن ڪري ٿر ۾ موجود سٺ لک چوپائي مال جو گهڻو تعداد بيراج واري علائقي ۾ رهيو، ۽ واپس ٿر ڏانهن موٽڻ ۾ به مال توڙي ماڻهن کي دير ٿي ويئي. ٻيو وري بدين، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ توڙي سانگهڙ ضلعا، جتي ڏڪار جي ڏينهن ۾ ٿر جو چوپايو مال ۽ مارو پيٽ جي بُک اُجهائڻ لاءِ چار ڇهه مهينا ويندا هئا، اُتي به برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، تنهنڪري حڪومت سنڌ مذڪوره ضلعن کي مڪمل طور ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي صرف 6 ديهن کي آفت زده قرار ڏنو آهي. ويجهڙ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو، بيراج جي ٿر سان لڳندڙ ضلعن جو لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال توڙي متاثر ماڻهو ٿر جي ڀٽن ۽ پٽن تي پهتا آهن. تنهنڪري خدشو ان ڳالهه جو آهي ته ڪٿي ٿر ۾ ٻه مهينا دير سان اُڀريل/ ڦُٽل گاهه، وليون ۽ ٻوٽا، جيڪي ٿر جي 60 لک کان به مٿي مقامي چوپائي مال لاءِ به اڻ پورا آهن ۽ مٿان وري بيراج جو آيل مجبور ۽ مهمان چوپايو مال به ٿر ۾ رهيو پيو آهي، تنهنڪري اڀريل گاهه جو اهو ذخيرو مقامي توڙي مهمان ٿي آيل چوپائي مال لاءِ ناڪافي آهي. جيڪو گاهه هڪ ته ڦُٽو ئي ٻه مهينا دير سان آهي ۽ مٿان وري هڪ ڪروڙ کان مٿي چوپايو مال هن وقت ٿر ۾ موجود آهي. نومبر ۽ ڊسمبر کان پهرين ئي اهو گاهه ختم ٿي ويندو ۽ برساتي پاڻيءَ سان ڀريل ترايون به سُڪي وينديون. تنهنڪري حڪومت توڙي غير سرڪاري ادارن کي گهرجي ته ٿرپارڪر جي سموري چوپائي مال توڙي ڀر وارن ضلعن جي جانورن لاءِ فوري طور گاهه جو بندوبست ڪيو وڃي، نه ته ٿر جون دير سان ۽ اڌ سايون ٿيل ڀٽون وقت کان اڳ سُڪي وينديون ۽ مقامي توڙي مهمان چوپايو مال بکن ۾ مرڻ لڳندو.
مطلب:
۱. ڪن سببن جي ڪري جيڪڏهن ٿر ۽ ٿرين کي اوکي سوکي ڪا تڪليف ٿئي ته بيراج جا ماڻهو انهن جو ڀرجهلو ۽ آسرو ٿين ٿا، پر جي بيراج وارن تي ڪا ڏکي گهڙي اچي ته اُنهن جو هڏ ڏوکي ڪير ٿئي؟
۲. ڏکي توءِ  ڏُڪار، توڙي وسن مينهڙا!
۳. ٿر ڏُلي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏلي ته دنيا نه جهلي.
(روزاني ڪاوش، ۱۱ سيپٽمبر، ۲۰۱۱ تان کنيل)


جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ - جوڳي اسد ميرواهي


”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ“ وارو مفروضو
جوڳي اسد ميرواهي/ حيدرآباد
22 مئي 2011ع واري ڪاوش دنيا مئگزين ۾ هڪ تحرير شايع ٿي آهي، جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته، ”نواز شريف جو سنڌ جو دورو: جويو صاحب، قومپرست ۽ ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ.“ آئون هتي ان مضمون ۾ استعمال ڪيل محاوري ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ“ لاءِ پڇڻ چاهيندس ته، ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ“ وارو محاورو ڪيئن رائج ٿيو؟ ان جو ڪهڙو تاريخي پس منظر آهي، جنهنڪري اهو اڄ به عام توڙي خاص ماڻهن پاران استعمال ڪيو وڃي ٿو؟ ان محاوري جو حقيقت سان ڪيترو تعلق آهي؟ انهن سوالن جا جواب ته سنڌ جي اديبن ۽ تاريخدانن کي ضرور ڏيڻ گهرجن ٿا، جڏهن ته آئون ان محاوري کي هيٺين بنيادن تي غلط ثابت ڪريان ٿو. (1) “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ” محاورو نسلي متڀيد ۽ نفرت آميز معنيٰ رکي ٿو. (2) “راڄپر” سما آهن ۽ راڄپر ذات جا 56  پاڙا/نکون آهن، جهڙوڪ: ڦل، اڄڻ، ٻانڀڻ، جوڳي، ڪٻر، ويسر، ناگور، پاتا، مانڊڻ وغيره، جنهن ۾ “جوڳي” راڄپر ذات جو هڪ پاڙو آهن. هي راڄپر سماٽ ذات جو جوڳي پاڙو، جيڪي سڀ مسلمان، زميندار ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، ضلعي خيرپور، تعلقي ۽ شهر ٺري ميرواهه جا رهواسي ۽ ابن ڏاڏن کان آباد آهن، جن منجهان ڪافي گهراڻا پڙهيل، اعليٰ تعليم يافته، ڪاروباري، نوڪري پيشه، هاري مزدور ۽ زميندار آهن. راڄپر ذات جي اڪثر پاڙن جهڙوڪ: ڦل، ٻانڀڻ وغيره وانگر جوڳي پڻ پنهنجي پاڙي کي ذات سڏرائين ٿا. ٺري ميرواهه جي جوڳي ذات ۾ مختلف ذاتين ۾ شاديون ٿيل آهن، مٽيون مائٽيون ٿيل آهن، پوءِ ان محاوري کي ڪيئن درست مڃجي ته، “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ”. ان کان علاوه ڪجهه مسلمان جوڳي فقير به ڍارو هڻن ۽ نانگ پالين ٿا، اهي جوڳي ڀٽ شاهه جا رهواسي  آهن. اهڙي طرح ٻيا جوڳي فقير، جيڪي نانگ، بلائون پالين، ڍارو هڻڻ ڄاڻن، سي هندو جوڳي فقير آهن. هي اهي ئي اصل گرناري جوڳي آهن، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي رسالي جي سُر رامڪليءَ ۾ جن جو ذڪر آيل آهي. هنن جوڳين جو پنهنجو الڳ صوفياڻو ۽ فقيري مقام آهي. جوڳين جو ڀارتي پنجابي ادب ۾ پڻ ذڪر ملي ٿو. جوڳي جاکوڙي، محنتي ۽ انقلابي Role Model آهن. عام زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۾ ٻين ذاتين جو جوڳي ذات ڏانهن رويو نامناسب، متڀيد، تعصب وارو ۽ نفرت آميز رهيو آهي. مختلف سرڪاري، نيم سرڪاري ادارن ۽ گڏ ڪم ڪندڙ اسان جي ذات وارن کي ۽ مون سان يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهندڙ پڻ نالي پڪارڻ بجاءِ جوڳي سڏين ٿا  ۽ جڏهن ته هو پاڻ ۾ هڪٻئي کي مختلف ذاتين هئڻ باوجود سندن نالن سان پڪارين ٿا. جوڳي سڏرائڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ڇو ته جوڳي لفظ جي معنيٰ آهي جوڳ، يوڳاYoga  مطلب ته ملائڻ. هن محاوري “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ” کي نفرت آميز پس منظر ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سراسر غلط، توهين آميز آهي.

Monday, October 24, 2011

آوازِ اخلاق عرف سنڌي پھاڪا - ڪوڙومل چندنمل کلناڻي


آوازِ اخلاق عرف سنڌي پھاڪا
ڪوڙومل چندنمل کلناڻي

ڪتاب ۽ ليکڪ بابت
ديوان ڪوڙومل جي لکيل ھن ڪتاب جي، گھڻي عرصي کان طلب ۽ تلاش ھئي پر ڇاپي صورت ۾ ملي نه پئي سگھيو. قوي توقع اھا پئي رھي ته شايد ڇاپي ڪتاب ھن وقت دنيا ۾ ناپيد ٿي چڪو آھي. ھاڻي بس ان بابت فقط ڪتابن ۾ تذڪرو پيو ملندو. شابس ھجي سچل ڪاليج نواب شاھ جي ھونھار ليڪچرار جناب محمود ڏاھري صاحب جن کي، جو ڪوڙومل تي ريسرچ جو ڪم ھٿ ۾ کڻڻ سبب، پاڻ سندس ٻين ڪتابن سان گڏ ھيءُ ڪتاب به فوٽو ڪاپيءَ جي صورت ۾ ھٿ ڪيو اٿائون. نيٽ ذريعي ساڻن ڄاڻ سڃاڻ ٿي ھئي. فون تي رابطي بعد ٻڌايائون ۽ ڪتاب جي فوٽو ڪاپي پڻ ڏياري موڪليائون.
ان ڪتاب جي کين فوٽو ڪاپي. علامه داؤدپوٽو لائبرري حيدر آباد مان ھٿ آئي. اھو ڪتاب بنام آوازي اخلاق (پھاڪا) جي نالي سان جريان نمبر ۱۷۴ تي رکيل آھي.
ڪرائون سائيز جي ۴۹ صفحن واري ھن ڪتاب جو سرورق، جنھن ۾ ليکڪ، ڇپائيندڙ اداري، ڇپيندڙ پريس جو نالو ۽ سال ڄاڻايل ھوندو آھي، موجود ناھي. تنھن ھوندي به منڍ مان معلوم ٿئي ٿو ته اھو ڪتاب آوازِ اخلاق آھي ۽ ان جو ليکڪ يا گڏ ڪندڙ ديوان ڪوڙو مل کلناڻي(1844ع– 1916ع) آھي.
بھرحال ھن ڪتاب جي فوٽو ڪاپي مھيا ڪرڻ تي ھيءُ ادارو جناب محمود ڏاھري صاحب جن جو بيحد ٿورائتو آھي.
انجنيئر عبدالوھاب سھتو.
پھرئين ڇاپي جو مقدمو
اصل ھر ھڪ پھاڪو ڪِئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪھڙي وقت ۽ ڪِئن ڪم آڻجي تنھنجي لاءِ بيان ڏيڻ جو ارادو ھوم. ائين ڪجي ھا ته ننڍي وڏي سڀڪنھن کي اُنھن جي ڪم آڻڻ جي پوري سڌ پئجي وڃي ھا ۽ جئن ڪي ڪي ماڻھو پوري مطلب نه سمجھڻ ڪري بي موقع يا اڻ ٺھندو پھاڪو لکي يا چئي وھندا آھن تيئن نه ڪن ھا پر ائين ڪجي ھا ته ڪتاب اھڙو وڏو ٿي پوي ھا جو غريب غربو يا ڇوڪر ٻاڪر وٺي ڪين سگھي ھا. ۽ ھنن پھاڪن کي ڇپائي پڌري ڪرڻ جو جيڪو مطلب آھي سو ھٿ ڪين اچي ھا. تنھنڪري رڳا پھاڪا لکيا اٿم ۽ انھن جي معنيٰ سمجھڻ ۾ ڪجھ سولائي ٿئي تنھن لاءِ اوکن لفظن جي معنيٰ به ڏني اٿم. مگر انھن کي ڪِئن ڪم آڻجي تنھن لاءِ سڀڪو پنھنجي خيال ۽ ھوش تي ھلي.
اڳي به ھڪڙو ننڍڙو پھاڪن جو ڪتاب ڇپيل آھي. ان ۾ پھاڪا ٿورڙا آھن ۽ ٻيو ھڪڙو پھاڪن جو ڪتاب به ٺھيل آھي پر اُھو اڃان ڇپيو ڪين آھي ۽ اُن ۾ به پھاڪا ٿورا آھن. مون اٺ سؤ پھاڪا گڏ ڪري ھن ڪتاب ۾ لکيا آھن. سڀڪو ھي ڪتاب وٺي سگھي تنھن لاءِ رڳو خرچ ساري ان جي تمام ھلڪي قيمت ٺھرائي ويئي آھي.
ڪي پھاڪا جيڪس اُگھاڙا ڏسڻ ۾ ايندا، فحش يعني لفظ ڪَجوڙا يا نا شائستا ڏسڻ ۾ ايندا پر جڏھن پھاڪن جو اھو مطلب آھي ته جنھن ملڪ ۾ اُھي چوڻ ۾ اچن ٿا تنھن جي ماڻھن جي حالت ۽ سڌارو اِنھن مان معلوم ڪجي تڏھين جيئن پڌرا آھن تئن ڇو نه لکجن. اياڻو چوي سياڻو ويڃائي. انھن وانگر سياڻا ۽ سمجھو ماڻھون اِنھن مان صاف داڻا ڪڍي تُھَ کڻي ڦٽا ڪندا.
پھاڪن جي چونڊ ۽ سٽ ۾ مون پنھنجي وس آھر گھٽتائي ڪا نه ڪئي آھي. پر تنھن ڪندي به ھن ۾ پڙھندڙن کي ڪي عيب ڏسڻ ۾ اچن ته وڙ ڪري معاف ڪن ۽ انھن کي سنواري ڇڏين ڇو ته انسان نيٺ خطا جو گھر آھي.

ڪ چ ک

هر خرابيءَ جو بنياد عورت! - الطاف شيخ


هر خرابيءَ جو بنياد- عورت!
الطاف شيخ
پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڌڻ منهنجو ننڍپڻ کان شوق رهيو آهي. پهاڪن جو هڪ انگريزي ڪتاب Proverbs of Far East ۽ هڪ سنڌي ڪتاب ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ اڄ کان ويهه سال اڳ ڇپجي چڪو آهي. Proverbs of far East يعني ’ڏور اوڀر جي پهاڪن‘ ۾ مون چين، جپان ۽ ملائيشيا (جن ملڪن ۾ منهنجو سڀ کان گهڻو وقت وڃڻ يا رهڻ ٿيو) جا پهاڪا ڏنا آهن سنڌي پهاڪن جي ڪتاب ۾ سنڌي ۽ اڙدو جي پهاڪن جي Collection آهي.

پھاڪن جي پروڙ - شمس الدين تونيو لاڙڪاڻوي

پھاڪن جي پروڙ
شمس الدين تونيو لاڙڪاڻوي



ھيءُ رسالو ڪتابي صورت ۾، ايڇ احمد اينڊ سنس بڪ سيلرس ۽ پبلشرس شاھي بازار حيدرآباد سنڌ طرفان ڪرائون سائيز جي ۲۶ صفحن تي ڇپجي پڌرو ٿيو ھيو. ڇپائيءَ جو سال ڪتاب ۾ ڏنل نه آھي. اندازو اھو آھي ته ھيءُ ڪتاب اوڻويھ سؤ سٺ واري ڏھاڪي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيل آھي.
پھاڪن ۽ چوڻين جي شوقينن لاءِ ھيءُ رسالو ٻيھر اي- ڪتاب جي صورت ۾ ھتي پيش ڪجي ٿو. اصل ڪتاب ۾ داخلائن جو تعداد ۴۵۲ آھي. ٻه داخلائون ورجايل آھن، جيڪي ھن ڇاپي مان خارج ڪيون ويون آھن. ان لحاظ کان تعداد ۴۵۰ بيھي ٿو پر اصل مسودي ۾ نمبر ڏيڻ وقت ڪمازيٽر کان سھو ٿي وئي آھي، جنھن ڪري ۴۷۶ داخلا کان پوءِ وري اندراج ۴۷۳ کان ٻيھر شروع ڪيو اٿائين. انھيءَ نسبت سان چار داخلائون اڃا وڌي ويون. جنھن ڪري ھاڻي داخلائن جو جوڙ ۴۵۴ وڃي بيھي ٿو.

ڳوٺاڻو ڳـُـڙُ - ڄاڃي لعل ڊي آهوجا ’طائر‘ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڳوٺاڻو ڳـُـڙُ
ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘
انجنيئر عبدالوھاب سھتو


لکمي کلاڻي ۽ ٻيا سنڌي اديب انڊيا کان سال ٢٠٠٦ ۾ آيل ھيا. نثار حسيني مرحوم پنھنجي جا تي سندن مان ۾شام يا گڏجاڻي رکي ھئي. اتفاق سان مان به آفيس جي ڪم سانگي ان ڏينھن حيدرآباد ۾ ھيس، جنھنڪري ناز سنائي سان گڏجي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو ملي ويو. سنڌ جا ڪيترا ئي اديب يا ادب دوست پڻ آيل ھيا. محمد نواز نوناري مرحوم پڻ مرحوم حيدر علي لغاري سان گڏ آيل ھيو. ڏسندي ئي ڏاڍو اڪير سان مليو. ملڻ شرط اپڪائي چيائين؛ “اڄ جيڪڏھن مون وٽ ھلين ته ڪجھ سنڌو جا پرچا ڏيان.”
 سنڌو رسالي جي ڪن پرچن، جن ۾ جيڪب آباد جي جھونن اديبن بابت معلومات ھجي، تن جي  مونکي پڻ ڳولا ھئي. سال ١٩٣٩ع جا جولا کان ڊسمبر تائين جلد ٻڌل پرچا نورالحق جکراڻي جي سگِ سلطاني لائبرري مان اڌارا ورتا ھيم. اھڙو ئي ڇھن مھينن، جنوري کان جون ١٩٤٢ع، جو سيٽ پڻ سائين الطاف گوھر پيچوھو صاحب ڏنو ھيم.

پھاڪن جي پيڙهه - الله بخش حسين بخش ٽالپر


 پھاڪن جي پيڙهه
 الله بخش حسين بخش ٽالپر 

محبوب سنڌڙي شل تنھنجون ڪچھريون قائم هجن. تنھنجا ڳوٺ وسن ۽ سگهڙ جيئن. تنھنجي راتين جي رهاڻ ۾ جيڪو رس آهي، سو ٻيءَ ڪنھن ڳالهه ۾ ڪونھي. تنھنجي ٻھراڙين جي اوطاق ۾، هميشه موج لڳي پيئي آهي. پوڙها پڪا، ننڍا نيٽا ۽ جيڏا سرتا، اچيو انھيءَ سٿ ۾ ويھن.
اهڙي هڪ قربن ڀري ڪچھري متل هئي. سيارو به ٺيٺ هجي. مچ تي چؤطرف ماڻھو مڙيا پيا هيا. همراهه هڪڙو منجيءَ تي ڪانڀ ڪڍيو، ڳالهه کنيو ويٺو هيو. آءٌ به اوچتو وڃي نڪتس. باهه ڀرِ وٺي، ماٺڙي ڪري، ڳالهه ڏي ڪن ڏنم. ڳچ وقت ڪھاڻي ڪري، پڇاڙيءَ ۾ چيائين؛ “ادا ائين لعل به لڌي ۽ پريت به رهجي آئي.”
ان ڏينھن کان وٺي خيال ٿيم؛ “اهي پھاڪا ضرور ڪنھن ڳالهه مان پيدا ٿيا هوندا! ڇونه اهي ڳالھيون هٿ ڪريان!”
انھيءَ ڪري، ان ڏينھن کان، آءٌ انھيءَ جستجوءَ ۾ آهيان ۽ رهندس. ڪم ڪٺن به آهي ۽ تمام وڏو پڻ. في الحال جيڪي هٿ آيو اٿم، سو ميدان تي آڻيان ٿو. ان کان بعد جيڪي هٿ ايندم، اهو انشاءَ الله پيش ڪندس.
ڪوڙ سچ، راوين جي ڪنڌ تي. مون کي جيڪي هٿ آيو آهي، سو پيش ڪيو اٿم. ٿي سگهي ٿو ته منجهس ڪي غلطيون هجن، تنھن لاءِ سنڌ جي اهلِ قلم حضرات کي عرض گذار آهيان ته؛ “ازراهِ ڪرم! اهڙيون حقيقتون مون ڏانھن لکي موڪلين ته ٻئي ڇاپي ۾ انھن کي درست ڪيو وڃي.”
ڪي پھاڪا خاص ٽڪرن ۾ رائج آهن پر مشھور سڄيءَ سنڌ ۾ آهن. مون انھن کي به هن هنڌ آندو آهي.
آءٌ انھيءَ صاحب جو نھايت شڪر گذار رهندس، جيڪو ٻين پھاڪن جي سوانح حيات، مون ڏانھن لکي موڪليندو.
منھنجو سنڌ جي سگهڙن ۽ ڪچھريءَ جي مورڙن کي خاص عرض آهي ته هو هن ڏس ۾ منھنجي مدد ڪن. سندن اهو احسان، نه رڳو مون تي بلڪ، سنڌ جي سڄي سرزمين تي ٿيندو. 

لوڪ ادب - رائچند راٺوڙ، چيلهار


لوڪ ادب
رائچند راٺوڙ، چيلهار
سنڌ جي شهرن ۾، جتي ڪافي پڙهيل طبقو آهي، ماڻهن جي وندر ورونهن ۽ تفريح طبع لاءِ ڪئين وسيلا موجود آهن. مگر ٻهراڙين ۾ جتي ڪافي عوام اڻپڙهيل آهي، اتي کين پنهنجيءَ وندر لاءِ، ٻين وسيلن کانسواءِ، لوڪ ادب جا بيمثل ۽ بيشمار خزانا موجود آهن. ماڻهو ڏسو ته بلڪل سادا، لنڱن تي پورو لٽو نه لڀين، پر جڏهين ٿا سَٿ ۾ ويهي ملوڪ پنهنجو منهن کولين تڏهن لفظن جون لڙهيون اهڙيءَ طرح ٿا اوتين، ڄڻ سڳين ۾ موتي ٿا پوئين. درحقيقت لوڪ ادب ملڪ جي ٻوليءَ ۽ ادب جو بنياد آهي. ٻهراڙيءَ جي سگهڙن وٽ اڪيچار بي بها خزانو موجود آهي، جنهن کي هو پشت بپشت سيني ۾سانڍيندا آيا آهن. ڪيترا ملوڪ پنهنجي حياتيءَ جو دورو پورو ڪري هليا ويا ۽ اهو خزانو به ساڻ کنيو ويا، ڇو ته وٺڻ وارو ڪو هو ئي ڪو نه. پر هاڻي وقت جي تقاضا آهي ته اهو هنن کان وٺي، ضايع ٿيڻ کان بچائي، پوين لاءِ توشو ڪيو وڃي. خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ پارکو، اورچ، هڏ ڏوکي، سياڻا ۽ سالڪ هجن، جي شيءِ کي سڃاڻي ان جو قدر به ڪن. انهيءَ ڏس ۾ سالڪن ۽ سگهڙن کان ڪي ٿورا ٽڪر ڀور هٿ آيا آهن، سي علم دوست اصحابن اڳيان پيش ڪجن ٿا.

چؤماسي جون چوڻيون ۽ مينهوڳيءَ جا اهڃاڻ - جئه پرڪاش موراڻي


چؤماسي جون چوڻيون ۽ مينهوڳيءَ جا اهڃاڻ
جئه پرڪاش موراڻي
ڀلي بلبَن جي روشني راتين کي ڏينهن ۾ بدلائي ڇڏي، ڀلي ڏامر هاريل روڊن تي تيز رفتار بسن جي ڪري ڏينهن جو پنڌ ڪلاڪن ۾ کٽي وڃي، ڀلي مٺڙائو مان نڪتل رڻ شاخ مان پائيپ لائين ذريعي سنڌوءَ جو مٺو پاڻي مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلي جي ماڻهن جا ٽانڪا ڀري، ڀلي کارن کوهن تي (شهرن جي حد تائين) ڪنڊن جا ڀينٽارا رکي انهن کي بند ڪيو وڃي، ڀلي تڙن تان گوشين جي هڪل ۽ ڀؤڻن جا ڀڻڪا ٻڌڻ ۾ نه اچن، ڀلي پٿرن جهڙيون دليون رکندڙ شڪاري ٿر جي واٽن تي پاڻي لاءِ پريشان ٿيندڙ هٺيلن هرڻن کي گولين جو بک بڻائين، ڀلي ڪنهن اڻ ڄاتل ۽ ري ڪوٺي بيماري سبب مهراڻي جي مورن ۾ موت جو رقص ٿيندو هجي پر ٿاريلن ۽ وڏڦڙي جي وچ  ۾ جيڪو سڱ آهي ۽ وُٺي جي هوائن جي معطر خوشبوءَ جي جيڪا مهڪ آهي ان جو ٿرئي جي من سان جيڪو سٻنڌ آهي ان کي ٽوڙڻ ڏاڍو ڏکيو يا ايئن کڻي چوان ته اڻ ٿيڻي آهي.

پھاڪن جي پاڙَ بابت ٻه اکر - عبدالڪريم سنديلو

پھاڪن جي پاڙَ بابت ٻه اکر
عبدالڪريم سنديلو


 “وينجهار”، “سنڌ جو سينگار” ۽ “تحقيق لغات سنڌي” لکندي، جيڪي به پھاڪا، اک تي چڙهندا هئا، سي يڪ جاءِ ڪندو ويندو هوس. تنھن کانسواءِ ٻُڌ سُڌ مان هٿ پئي آيا، سي پڻ گڏيندو ويندو هئس. جڏهن ڏٺم ته ڏسڻ جھڙو مواد موجود ٿي ويو آهي، تڏهن ميدانِ عمل تي آڻڻ جو ارادو ٿيو. پر وري خيال آيو ته هر هڪ پھاڪي جي اصليت ڏجي ته بھتر. ڪيڏو نه ڪـَٺن ڪم! 

پھاڪا ۽ سنڌي ادب - نظام الدين ڪلھوڙو


پھاڪا ۽ سنڌي ادب
نظام الدين ڪلھوڙو
پھاڪو، لوڪ ادب جي ھڪ اھم صنف آھي. اسان جو عوامي ادب، جنھن کي لوڪ ادب سڏيون ٿا، اھو اصل ۾ اسان جو قديمي، قيمتي، فطري ۽ بنيادي ادب آھي. ھن ۾ عوام جي عادتن، حالتن ۽ طبي طور طريقن، سماجي روين ۽ سماج ڏانھن جوابدارين جو بيان رقم ٿيل ھوندو آھي. پھاڪو، لوڪ ادب ۾ نه رڳو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آھي، پر اڳئين جڳ کي جاچڻ لاءِ به ڄڻ ته آرسي آھي. جنھن ۾ عام سماجي حالتن کي ڏسڻ کان پوءِ گذريل زماني جي تصوير به چٽيءَ طرح چڪاسي سگھجي ٿي.
اسان جي قديم ۽ فطري زبان سنڌي ٻوليءَ جي پھ پچار مان پتو پوي ٿو ته ھيءَ ٻولي چوڻين ۽ پھاڪن سان ائين سينگاريل آھي، جيئن نيرو آڪاس تارن سان، ڄڻ ڪو شاھي تاج ڪنھن وينجھار ويھي، جواھرن سان جڙيو آھي. ھنن املھ موتين ۽ جواھرن جي حسن جي پچار پوءِ ڪبي، پھريائين ھن ڳالھ کي پھيون ته پھاڪو خود آھي ڇا؟

Tuesday, October 4, 2011

A Hand Book of Sindhi Proverbs rendered in to English- اي ھئنڊ بوڪ آف سنڌي پراوربس

http://www.docstoc.com/docs/97944180/Sindhi-Proverbs-and-Sayings


ڪتاب، نيٽ تي سڌو پڙھڻ لاءِ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ مٿي ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.


PART I.

The Sindhi Proverbs with translation and contrasted with their English equivalents.

الف
1.      ابي چاڙھي، ادي چاڙھي، مون نه چاڙھي ته ڪنھن نه چاڙھي.
My father cooked, my brother cooked, but if I did not cook, than nobody cooked.
           c.f.
1.      Pedigree won’t call a lame horse.
2.      اڀ ۾ ٿڪ اڇلائي سو منھن ۾ پائي.
Who spits against sky, spits in his own face.
           c.f.      
1.      Pride goeth before a fall.
2.      Who spits against the wind, spits in his own face.
3.      He loses many a good bit that striveth his betters.
4.      Spit not against heaven, it will fall back in thy face.
3.      اٽي جو گھوٻاٽو.       
اڪڀر جو مڪڀر.
1.      Cudgel for flour.
2.      At opposite extremes.
           c.f.      
1.      I am speaking of hay and you of horse-corn.
2.      I talk of chalk and you of cheese.
3.      I ask for a fork and you bring the rake.
4.      اٽو کاڌو ڪئي، مار پئي گابي تي.
The mouse ate the flour, but the beating fell on the calf.
           c.f.      
1.      The ox ate the corn and they beat the donkey for it.
2.      One doth the scath and another hath the scorn.
3.      One doth the blame, another bears the shame.
4.      Sat the saddle on the right horse.
5.      اٺ نه پڄي، ھڻي ٻورن لتون.
Unable to cope with the camel, he kicks the sacks.
           c.f.      
1.         Since he cannot be revenged on the ass he falls upon the packsaddle.
6.      اٺ تان وڃڻي لٿي ته به اٺ ٿيو ھلڪو.
Even the removal of a fan, makes a camel burden light.
           c.f.      
1.      The last drop makes the cup run over.
2.      A little more breaks the horse’s back.
3.      It is the last straw that breaks the camel’s back.
7.      اٺ ڀريو به ڪرڪي، سکڻو به ڪرڪي.
A camel mumbles, laden or empty.
           c.f.      
1.      Pigs grunt about everything and nothing.
2.      You are never well, full nor fasting.
8.      آپ نه مريئي سرڳ نه جا.
Without the annihilation of self, one cannot enter into heavens.
           c.f.      
1.      It is no small conquest to overcome yourself.
2.      Fight, but fight only with yourself.
3.      Lay self aside or God will lay you aside.
4.      No one is mighty, but he that conquest himself.
9.      آپني گھوٽ ته نشا ھووي.
Grind your own cannabis (bhang) so that you may get it intoxicated.
           c.f.      
1.      Paddle your own canoe.
10.  آج ھما، سڀان تما.
Today I, tomorrow you.
           c.f.      
1.      Today me, tomorrow thee.
2.      What is my turn today, may he thine tomorrow.
11.  اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيئي اڳڙيون.
Don’t regard the whiteness of the turban, inside it is all rugs.
           c.f.      
1.      All is not gold that glitters.
2.      Gilded tombs, do worms infold.
3.      A clean glove oft hides a dirty hand.
4.      A fair face may hide a foul heart.
5.      All are not saints that go to church.
6.      A saint abroad and devil at home.
7.      Judge not according to the appearance (Bible).
8.      Whited sepulchers.
9.      To clean the outside of the cup platter.
10.  Beauty is skin deep.
12.  اڌ کي ڇڏي جو سڄي ڏي ڊوڙي، تنھن جو اڌ به وڃي.
He, who giving up the half, runs after the whole, loses the half also.
           c.f.      
1.      Grasp all, lose all.
2.      All covert, all lose.
3.      Much would have more and lost all.
4.      Catch not at the shadow and lose the substance.
5.      Quit not certainty for hope.
6.      A bird in the hand is worth two in the bush.
13.  اڏيندي ڏينھن لڳن، ڊاھيندي ويرم نه لڳي.
It takes a long time to build, but none to pull down.
           c.f.      
1.      It is easier to pull down than build.
2.      Friendship is not so soon got as lost.
14.  آزمائي کي آزمائي، سو ڌوڙ منھن ۾ پائي.
He who tries the friend, casts dust into his own face.
           c.f.      
1.      Confide not in him who has once deceived you.
2.      He that cheats me once, shame for him, he that cheats me twice, shame for me.
3.      Beware of the stone thou stumbledst at before.
4.      It is a silly fish that is caught twice with the same bait.
15.  استاد جي مار، ٻار جي سنوار.
Chastisement by the teacher is improvement for the child.
           c.f.      
1.      Spare the rod and spoil the child.
2.      Better the child cry, than the father sigh.
3.      Woe to the house where children are neglected.
16.  اڪ جي ماکي نه آھي، جا لاھي وٺبي.
It is not honey on Ak (swallow root) that can be removed.
           c.f.      
1.      Rome was not built in a day.
2.      An oak is not felled with one blow.
17.  اڪن کان ٿو آما گھري.
He expects the Ak (swallow root) to yield mangoes.
           c.f.      
1.      Don’t expect to find otto of roses in a dog-kennel.
2.      Don’t expect to find ostrich feathers on a gander.
18.  اکرين ۾ جي مٿا وجھن، سي مھرين ڀر ڪئن ڊڄن.
Those who thrust their heads into mortars, how they be afraid of pestles?
           c.f.      
1.      He, who would catch fish, must not mind getting wet.
2.      Those who play with edged tools must expect to cut themselves.
3.      Don’t play with bears if you are afraid of being bitten.
19.  اڳياڙي تڏھن سُرھي، جڏھين پڇاڙي سُرھي.
The beginning is good when the end is good.
           c.f.      
1.      All is well that ends well.
2.      Praise a fair day at night.
20.  اڳيان چڪ، پٺيان ڌڪ.
Mire in front, and jostling from behind.
           c.f.      
1.      Go forward and fall, go backward and mar all.
2.      Between the Devil and the deep sea.
21.  اگهه کٽيو کائجي، وَٽ کٽيو نه کائجي.
Enjoy profits by a rise in rates, but not by (false) weights.
           c.f.      
1.      It is no sin to take a good price, but to give ill measure.
2.      Charge at your pleasure, but give me good measure.
3.      Weight right and sell dear.
22.  اگهه ڪنھن وڌو، چي؛ جنھن جي نه سري.
Who fixed the price? He, who could not do without (the article).
           c.f.       Necessity never made a good bargain.
23.  اگھ مٺي ڪي اللھ مٺي.
Oppressed partly by high price and partly by God.
           c.f.       Misfortunes seldom come single.
24.  اڱرن پيٺي ھٿ ڪارا.
Coal impounding makes hands black.
           c.f.      
1.      They that touch pitch will be defiled.
2.      Be in the Mill and expect to have flour on your coat.
3.      Sleep in the soot and you will be black.
4.      He that deals in dirt will not keep clean hands.
25.  اللھ به سڃاڻي سڱ ٿو ڏئي.
God also gives horns discreetly.
           c.f.      
1.      Curst crows have curt horns.
2.      God arms the armless.
3.      God tempers the wind to the shorn lamb.
26.  امل ماڻڪ ھجي پيٽ ۾ ته بکي منھن ۾.
If a diamond is in the stomach, it shines forth in the face.
           c.f.       A good name keeps its luster in the dark.
27.  اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.
He does not cleanse his inner man, but washes (sacred) threads.
           c.f.      
1.      A saint abroad and a devil at home.
2.      Ye, blind guides! which strain at a gnat and swallow a camel.
28.  اندر ٻڏ ٻھون، ٻاھر آٽڻ ان جو.
Inside plenty of bran, outside a coating of flour.
           c.f.      
1.      Appearances are not to be trusted.
2.      All that glitters is not gold.
29.  انڌا رکن روزا، تڏھين ڏينھن به ٿين وڏا.
When the blind observe fasts, the days also become long.
           c.f.       Sad hours seem long.
30.  انڌن آندو، ڪتن چٽيو.
The blind brought and the dogs licked.
           c.f.       A careless watch bids the thief come in.
31.  انڌن وڃي ملتان لڌو.
The blind have been able to find Multan.
           c.f.       Seek and ye shall find.
32.  انڌو ھاٿي لشڪر جو زيان.
A blind elephant is destructive to (his own master’s) troops.
           c.f.       Mettle is dangerous in a blind horse.
33.  انسان، خطا جو گھر آھي.
Man is the abode of the error.
           c.f.       To err is human, to forgive is divine.
34.  اڻ گھريو، ما به پٽ کي نه ڌارائي.
Even a mother does not suckle her child, unasked.
           c.f.      
1.      Spare to speak, spare to speed.
2.      Ask and it shall be given.
3.      Bashful dogs get little meat.
4.      Dumb folks get no lands.
35.  اھو ڪي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي.
Do what may be of use to you on a rainy day.
           c.f.      
1.      Lay up something against a rainy day.
2.      For a rainy day, lay store away.
3.      Make hay while the sun shines.
4.      They must hunger in frost that will not work in heat.
5.      He, who looks not before, will soon be behind.
6.      In fine weather prepare for foul.
7.      Go to the ant, thou sluggard, consider her ways and be wise.
8.      Save something for the sore foot.
36.  اھو سون ئي گھوريو، جو ڪن ڇني.
37.  اھا ساھ ئي گھوري، جا سر تڪي.
Sacrifice that gold which tears the ears.
Those jewels are good for nothing, which endanger life.
           c.f.      
1.      Better a tooth out than aching.
2.      Batter an empty house than a bad tenant.
3.      Omit ornament if it straitens strength.
38.  اھو وڻ ئي ڪونھي، جنھن کي وا نه ڌونڌاڙيو آھي.
There is no tree which has not been shaken by the wind.
           c.f.       No house without mouse, no rose without thorns.
39.  اھو ئي ھٿ کير ۾، اھو ئي ھٿ نير ۾.
That very hand in milk and that very hand in indigo.
(i.e. happy now and unhappy the next moment.)
           c.f.      
1.      Change of the fortune is the lot of life.
2.      Shadow and shine is life, little Annie, flower and thorn. (Tennyson)
40.  آھر جي آسري، جھنگ نه چنائون، ساوا گاھ پٽن ۾ بيٺي ڏٺائون.
Expecting the manger to be full, they did not graze in the jungle, but stood gazing at green grass in the meadows.
           c.f.      
1.      Better have an egg today than a hen tomorrow.
2.      Quit not certainty for a hope.
3.      A bird in hand is worth two in the bush.
4.      One today is worth two tomorrow.
41.  آھِ غريبان، قھر خدائي.
The cries of the poor bring down the wrath of God.
           c.f.      
1.      The prayer of the innocent is never unheard.
2.      God will grind to powder those who grind the poor.
42.  آھي ته به دک، نه آھي ته به دک.
Having is misery, and not having is misery.
           c.f.      
1.      Gold, when present, causeth fear, when absent, grief.
2.      We cannot do with it or without it.
3.      Give me neither poverty nor riches; feed me with food convenient for me. (Bible)
43.  آھي ته عيد، نه ته روزو.
If there is money, it is Id; otherwise a fasting day.
(Id is a Muhammadan merry-making day)
           c.f.      
1.      Waste not, want not.
2.      He sups ill who eats all dinner.
3.      Willful waste makes woeful want.
44.  آئي ٽانڊي کي، بورچاڻي ٿي ويٺي.
She came to fetch live coal, and sat down as cook.
           c.f.      
1.      Give him an inch and he will take an ell.
2.      Give a clown your finger and he will take your whole hand.
3.      If a camel once gets his nose into the tent, his whole body will enter.
45.  آئي سڱن کي، پر ڪن به ڪپائي ويئي.
She came for horns, but went back with ears cropped.
           c.f.      
1.      Many go out for wool and come home shorn.
2.      The camel going to seek horns, lost his ears.
3.      Many go out for clothes and come home stripped.
4.      Striving to better, oft we mar what is well.
46.  آئي کي آدر، وئي کي پادر.
Welcome him that comes, bid adieu to him that goes.
           c.f.       welcome the coming, speed the parting guest.
47.  اياڻو چوي، سياڻو ويڃائي.
A fool speaks, but a wise man ponders.
           c.f.       A fool may give a wise man counsel.
48.  ايڪ پنڌ، دو ڪارج.
One trip and two duties (done).
           c.f.      
1.      Kill two birds with one stone.
2.      To catch two pigeons with one bean.
49.  ايڪ صحت، ھزار نعمت.
Health is worth a thousand blessings.
           c.f.       Good health is above wealth.
ب
50.  بڇڙو ڪتو، ڌڻي پڻائي.
A wicked dog disgraces his master.
           c.f.       Bad servants wound their master’s fame (Gay)
51.  بختاورن جا ڍڳا به ويامن.
دولتمندن جا ڏاند به ڏڀن.
Even the oxen of the fortunate are delivered of calves.
Even the oxen of the rich are milked.
           c.f.      
1.      Throw him into the Nile and he will come up with fish in his mouth.
2.      He would get money in desert.
3.      Where be to toss up a penny it would come down a pound.
52.  بدن ۾ دم نه ٺھي، نالو زوراور خان.
No breath in his body and his name is Mr. Mighty.
           c.f.       Great boast, little roast.
53.  بڙا ڪھاوڻ بڙا دک پاوڻ.
A great name is a great misery.
           c.f.      
1.      Uneasy lies the head that wears the crown.
2.      Climb not too high, lest the fall be greater.
3.      High places have their precipices.
4.      The great ship has also great dangers.
5.      Regal honors have regal cares.
54.  بسياري، خواري.
Excess brings disgrace.
           c.f.       too much of one thing is good for nothing.
55.  بک بڇڙي بلا،چڱن کي چريو ڪري، دانا ديوانا ڪري.
Hunger is a dire calamity, it makes the wise insane.
           c.f.      
1.      A hungry man, an angry man.
2.      Hungry bellies have no ears.
56.  بک ۾ بصر به مٺا.
In hunger even onions taste sweet.
           c.f.      
1.      Hunger is the best sauce.
2.      Hunger makes hard bones sweet beans.
3.      Hunger makes raw beans relish well.
57.  بکيا ويا سڃن وٽ، چي؛ عيد ڪنداسون.
The hungry went to the niggardly, saying; “we would have a merry day.”
           c.f.       To dine with Duke Humphery.
58.  بکيي جي اک چلھ ۾.
بکيي کي بٺ به ڏور.
The eye of the hungry is fixed on the fire-place.
To a hungry person even the kitchen appears distant.
           c.f.       hungry men think the cook lazy.
59.  بندي جي من ۾ ھڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.
The slave has one thing in his mind, the master another.
           c.f.       Man proposes, God disposes.
60.  بي عقل کان بي ڏاڙھيو ڀلو.
Better beardless than senseless.
           c.f.       Chins without beards are better than heads without brains.
61.  بيٺي جو سڀڪو يار.
Everybody is a friend to a man of standing.
           c.f.      
1.      A full purse never lacks friends.
2.      He that hath guineas shall soon have cousins.
62.  بيڪار کان، بيگار ڀلي.
Better forced labor than no employment.
           c.f.      
1.      Better work for nothing than be lazy.
2.      Idleness is the greatest prodigality in the world.
ٻ
63.  ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
Two brothers and the third an (even) reckoning.
           c.f.      
1.      Even reckonings keep long friends.
2.      Make every bargain clear and plain that none may afterwards complain.
3.      Money has no blood relation.
64.  ٻه ته ٻارھان.
Two are twelve.
           c.f.      
1.      Union is strength.
2.      Three helping each other are as good as six.
65.  ٻه گدرا مُٺِ ۾ ڪين اچن.
Two melons cannot be held in one hand.
           c.f.      
1.      You cannot serve two masters.
2.      You cannot drink and whistle at the same time.
3.      Grasp no more than your hand will hold.
4.      If you meddle with many things, you will muddle them all.
5.      Who hunts two hares at once, catches none.
66.  ٻاٻل آچاري، پر ڪو مڃي.
The headman may speak, but who is going to obey.
           c.f.       Glendower- I can call spirits from the watery deep.
Hotspur- Why, so can I, and so can any man; but will they come when you do call for them.
67.  ٻانڀڻ ۽ ٻڪري، پاڙي جي ڦَڪڙي.
A Brahman and a goat are a nuisance to the neighborhood.
           c.f.       Kings and bears oft worry their keepers.
68.  ٻائي جو ٻائو، تيوڻ جو تيوڻ.
Priest as well as a vegetable.
           c.f.      
(A priest having once been asked his name, replied; “Reverend Brenjal.” Brenjal being vegetable, the questioner remarked that he was a priest as well as a vegetable.)
69.  ٻٻرن کان ٿو ٻير گھري.
He demands berries of a babul tree.
           c.f.      
1.      Going to a goat house to look for wool.
2.      You cannot make a silk purse out of a sow’s ear.
3.      You cannot draw blood from a stone.
4.      You cannot gather berries off a whinbush.
5.      Look not for musk in a dog kennel.
6.      You cannot expect pippins from a crab tree.
70.  ٻڏي ٻيڙي جو لوھ به چڱو.
Even iron from a foundered boat is something.
           c.f.       Of an ill paymaster, get what you can, though it be but a straw.
71.  ٻري تيل کامي وٽ، واھ ڙي ڏيا واھ.
The oil is consumed, the wick burns, bravo, oh lamp, bravo.
           c.f.       The blood of the soldier makes the glory of the general.
72.  ٻڪري جنھن وڻ سان ٻڌجي سو وڻ چري.
The goat nibbles the tree to which it is tied.
           c.f.       The goat browses where he is tied.
73.  ٻلي کي خواب ۾ ڇڇڙ.
74.  جي جاڳندي، ستي به سيئي.
Even in dreams a cat sees offal.
What one thinks of while awake, one thinks of in sleep.
           c.f.      
1.      The wish is father to the thought.
2.      We are apt to believe what we wish for.
75.  ٻلي شينھن پڙھايو، ڦر ٻلي نون کاوڻ آيو.
The cat trained the lion, and the lion turned to devour the cat.
           c.f.      
1.      I taught you to swim and now you would drown me.
2.      Bring up a raven and it picks out your eyes.
3.      To nurse a Serpent.
ڀ
76.  ڀتين کي به ڪن آھن.
Even walls have ears.
           c.f.      
1.      Walls have ears.
2.      Little pitchers have long ears.
77.  ڀري ٻير ھيٺان ٿو بک مري.
78.  ڀرئي شھر مان، ڀاڳو لڌا ڀڳڙا.
He starves under a ber (jujube tree) full with fruit.
Bhagu could find only parched gram in a thriving town.
           c.f.       To starve in a cook-shop.
79.  ڀڳو شيشو ڪڏھين نه ڳنڍجي.
80.  کُڏَ جو ڪريو ھٿ اچي، دل جو ڪريو ھٿ نه اچي.
A broken glass can never be made one.
One fallen from a roof can be mended but not one fallen from the heart.
           c.f.      
1.      Broken eggs can never be mended.
2.      Broken friendship may be soldered, but it is never sound.
81.  ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
Pull on with the broken until a whole one can be had.
           c.f.       Keep your old shoes until you get new ones.
82.  ڀلا ڪر، ڀلا ٿيويئي.
Do good, have good.
           c.f.      
1.      One never loses by doing a good turn.
2.      God mind, good find.
3.      Make others happy, and you will be happy.
ت
83.  تاڙي، ھڪ ھٿي ڪين وڄندي آھي.
One hand cannot clap.
           c.f.      
1.      It makes two to make a quarrel.
2.      Two cannot quarrel, if one won’t.
3.      When two quarrel, there’s two in the wrong.
84.  ترار جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇٽي.
85.  وڻو لھي وڃي، رڻو ڪين لھي.
A sword-cut may be cured, but never a tongue-cut.
A wound caused by a weapon heals, but a wound inflicted by words never.
           c.f.      
1.      The tongue is not steel but it cuts.
2.      Evil words cut worse than swords.
3.      The tongue bites sharper than the teeth.
4.      Slander, whose edge is sharper than the sword whose tongue out venoms all the worms of Nile (Cymbeline).
86.  ترت دان، مھا پڃ.
A prompt gift is high merit.
           c.f.      
1.      He doubles his gift, who gives in time.
2.      He gives twice that gives in a trice.
87.  تر جي گٿي، سَوَ چوٽون کائي.
A slight neglect entails a hundred hardships.
           c.f.      
1.      A little neglect may breed great mischief.
2.      A stitch in time saves nine.
3.      By timely mending, save much pending.
4.      Know your opportunities, opportunities do not wait.
5.      An occasion lost, cannot be redeemed.
88.  تسي تسي، شل نه رسي.
May he never be kind and never angry.
           c.f.       Against God’s wrath, no castle is thunder-proof.
89.  تڪڙ، ڪم شيطان جو.
90.  تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي.
Haste resolutions seldom speed well.
A hasty bitch brings forth blind puppies.
           c.f.      
1.      Hasty resolutions seldom speed well.
2.      A hasty man never wants woe.
3.      The hasty hand catches frogs for fish.
4.      The hasty angler loses the fish.
5.      The more haste, the worse speed.
91.  تنھنجو سو منھنجو، منھنجي ھٿ نه لا.
Yours is mine, but do not touch mine.
           c.f.      
1.      Heads I win, tails you lose.
2.      What is yours mine, and what is mine, is my own.
92.  تيل سھانگو ھو ته، گدڙن به ھوند چوٽيون مکيون.
93.  پھڻ ڪونئرا ھوا ته، ھوند گدڙن کائي ڇڏيا.
If oil were cheap, jackals would smear their top-knots.
If stones were soft, jackals would eat them all.
           c.f.      
1.      If wishes were horses, beggars would ride.
2.      If straws were swords, I would have one by my side.
3.      If wishes might prevail, shepherds would be kings.
4.      Mere wishes are bony fishes.
5.      Wishers and woulders are poor house holders.
ٿ
94.  ٿڌو گھڙو، پاڻ کي پاڻھيئي ڇانو ۾ وھاري.
A cool jar commands a shady place.
           c.f.      
1.      Conciliatory manners command esteem.
2.      Good wares make quick markets.
3.      Good wine needs no bush.
4.      Fair faces need no paint.
95.  ٿوري کٽئي، گھڻي برڪت.
Small gains yield abundance.
           c.f.      
1.      Light gains make a heavy purse.
2.      Quick returns and small profits make rich merchants.
ٽ
96.  ٽٽون کي ٽارو، تازي کي اشارو.
A rod for a colt and a nod for an Arab horse.
           c.f.      
1.      A word is enough to the wise.
2.      The wise with a thick, the foolish with a kick.
3.      A nod for a wise man and a rod for a fool.
ٺ
97.  ٺڪر وٺجي، ته به ٺڪي ٺوڪي.
Even an earthen jar should tested before purchasing.
           c.f.      
1.      Never buy pig in a poke.
2.      Taste and try before you buy.
98.  ٺونٺ لڳي، ساھيڙي ڀڳي.
An elbow struck and friendship broke.
           c.f.       Friends are like fiddle strings, they must not be screwed too tight.
پ
99.  پاپ جو گھڙو، ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
A sin’s vessel fills and fills until it bursts at last.
           c.f.      
1.      God stays long but strikes at last.
2.      God’s mills grind slow, but grind to powder.
3.      The mills of God grind slowly, but they grind exceeding small.

100.                      پاپ ڪي مايا، پراڇت کايا.
A sinful gain is lost in atonement.
           c.f.      
1.      Evil gotten, evil spent.
2.      Light come, light go.
3.      Ill gotten goods seldom prosper.
4.      Badly won is soon wasted.
5.      Gain when badly gotten is sure to turn rotten.
6.      What comes by the devil shall go back to him.
7.      Things ill got, have ever bad success.
101.                      پاڻ پني، گھوڙا ڳنھي.
Lives himself by begging and purchases horses.
           c.f.       Who spends before he thrives, will starve before thinks.
102.                      پاڻ نه پلي، ڏوجھان متيون ڏئي.
He does not restrain himself, but admonishes others.
           c.f.      
1.      First practice at home, than preach abroad.
2.      Practice what you preach.
3.      The fair preached against stealing, when he had a pudding in his sleeve.
4.      He tells me my way and does not know his own.
5.      Physician, heals thyself.
103.                      پاڻي کان اڳي ٿو ڪپڙا لاھي.
104.                      ڪپھ ڪڇ ۾، پڙي- مبارڪ.
105.                      سلي کان اڳي ٿو سنگ ڳڻي.
1.      He puts off his clothes before seeing water.
2.      She has cotton under her arm pit, and congratulates herself upon wearing the gown to be made of it.
3.      He counts ears of corn before the germs have shot forth.
           c.f.      
1.      Count not your chickens before they are hatched.
2.      Catch the bear before you sell his skin.
3.      You cry out before you are hurt.
4.      Do not share the spoil before you gain the victory.
5.      First catch your hare, and then cook it.
106.                      پاڻي ۽ باھ، ٿورا ڪري نه ڄاڻجن.
Think not lightly of fire and water.
           c.f.       Fire and water are good servants but bad masters.
107.                      پُٽُ سپُٽُ ڪپُٽُ، پينگھي ۾ پڌرو.
Whether a son is worthy or worthless, he is known while is in the cradle.
           c.f.      
1.      The child is the father of the man.
2.      The childhood shows the man, as morning shows the day.
3.      It early pricks that will be a thorn.
108.                      پٺي مار، پيٽ نه مار.
109.                      پيٽ ڀر، پٺي لڏ.
1.      Strike my back, but not my belly.
2.      Fill the belly and load the back.
           c.f.      
1.      Give me roast meat and beat me with the spit.
2.      Take the bit and the buffet with it.
110.                      پرائي بودون، ڪاٺ ڪپھ کان ڪونئرو.
At the expense of other people, wood is softer than cotton.
           c.f.       Many cut broad thongs out of other people’s leather.
111.                      پرائي آس، ڪني جي تاس.
Depending on others, is feasting on what sticks to the pot.
           c.f.      
1.      Dependence is a poor trade to follow.
2.      He that trusts to borrowed ploughs will have his land lie fallow.
3.      He that waits for another man’s trencher eats many a late dinner.
4.      He, who depends on another, dines ill and sups worse.
5.      He, who feeds on charity, eats cold victuals.
112.                      پرائين دھلين، احمق نچي.
113.                      پرائي جھار، پرائي جھرڪي.
1.      A fool dances to the beating of (merry) drums at the door of others.
2.      Another man’s tree, another man’s sparrows (why should strangers meddle?)
           c.f.      
1.      Fools will be meddling.
2.      Pry not into the affairs of others.
114.                      پرائي پلا کان، پنھنجي پڇ به چڱي.
Better one’s own gruel than another’s plan (dish of meat and rice cooked together.)
           c.f.      
1.      Dry bread at home is better than roast meat abroad.
2.      One foot is better than two crutches.
115.                      پرڻ چوي ڏونگھي کي؛ ھل ڙي ٽِه- ٽونگا.
The sieve says to the coconut ladle, a vaunt of three holed fellow.
           c.f.      
1.      The pot calls the kettle black.
2.      The shovel mocks the poker.
3.      The kiln calls the oven burnt house.
4.      Crows have no cause to blame rooks for being black.
5.      The frying pan says to the kettle, a vaunt, and black brows.
116.                      پڙھڻ ترڻ سيڱ ھڻڻ، چوٿين سواري،
ننڍي ھوندي نه آيا، وڏي ھوندي خواري.
If reading, swimming, archer and ridding are not learnt in early life, disgrace is the result in advanced age.
           c.f.      
1.      It is less painful to learn in youth than to be ignorant in age.
2.      Learn a craft while you are young, than you may not have to live by craft when you are old.
117.                      پڙھي ھرڪو، پر کرو ڪو ڪڙھي.
Early body learns, but few become practical.
           c.f.       A handful o commonsense is worth a heap of learning.
118.                      پڙھي پاڻ نه ڄاڻي، ماري ختابي.
(He) cannot read himself, but chastises pupils.
           c.f.      
1.      The losing horse blames the saddle.
2.      A bad reaper blames the sickle.
119.                      پگھر بنا، پئسو ڪونھي.
120.                      رت ڪٽورو ڏيئي، ٿو ڀت ڪٽورو وٺجي.
1.      No money without sweat.
2.      To acquire a cup of gruel, one has to give a cup of blood.
           c.f.      
1.      He who little sweats, but little gets.
2.      No sweet, without sweat.
3.      He, who would have a hare for breakfast, must hunt over-night.
121.                      پلا جھڙي پدمڻي، جي ھڪي حاضر ھو،
بوسي وجھ پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پو.
If a dainty like plau at hand, stuff the belly with it, not minding if it bursts.
           c.f.       Better belly burst than good drink or meat lost.
122.                      پنندڙن، وڏا ڀاڱا.
Beggars receive a great share.
           c.f.       A taking hand will never want.
123.                      پنھنجي لاھي، جنھن ھٿ ۾ ڪئي،
تنھن کي ٻئي جي، لاھيندي ڪھڙو ڀؤ.
He, who has taken off his own (turban or hat) holds it in the hand, will not be afraid to pull off that of another.
           c.f.       Beware of him who regards not his reputation.
124.                      پنھنجي ڪئي جو، نڪو ويڄ نڪو طبيب.
No remedy for one’s own doing.
           c.f.      
1.      Don’t make a rod for your own back.
2.      He that seeks danger, perisheth therein un pitied
3.      He that cuts himself willfully deserves no salve.
4.      If you leap into a well, providence is not bound to fetch you out.
125.                      پنھنجي گھر، ٻلي به شينھن.
Even a cat is lion at home.
           c.f.      
1.      Every dog is valiant at its own door.
2.      Every cock fights best on his own dung-hill.
3.      Every dog is lion at home.
126.                      پنھنجو لک پيو سھي، ٻئي جو ڪک پيو نه سھي.
He can bear a lakh of self-imposed burdens but not a straw cast by another.
           c.f.       A burden, which one chooses is not felt.
127.                      پنھنجو کائجي، گوبند ڳائجي.
128.                      پنھنجي ڪکين، ڪوئي نه لکين.
129.                      پنھنجي، سنھنجي.
130.                      جھڙو ثمر آپڻو، تھڙو مِٽُ نه ڪوئي.
1.      Eat your own and praise God.
2.      He, who dwells in his own house, does not care for others.
3.      Our own is convenient.
4.      No provision is a equal to one’s own.
           c.f.      
1.      Your own legs are better than stiles.
2.      On one’s own saddle, one rides fast.
3.      Dependence is a poor trade to follow.
131.                      پنھنجو منھن، پنھنجو موچڙو.
132.                      موچي جا گھڙيا، موچي جي منھن ۾.
1.      One’s own face and one’s own shoe.
2.      Manufactured by the shoe-maker (the shoes) strike in his face.
           c.f.       It is the sport to have the engineer, hoist with his own petard.
133.                      پوکين تان ڪي پوک، جيسين پاڻي اٿيئي پاڙ ۾.
If you have to cultivate, do so while there is water about the roots.
           c.f.      
1.      Make hay while the sun shines.
2.      Strike while the iron is hot.
3.      When fortune smiles on thee, take the advantage.
134.                      پھريائين پيٽ پنجو جو، ٻار ٻچا سڀ پو.
135.                      پاڻ کان مٿي جو ٻئي کي گھري، سو به ڏائڻ.
1.      Panja says: first my own belly, children, and the rest afterwards.
2.      He is also a ghost who loves others more than himself.
           c.f.      
1.      Charity begins at home.
2.      Close sits my shirt, but closer my skin.
136.                      پيٽ، ڪتا به پيا پارين.
Even dogs manage to fill their own bellies.
           c.f.       He is unworthy to live, who lives only for himself.
137.                      پيٽ ۾ بک، ارھ ۾ آڪڙ.
Hanger in the belly and haughtiness in the breast.
           c.f.       Great boast, little roast.
138.                      پير ڀلو، ڪي ويساھ ڀلو.
Of faith and Pir (a Muhammadan spiritual guide), which is superior.
           c.f.      
1.      Faith unfeigned breeds hope unfailing.
2.      Faith’s eye sees in the dark.
139.                      پير کي ڪم، ٺڪا سان.
The Pir (a Muhammadan spiritual guide) cares only for the sound.
(A person made a vow to break a coconut at the shrine of a saint, if his desire was gratified. When his object was fulfilled, he broke only a lotus-nut at the shrine, and consoled himself with the thought that, the Pir cared only for sound.)
           c.f.      
1.      From gold to nothing, like Mandra bull’s offering.
2.      To bring a noble to nine pence, and nine pence o nothing.
3.      Vows made in storms, are forgotten in calm.
140.                      پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پيسا.
Jesus is a pir (guide,) Moses is a pir, but money is a greater pir.
           c.f.      
1.      Be it for better or be it for worse, be ruled by him that beareth the purse.
2.      Money will do more than my Lord’s letter.
3.      Money makes the mare to go.
4.      Money is God of the world.
141.                      پي پرڻيو نه سنڀران، ڏاڏو کڻان ھنج،
پپر جي پاڙ مان، ٻيريون ڪڍان پنج.
I don’t remember my father married, (yet) I take my grandfather in my lap (as if he were my child) and from out the root of a Pipul tree, I take five berry trees.
           c.f.      
1.      The lamb teaching its dam to bleat.
2.      Teach your grandmother to suck eggs.
3.      Shall goat-lings teach the goose to swim?
4.      Teach your father to get children.
142.                      پينچن ۾ پرميشور.
In an assembly of elders dwells God.
           c.f.       The voice of the people is the voice of God.