پھاڪن جي
پاڙَ بابت ٻه اکر
عبدالڪريم سنديلو
“وينجهار”، “سنڌ جو سينگار” ۽ “تحقيق لغات سنڌي”
لکندي، جيڪي به پھاڪا، اک تي چڙهندا هئا، سي يڪ جاءِ ڪندو ويندو هوس. تنھن کانسواءِ
ٻُڌ سُڌ مان هٿ پئي آيا، سي پڻ گڏيندو ويندو هئس. جڏهن ڏٺم ته ڏسڻ جھڙو مواد موجود
ٿي ويو آهي، تڏهن ميدانِ عمل تي آڻڻ جو ارادو ٿيو. پر وري خيال آيو ته هر هڪ پھاڪي
جي اصليت ڏجي ته بھتر. ڪيڏو نه ڪـَٺن ڪم!