Showing posts with label ڳوٺاڻو ڳـُـڙُ، ڄاڃي لعل آهوجا طائر، انجنيئر عبدالوھاب سھتو، پھاڪا، چوڻيون، ورجيسون، اصطلاح،. Show all posts
Showing posts with label ڳوٺاڻو ڳـُـڙُ، ڄاڃي لعل آهوجا طائر، انجنيئر عبدالوھاب سھتو، پھاڪا، چوڻيون، ورجيسون، اصطلاح،. Show all posts

Monday, October 24, 2011

ڳوٺاڻو ڳـُـڙُ - ڄاڃي لعل ڊي آهوجا ’طائر‘ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڳوٺاڻو ڳـُـڙُ
ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘
انجنيئر عبدالوھاب سھتو


لکمي کلاڻي ۽ ٻيا سنڌي اديب انڊيا کان سال ٢٠٠٦ ۾ آيل ھيا. نثار حسيني مرحوم پنھنجي جا تي سندن مان ۾شام يا گڏجاڻي رکي ھئي. اتفاق سان مان به آفيس جي ڪم سانگي ان ڏينھن حيدرآباد ۾ ھيس، جنھنڪري ناز سنائي سان گڏجي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو ملي ويو. سنڌ جا ڪيترا ئي اديب يا ادب دوست پڻ آيل ھيا. محمد نواز نوناري مرحوم پڻ مرحوم حيدر علي لغاري سان گڏ آيل ھيو. ڏسندي ئي ڏاڍو اڪير سان مليو. ملڻ شرط اپڪائي چيائين؛ “اڄ جيڪڏھن مون وٽ ھلين ته ڪجھ سنڌو جا پرچا ڏيان.”
 سنڌو رسالي جي ڪن پرچن، جن ۾ جيڪب آباد جي جھونن اديبن بابت معلومات ھجي، تن جي  مونکي پڻ ڳولا ھئي. سال ١٩٣٩ع جا جولا کان ڊسمبر تائين جلد ٻڌل پرچا نورالحق جکراڻي جي سگِ سلطاني لائبرري مان اڌارا ورتا ھيم. اھڙو ئي ڇھن مھينن، جنوري کان جون ١٩٤٢ع، جو سيٽ پڻ سائين الطاف گوھر پيچوھو صاحب ڏنو ھيم.