پھاڪا ۽
سنڌي ادب
نظام الدين
ڪلھوڙو
پھاڪو، لوڪ ادب جي ھڪ اھم صنف
آھي. اسان جو عوامي ادب، جنھن کي لوڪ ادب سڏيون ٿا، اھو اصل ۾ اسان جو قديمي،
قيمتي، فطري ۽ بنيادي ادب آھي. ھن ۾ عوام جي عادتن، حالتن ۽ طبي طور طريقن، سماجي
روين ۽ سماج ڏانھن جوابدارين جو بيان رقم ٿيل ھوندو آھي. پھاڪو، لوڪ ادب ۾ نه رڳو عوام
جي زندگيءَ جو آئينو آھي، پر اڳئين جڳ کي جاچڻ لاءِ به ڄڻ ته آرسي آھي. جنھن ۾ عام
سماجي حالتن کي ڏسڻ کان پوءِ گذريل زماني جي تصوير به چٽيءَ طرح چڪاسي سگھجي ٿي.
اسان جي قديم ۽ فطري زبان
سنڌي ٻوليءَ جي پھ پچار مان پتو پوي ٿو ته ھيءَ ٻولي چوڻين ۽ پھاڪن سان ائين
سينگاريل آھي، جيئن نيرو آڪاس تارن سان، ڄڻ ڪو شاھي تاج ڪنھن وينجھار ويھي، جواھرن
سان جڙيو آھي. ھنن املھ موتين ۽ جواھرن جي حسن جي پچار پوءِ ڪبي، پھريائين ھن ڳالھ
کي پھيون ته پھاڪو خود آھي ڇا؟
