ٿاريلا ۽ ٿر
برسات کان اڳ- برسات ۾- برسات کان پوءِ
دوست ڏيپلائي
ٿر ٿوهر گهر
جهوپڙا، هُـو پهرن مٿي پٽ پاڪ،
وهن وراڪن ۾، جن جي اجوکــــي اوطــــاق.

ويچارا! ٿاريلڙا سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ
کي گهڻو جاچين.. چي ...اڄ پٽاڙجي اُڀريو آهي، متان دل لاهيو.. اڄ موگهون ڪڍيون
اٿس.. مينهن جي مبارڪ ملي ويئي.. “سوموار، شڪر، وسپت
جي جر ڪونڊو هوءِ- ٽي پهري، ٽي ڏهاڙي جو ريلتو جوءِ...” سومر، جمعو ۽ خميس
ڏينهن جي، سج ۽ چنڊ کي پڙ ڏٺائون، ته پير ڀري پاڙيسرين کي مينهن جون وڌايون وڃي
ڏيندا..چي.. “مولا مهر جا مينهن وسائيندو.. بر ۾ بهاريون ٿينديون..؟” وري جي
جهرڪين گهر ڇڏيا ته دل لهي ويندن.. چي.. “الا ڪا پت جي گذاري .. جهرڪيون گهر ڇڏي
ويون آهن..” تاڙن جي تنوار، مورن جي ٽهوڪيءَ کي به ماروئڙا ڪن ڏين ... چي .. برسات
ساري اٿن... “موران ميهه نه وسري- جيئن هاريءَ کي
ڀتوار...” مورن کي مينهن جڏهن ياد پوندو، تڏهن فرياد ڪندا... ۽ هاري کي ڀتي
جو انتظار هوندو آهي- مور جي اک ڪاري ڪڪر ۾ کتل، ته ٻنيري جي نظر ڀتو آڻيندڙ جي گس
ڏانهن مڙيل.. مطلب ته عجيب رنگ آهي.. جيئن سِپ سنواتيءَ جي انتظار ۾ وات پٽيو پئي
انتظار جون گهڙيون گهاري... تيئن ويچارا ٿاريلڙا ڪڪر ۾ آس لڳايو پيا دل کي خوش
ڪن.. سپ کي جيڪڏهن سنواتي (مينهن- ڦڙو) ملي ته منجهانئس موتي پيدا ٿيندو... پر جي
بر جي بانڪن کي باري تعاليٰ بر ۾ بهاريون ڪري ڏنيون، ته هو ٿاريلڙا موتين کان
مُلهائتا، ڀاڳوند، پنهنجي مالڪ جا ڳُڻ ڳائيندا...
اُٺي جو واءُ وريو. ڌڻ ڌڪي دڙن
ڀيڙو ڪريو. ڪڪر ڌڙو ڌڙ ڌاروڙا وڏ ڦُڙو وسائي رهيا آهن.. ڇمر پٺيان ڇمر ڇوهيندا ۽
ڇٽڪارون ڪندا پيا اچن... ڪارا ڪڪر وسڻ جا ويس پايو کلندا، کِوندا، گَجندا- گُڙندا،
لس لهريون ٻڌيو، چوڌاري چڙهي ريا آهن.. اِجهو.. مينهن اچي ويو. وڏ ڦڙي جا واڪا ته
ٻڌو- ڄڻ ته ڇڄ ڀريو پيو ڇٽڪاري- لهر لڳي ويئي...“ڀيڄ
مولا! گوڏي جيڏو ريج!’ بجليءَ جا ڪڙڪاٽ ۽ شرڙاٽ، سندن دل تي ذرو به اثر نه
ڪندا آهن... هر ڪنهن جي واتؤن “الله الصمد” جو آواز پيو نڪرندو.. مينهوڳيءَ ۾ مال
کي سُريليون سينڍون هڻيو، پيا وٿاڻن ڏي ورائيندا. جهُڙ ٿئي ته جهنگ ۾ رهن- ٿڪي ٽٽي
ڌڻ جي سنڀال لهن...ڀتل ڌڻ وٺي صبح جو کڏون کوٻا نه ڀري. ائين ٿيو ته ماڻهو ٿڪون
هڻندا... لوڪ جو لعنتاڻو سهڻو پوندو.. ڦَر ڦُلو، رهي کُهِي من تان مور نه
لاهيندا.. ڀلي کڻي ست جُهڙي سنڌ جي... جهُڙ ۾ جهل ئي نه پوي... مَر پيا ميگهه
وسن..: مجال! جو کڻي ٿڌڙي ڇُهي لڳي ڇرڪ ڀرين... سندن لڱن جا لُونءَ ڪانڊارجن، جيئن
ڀِڄن، تيئن بهار ٿين. ڳاٽ ڳوڇارون ڳولي، وڻن جا ور ۽ ڀرجهلي، واڙيون ۽ وٿاڻ
بڻائيندا.. متان ڌڻ کي ڇهو ڇني نه ماري. ڀيڙين جو ڀرم
آهي. ننڍيون وڏيون نظر ۾ ته آهن.. سنهون ڌڻ
آهي چڀڙن جي ڀري... ڇٽي ته داڻو داڻو ٿي ويندي... مينهوڳي رات ۾ ڳولڻ ڏکيو
ٿي پوندو.. ويچارو سنهون ڌڻ ته آهي ئي ڪتي ٻليءَ جو
کاڄ! جي نظر کان ٿڙيو ته اُڀري جو سندن اوکاڄ به نظر نه ايندو.. “پل جي گٿي سَو سَٽون پائي”. “ڌڻ پنهنجو سنڀالجي، ڏوهه ٻئي کي نه ڏجي”. عجيب چوٻول
آهن. بنا اجهي، ڍنگهر جي ڍار. الله جي آسري. اکين جي اونگهه ڦٽائي، روزيءَ جي تلاش
۾ سرگردان رهن. سري ٻانهن ڏيئي پولڙين ۾ پاسا ورائڻ وارن جي زندگي ته ڄڻ جهاد اڪبر
آهي.. سندن جهوپڙا ٽِم ٽِم ڪيو ٽِمن، پَٽ پُسيو چڪون چارا ٿين.. پر سدائين سرها
سنوار.. چي.. “مينهن ۽ مهمان، گهڙي پل جا مهمان”-
“مينهن جي پُسائي، حاڪم جي ماري تي ڪهڙو ارمان.”
الله جي رحمت جيترو وسي، اُن وس آهي... تڙ- ترايون، تليون، حَرُ تار ٿيو ڇوليون
هڻيون پيون ڇلڪن... بادل بس ئي نه ڪري. پر مجال! جو ٻاڙو ٻولن! چي... نوائي ۽
اُجالو ٿئي.. ڌڻ به ساهي پٽي ۽ اکين جي اونگهه به اُجهايون.. اجوکين اوطاقن ۾ کين
اُلڪو نه اُڻ تڻ.. ٿر جي واري. وسندي مينهن پڌري پاڻيءَ جي ڇنڊ به نه ڇڏي.. ڀل کڻي
ڪيترو به وڏ-ڦڙو واڪا ڪريو پيو وسي.. پر مٿس چڪ چارو مور نه ٿئي.. پَٽ پَٽيهر
پايو، ڀلي پَٽ تي پيو پاسا وراءِ. سنگهاريون سانجڻ ليءِ آڌي ڏيو اُٿن. وڏ-ڦڙي
وسندي، ولوڙا ولوڙي، جهڻ جهُڳي جهُوجهُو... ڪري پيون جهيلائتو جهونگارين... مکڻ
ڀريا هٿڙا ڏسيو پيون مَرڪن ۽ مُرڪن.. کير ڦڙِي جي هاج لاهيو، ماٽورا مکڻ لسيءِ
چُلهن تي چاڙهين... وسندي مينهن، گهر جي سڀ سانجڻ سهيڙ کن ۾ کڻيو پوري ڪن... پئي
پرک پرهه جو چونريون، چڙوا- مٽ ماٺورا- ٽاماين جا سر ۽ ٽيلهڙا کڻيو، وڏي لاڏ ڪوڏ
سان ٽلنديون وڏيءَ ويل وڃيو وٿاڻن تي سهڙن... مينهن
وسندي مال جي ڏهائي به ڏکي... برسات جا اوهيرن تي اوهيرا ... اُپٽڻ جي به
ويساند نه؛ پر سانگي سدائين سرها... مال کي مهلائتو ميڙي، ڏوڀ ڏُهائي ڪري، ڀٽارين
کي ڀتل ڀاڻ جي بدبوءِ مان ڪڍي، ڪندا ٻُڪر ٻنڌ ۽ هُڙڪن جي هنج حوالي.. ته مال پَل
پهر ريتي ٻڌل رونڻا جهلي ساهه پٽي؛ پر جي جهڙ ۾ جهل نه پئي، ته پيرن تي اَبهي رات
وهائيندا. کير چڪو ملي وين ته مهل ٿي. ان جا ڪيڙا، مُور ناهن. گَس پنڌ ويندي جي
چار گُوها وات ۾ وڌائون، ته ڄڻ مهلائتي ماني ملين. سانگيڙا ڊيهون ٻڌي ساٿ ڏيو
سهڙن. ستئِي سيمون چرندا، پر مال کي سيم مان سوهي سموهي سهڙائيندا ساٿ جهلي. متان
ڪا ڪنهن کي مشڪل پوي. ڀيڙن جو ڀرم آهي. ڇنڊ
ڦڙيءَ جو ڌڻ کان ڇِنل ٽُٽل ڇيهه ٿيڻ نه ڏيندا. ورائي ڪندا ولر ڀيڙي، پوءِ ڪنهن جي
به کڻي هجي. پرائيءَ پنهنجيءَ جو ويڇو مور نه رکن... چي.. متان ڪنهن غريب جي وٺي
مينهن وڃي هلي. مينهوڳيءَ ۾ ڌنار ڌڻ کي تڙ ترايون نه ڏيکاريندا ۽ نه وري ورائي
وٿاڻن تي آڻيندا.. چي؛ “ڌڻ ڪارڻ جهُڙ ۾؛ جهنگ ننگ آهي.”
ڪُک پن ڪُرٽيو پيون قوت ڪنديون.. رائي رتين ريلن ۾ رکيو ڇا آهي... ڏکن جي رات پوري
ٿي.. سکن جو سج اُڀريو .. پرهه باکون ڪڍيون ... هاڻي اوير ناهي.. ڌرتي ته ڏسو؛
ڦُٽي ڌؤنرا ٿي پيئي آهي.. اوڀڙ اوٻارا ڏيو پيو اٿي.. جهنگ پچي پوندا... رهيون
کهيون ريلن ۾ رؤنشا ڪنديون.. واهه، جوڙيندڙ جي جوڙ! ڌڻولي
ڌڻ ري دلگير رهن.. ڀل کڻي ٻي ڪنهن ڪار ڪرت مان لک لهن پر سندن روح کي راحت
تڏهن اچي ... جڏهن مال مچي..!
اُهي خشڪ واريءَ جا دڙا، ڀيانڪ ڀٽن
وارو وايو منڊل، خاردار خشڪي جا وڻ، جي پنهنجي بدحالي تي ماتم پٽي رهيا آهن، ٿر جي
ويچاري واري جنهن کي بي رحم طوفان دربدر ڪري رهيو هو، اهي اگهاڙا ڪنڊن ڀريا وڻ اڄ
مڃر ۽ مور سان مخمور ٿي جهولي جهمي رهيا آهن. رائي رتيون ريلون ۽ ڀٽن جا گوڇار ۽
تڙڪول جهڙا چَتونءِ-پک چهچ ساوا، گلن ڦلن جي هٻڪار ۽ ولين واس ماروئڙن جي ملڪ کي
مست بڻائي ڇڏيو آهي. بر ۾ بازاريون لڳي ويون،
پکا پکن سامهان اڏي، وس-چرو ويڙهيچن اچي پراڻا پڊ وسايا. ڀاڻن وٿاڻن تي ڀيڙيون
ڀٽاريون ڏسيو دل پئي بهار ٿئين.. چوڌاري چڙن جي چُڻ ڀُڻ ٻڌيو پيا سرير ۾ سرها ٿين،
۽ ديس جي دڙي دڙي تي پيا دونهون دونڪائين. مال تان مڇر مهو ٽري! مال جي مک ٺري ته
چار ئي پهر پيون چرنديون. چڙا چينگهارينديون. مجال! جو گوڏو ٻيڪڙين. پرهه جو پويان
پير ڪنديون. اوهه اڪيڙو ڪنڊن. ڌنار جون روڪيون نه رهنديون. جيتر ميڙائو ۽ ڏهائي نه
ٿيندين. ڏهائي ڪري، سڻايون ڪندا سائي سيم ڏي. پوءِ ته ويٺو ڏس. ڪي وري کيٽن ۾ ساوا
سلا اُسرندا ۽ اوڄون ڏيندا ڏسي پيا وهسندا. اڻ اُڀري اٿن، ته وري تارن ڀري رات ۾
موٽن. جڏهن پوک جا سلا سمهه ۽ ست ڀريا سمجهن تڏهن سڏ وجهن ڇيڙ ڇٻيڙ ۽ آڀت جو. گهر
گهر مان ننڍو وڏو اَڻ اُڀري لَسيءَ لِپ پِيو کَهو ڪلهي کڻيو کيٽ ڏي پيو ويندو. کيٽ
۾ گڏيا، پوءِ ويٺو ڏس ۽ ٻڌ! همَرچي جي هونگار لڳي ويندين. کَها کرب پيا هلائيندا.
پگهر واٽون ڪري پيو وهندو. دم اندر ۾ پورو نه پيو ٿيندو. پر مجال! جو چيلهه سڌي ڪن.
چيلهه سنئين تڏهن ڪندا، جڏهن پنهنجو مُهاڙو پورو ڪندا. کيٽ ڄڻ ته ٿيٽر بڻجيو وڃي.
هَمرچي جي هُنگهه. جهُول اصل جيءَ ۾ جڙجي ويندي. سلا لڏاڻيا ته ڄڻ آيا. مٿان پوک
پڪي ته پوءِ ڪندا ڪرهولن ۽ کنين ٺاهڻ جو سعيو. کنيون کوب بڻائي، ڪڙڇ ڪڍي ڪندا تيار.
پوءِ ويچارا ٿاريلا چنڊ ڏسي چڱو وار نهاري، وجهندا کيٽ ۾ لابارو. پرهه ڦٽيءَ جو
ڪاهي پهچندا کيٽ ۾. اول بادشاهه پير جو پڪل پوک مان پورو ڪڍندا، پوءِ ڪندا لابارو
شروع. کيٽ لائيءَ تي مور نه لُڻائين. پنهنجو پاڻ لُڻن ۽ چونڊا چارا ڪن. لُڻندي جي
ڪچو اَڀون هٿ لڳي وين ته بيهي هڻندا تري. اَڇو اَن ڪري هڻندا ڦڪ وات ۾. کائيندا ۽ کلندا
وتندا. کيٽ ۾ گرميءَ گهُٽ ۽ پوک جي آهٽ جي پرواهه مور نه ڪن. جي کڻي تونس تپاين ته
پاڻيءَ ڪاڻ پاٿارءَ ۽ پيهي پاسي مور نه موٽندا. نمي کڻندا کيٽ مان پڪل ڇانهون. هٿ
جي ٺونگي يا اَرڪ سان ڀڃي اڌو اڌ ڪري بيهندا کائڻ. منٽن ۾ ڪوري کڻي ڪٽوري جهڙو
بڻائيندا. وري ڪُريون مَور زيان نه ڪندا. چونڊي ميڙي کڻي کُپر ۾ وجهندا. سڄي ڏينهن ۾ ساهيءَ پٽڻ لاءِ اوتارو هڪ ڀيرو ڏسن. سندن اوتارو ڏسڻ وٽان آهي. ميوي جي
مارڪيٽ پيو معلوم ٿيندو... گدرا، ڇانها، چڀڙ، ريڀڙ ڍنگ سان رکيا هوندا. مزمان مڙو
آيو ته پوءِ ويهي ٺونگا هڻي ٺڪائيندا، چي: “جي ڪچو
آهي پر ڀلو، هي پڪو پر ڀوڏ.” ٻنيرن جا ٻارڙا ته اوتاري ۾ اُڀري کان لٿي
تائين رهن- ۽ ٻيا خوبان کيٽ جي تلاش وٺن. سندن کاڏيءَ تان ڇانهين جي رس جا ريلا
وهندا نظر ايندا. ميوا ۽ رس جا رتل ڪپڙا، سندن بت کي اٻالا ۽ اَڻاوا مور نه لڳندا،
پر کين ويتر پيا وڻندا ۽ سيبائيندا.
ٿاريلن جا کيٽ، ڪا
سيٺ ورند مل جي واڙي ته ناهي، جت چڀڙ، ريڀڙ به تُراڙي جي پُڙ تُرِن.
هتي ته جهنگ پچيو پون. پيو کاءُ ۽ کڻ. ليکو رکندي، لڄ
اَچي. مهمان کي کيٽ مان ڇانهون چڱو چوکو چونڊي ڏين ته ڀل کائي خوش ٿئي ۽
چار چؤنڪ ڳالهين جا ٻڌائي اُٿي. کيٽ ۾ گدرن تي ماڻهن جو والهوٽو لڳيو وڃي. پيا اٺ
۽ گڏهه گدرن جا لڏين. پر مجال جو ٻنيرو کڻي منهن ۾ سَر وجهي. پر سدائين پيو کلندو
۽ هٿ ڏس ڪندو....
سي ٿاريلا
ٿَرن ۾، جي مان گهَٽُ گهُري
وطنُ وَسَ
وَســـنديتُون، هُنيڙي نِتُ هُري
اَندر چِت چُـري، وِره ويڙهيــچَنِ جـو.
(شاهه)
No comments:
Post a Comment