هر خرابيءَ جو بنياد- عورت!
الطاف شيخ
پهاڪا
۽ چوڻيون ٻڌڻ منهنجو ننڍپڻ کان شوق رهيو آهي. پهاڪن جو هڪ انگريزي ڪتاب Proverbs of Far East ۽ هڪ سنڌي ڪتاب ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ اڄ کان ويهه سال اڳ ڇپجي چڪو آهي. Proverbs
of far East يعني ’ڏور اوڀر جي پهاڪن‘ ۾ مون چين،
جپان ۽ ملائيشيا (جن ملڪن ۾ منهنجو سڀ کان گهڻو وقت وڃڻ يا رهڻ ٿيو) جا پهاڪا ڏنا
آهن سنڌي پهاڪن جي ڪتاب ۾ سنڌي ۽ اڙدو جي پهاڪن جي Collection آهي.
