Friday, August 24, 2012

پهاڪن جي پيڙھ - ارشاد ڪاغذي

پھاڪن جي پيڙھ
ارشاد ڪاغذي
بلڪل صحيح آهي ته، آهي اسان جو يار، پر جوڙ سڄي جڳ سان جڙيل اٿس. ٻار کان ٻڍي تائين ۽ ٻڍي کان لاش تائين، لِڇ سڀ سان لڳندي ايندي اٿس.
همراھ جي جوڙجڪ به نرالي آهي. ٽنگون مولانا آزاد جهڙيون، ڌڙ ضمير جعفري جهڙو ۽ ٻوٿ اڪبر الھ آباديءَ وانگر. جيڪڏهن منهن تي ٻئي هٿ رکي ويهندو ته سراسر سردار پٽيل پيو لڳندو ۽ جيڪڏهن مٿي سان وال ڪپڙي جو ٻڌندو ته اڪالي دل جي ڏک ڏيندو. ڳالهائيندو ته علامه چرڪين کي به شھ ڏيئي ڇڏيندو.

مردن جي بالادستيءَ لاءِ پهاڪي جو غلط استعمال - منصور ٿَلهو

مردن جي بالادستيءَ لاءِ پهاڪي جو غلط استعمال
منصور ٿَلهو
ڏاهپ رکندڙ فردن جي ذهن مان ڦٽي نڪرندڙ ڳالهيون، جنهن ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون، ڏور ۽ ڳجهارتون آھن، جيڪي سمجهاڻين ۽ صدين جي تجربن ۽ مشاهدن سان ڀريل هونديون آهن، تن مان زندگيءَ کي سمجهڻ جي وڏي ڄاڻ ملندي آهي. يارن جي چوڪڙيءَ ۾ ويهي، ڳالھ ڪندي ڪندي ماڻهو پنهنجي گفتگوءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين کي چئي، ٻڌندڙن تي ڏاهپ جو اثر خوبصورت انداز ۾ ڇڏيندو آهي. پهاڪن ۽ چوڻين جو درست ۽ موقعي مهل جي مناسبت سان استعمال، ٻوليءَ جي سگھ سان گڏ ان جي سونهن ۾ به واڌارو ڪندو آهي. پهاڪو، لوڪ ڏاهپ جو اساس آهي. عام زندگيءَ ۾ ان جو استعمال، روزاني ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. پهاڪي جي خصوصيت اها آهي ته؛ اهو ڪتابن وسيلي سفر نه ٿو ڪري. پر عام ماڻهوءَ جي زبان وسيلي، صدين جو پنڌ ڪري ٿو. جڏھن ته پهاڪي جو تحفظ، ڪنهن به سماج ۾، عام ماڻهو ئي آهن. ڳوٺن ۾ پڪا پوڙها ماڻهو، وڏي ڪمال جا هوندا آهن. سندن ڪچهرين ۾ ويهندي، پهاڪن ۽ پرولين جو استعمال وڻندڙ ۽ خوبصورت هوندو آهي. پهاڪو اتي زنده هوندو آهي، جتي ثقافت پنهنجي روح سان موجود هجي. ان جي لاءِ ٻهراڙيون مناسب رهيون آهن. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ اهڙو ماحول شهرن ۾ جڙندي نظر نه ٿو اچي.

Friday, July 13, 2012

پراڻن لفظن جي نئين ڊڪشنري - وسعت الله خان

پراڻن لفظن جي نئين ڊڪشنري
وسعت الله خان
سچ: هڪ افسانوي پکي آهي، جيڪو ڪنهن کي ڏيکاري نٿو ڏئي، پر سڀ ان جي ڳولها ۾ رُلي رهيا آهن.
ڪوڙ: سچ جي ٻئي رخ کي “ڪوڙ” چيو ويندو آهي. پر جيئن ته نج سون مان زيور ٺاهڻ لاءِ ان ۾ “کوٽ” ملائڻي پوي ٿي، اهڙي ريت نج ۽ نبار ڪوڙ به اڄڪلهه ڪم نٿو اچي. سچ هجي يا ڪوڙ، اهي نج استعمال ڪرڻ سان قبضي ڪن ٿا. تنهن ڪري ڪوڙ کي سچ ۾ ٿورو ٿورو ملائي، صبح شام استعمال ڪرڻ، چوڻ ۽ ٻڌڻ وارن لاءِ وڌيڪ مفيد ۽ هاضم آهي.

Friday, April 27, 2012

ڪي پھاڪا Some Proverbs - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


انجنيئر عبدالوھاب سھتو
نمبر
ڪي پھاڪا
Some Proverbs
1.       
آھي ته عيد، نه ته روزو
Waste not, want not
2.       
آئي سڱن کي، پر ڪن به ڪپائي وئي
Many go out for wool and come home shorn
3.       
اياڻو چوي، سياڻو ويڃائي
A fool may give a wise man counsel
4.       

شاهه جي سُر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال - احمد خان ڪيريو

شاهه جي سُر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال
احمد خان ڪيريو
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کي دنيا جي انهن عظيم شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن جو ڪلام هر لحاظ کان معياري ۽ مڪمل مڃيو ويو آهي. ڀٽائيءَ جي ڪلام جو هر بيت، مڪمل ۽ حڪمت سان ڀريل نظر اچي ٿو. تنهن کانسواءِ، سندس ڪلام جي هڪ اها به خصوصيت آهي ته ان کي جيترو گهڻو پڙهبو، اوترو وڌيڪ دلچسپ ۽ وڻندڙ پيو معلوم ٿيندو.
لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ تمام گهڻيون سٺايون ۽ سهڻايون آهن، جن تي نظر وجهڻ کانپوءِ اهو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ واقعي سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو ۽ پارکو هو ۽ انهيءَ لحاظ کان اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته ٻوليءَ جي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي ڪجهه لطيف ڏنو آهي، اهو ٻئي ڪنھن به شاعر نه ڏنو آهي ۽ موجوده سنڌي زبان جو اوج ۽ عروج به ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي  ڪري ئي آهي.

Saturday, April 21, 2012

عزيز جو ڪتاب ”سنڌي اِصطلاح“


عزيز جو ڪتاب ”سنڌي اِصطلاح“
ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي (جنم: 19 ڊسمبر 1897- ديھانت: 19 آگسٽ 1971) پنھنجي تخلص ”عزيز“ سان سنڌي ساهت جڳت ۾ وڌيڪ مشھور هئو. مان کيس سندس ادبي لکڻين ذريعي ته پنھنجي اسڪولي جيوَنَ کان وٺي سُڃاڻندو هوس، پر ساڻس پھرين مُلاقات تڏهن ٿي، جڏهن هُو ”صُراحي“ ڪتاب تي ساهتيه اَڪادميءَ جو عطا ڪيل انعام وٺڻ لاءِ دهليءَ آيو هئو. هرومل سدا رنگاڻيءَ جي گهر سندس ديدار ٿيو هئو. چٽيءَ طرح ياد اٿم ته کيس هڪدم سڃاڻي نه سگهيو هوس. تصويرُن ۾ ڏٺل ”عزيز“ ۽ روبرو نظر ايندڙ ”عزيز“ ۾ چڱو فرق هئو. وار سفيد، ڳٽن ۾ ڪي قدر گُهنج، پيشانيءَ تي لنبي عمر مان حاصل ڪيل اَنُڀؤُ جون ريکائون. اِن هوندي به سندس شخصيت رعب ۽ حشمت واري هئي. فُل سوٽ ۽ نيڪ-ٽاءِ پاتل قد-آور ۽ بَرجستو مُڙس هو. ڳالهين ڪندي چپن تي هلڪي مُرڪَ. گفتگوءَ ۾ فهميدو چرچو، گهٻو. سندس رنگين مزاج، هر ڪنهن کي مُتاثر ڪندڙ هئو. اوڀاريون لھوريون ڳالهيون ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جو ذڪر نڪتو. شڪايت واري نوع ۾ چيائين ته؛ اڄ ڪلهه جي سنڌي اديبن کي پنھنجيءَ مادري زبان جو به پورو عِلمُ ڪونهي. سندن لکڻين ۾ ٻوليءَ ۽ مُحاورن جون بيشمار غلطيون آهن. نوجوان سنڌي شاعرن کي ته بحر-وزن، قافيي-رديف جي به پوري ڄاڻ نه آهي.

Friday, April 20, 2012

سُر ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح - نور افروز خواجه

سُر ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح
نور افروز خواجه

ٻولي انسانن جي وچ ۾ اظھار جو هڪ اهم وسيلو آهي، جنھن کي انسان پنھنجي مرضيءَ مطابق جوڙيو. ٻوليءَ ۾ آواز ته گهڻا ٿا ٿين، پر ان جي جوڙجڪ خاصي مونجهاري واري آهي. انھن آوازن جي مدد سان هڪ عام رواجي ذهن وارو ماڻهو به ڪيترا ئي لفظ ٺاهي ٿو[1]. ٻولي اها ئي شيءِ آهي، جيڪا انسانن کي انھيءَ لائق بنائي ٿي ته هو پاڻ جھڙن ٻين انسانن سان خيالن جي ڏي-وٺ ڪري سگهن. ٻين جي اڳيان پنھنجي نفس جا رايا کولي، خواهشن ۽ اميدن، خوفن ۽ خطرن جو اظھار ڪري سگھن. انھيءَ کان سواءِ، انسان خود پاڻ کي سڃاڻي نٿو سگهي ۽ انھيءَ وسيلي هو پنھنجي ماحول جو مشاهدو ڪري سگهي ٿو.