ٽِڦڻين سان لابارو ڪرڻ
(ورجيس/ اصطلاح)
مير حسن مري
اسان مري ٻروچن جا وڏا جڏهن سنڌ
آيا، ته کين چيو ويو ته: ”ڪڻڪ جا داڻا کپن ته لابارن جي مُند آهي، هلي لابارو ڪيو.“
ٻروچن کي ٻيو ڪو اوزار گھر ۾ ڪو نه هيو. ماني اٿلائڻ لاءِ فقط ٽڦڻيون هين. سي کڻي اچي لابارن تي پھتا.



