پهاڪا ۽ اصطلاح
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ٻوليءَ
۾ پهاڪن ۽ اصطلاحن جي استعمال سان ٻوليءَ جي وسعت ۽ هڪ مڪمل ادبي زبان هئڻ جي خبر
پوي ٿي. جڏهن به ڪنهن قوم يا ملڪ جي ماڻهن ۾ ڪي تاريخي واقعا ۽ ڳالهيون عام خاص جي
زبان تي اچي وڃن ٿيون ته ان ۾ موقعي مطابق چيل گفتا ۽ جملا مشهور ٿي ٿا وڃن ۽ انهن
چوڻين کي پهاڪا چئبو آهي.
پهاڪو
معنى عقل ۽ ڏاهپ جو اهو نڪتو جنهن مان ڪا حقيقت ٿورن پر وڻندڙ لفظن ۾ ڄاڻايل هجي جيئن “بک لڇڻ وڃائي، ڏمر عقل وڃائي” يا نياڻيءَ کي مائٽ لاڳ ڏيندا ڀاڳ نه ڏيندا. وغيره
پهاڪو سماج جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو. سنڌي پهاڪو سنڌي عوامي زندگيءَ جو آئينو آهي،
سنڌ جي تهذيب و تمدن، ريتن ۽ رسمن، مذهبي خيالاتن، معاشري جي طور طريقن ۽ قديم
تاريخي اهڃاڻن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. سياڻن، سگهڙن ۽ عاقلن جا مختصر پر جامع قول معنى خيز
۽ پر مقصد آهن، جيڪي سماجي حقيقتن تان نقاب لاهي وائکو ڪن ٿا.
پهاڪي
۾ وڏو سچ لڪيل هوندو آهي، جيڪو سماجي اعتقاد کي ظاهر ڪري ٿو. سنڌي پهاڪا سنڌ جي
سچار ۽ صداقت واري زندگيءَ جي ترجماني ڪن ٿا.
پهاڪا
۽ اصطلاح سڌريل ٻولي ۽ ادبي ٻوليءَ جو مرڪ آهن.
پھاڪا
اٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٽ لهي:
پراڻو ۽ تجربيڪار شخص نئين سيکڙاٽ کان هوشيار ٿئي ٿو.
اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو:
اٺ هميشه جنگلي گاھ، لاڻو ڳوليندو، گهوڙي کي داڻو،
گهرجي، مرد کي ڌن دولت ۽ محبوب جو ناز و انداز ئي سهڻو لڳندو آهي.
اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏجي:
سستي نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به ڪم کي آئنده لاءِ ڇڏبو ته
اهو ڪونه ٿيندو.
اڄاڻ کي جهڙي مصري تهڙي ڦٽڪي:
بيوقوف کي ڪوبه ڪم سمجھ ۾ نه ايندو آهي.
اڌ کي ڇڏي جيڪو سڄي لاءِ وڃي تنهن جو اڌ به وڃي:
لالچي جيڪڏهن ٿورو حصو ڇڏي گهڻي لاءِ وڃي ٿو ته کانئس
ٻيئي حصا وڃن ٿا.
استاد جي مار، ٻار جي سنوار:
استاد جي سيکارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ مار پيءَ جي مهربانيءَ
کان وڌيڪ چئبي آهي.
اکيون اکين جهڙيون ديد لڀي نه جڙي:
وڏن ننڍن جو حيا نه هئڻ.
اگھ کٽيو کائجي وٽ کٽيو نه کائجي:
وڏو اگھ وٺجي پر ٺڳي نه ڪجي.
اڳيان باھ ته پٺيان پاڻي:
هر طرف خطرو هئڻ، ڪو به حل نه ملڻ.
ان پلي ذات ڀلي:
جنهن وٽ ان جي ڀريل گندي آهي، اهو شاهوڪار آهي
انڌا رکن روزا ته ڏينهن ٿين وڏا:
سست ماڻهو ڊڄي ڊڄي ڪو ڪم ڪندوآهي سو به کيس ڏکيو پوندو
آهي.
انڌو هاٿي لشڪر جو زيان:
بيوقوف ماڻهوءَ کان هميشه نقصان پهچندو آهي.
اڻندو اها جيڪا ڪوريءَ من:
رب سائينءَ کي جيڪي وڻي سو ڪري ٿو.
اها زبان اُس ۾ ويهاري اها زبان ڇانوَ ۾ ويهاري:
بي ادب ۽ زبان دراز کي ڪڏهن به عزت نه ملندي.
آھ غريبان، قهر خدائي:
غريب کي هروڀرو تنگ ڪبو ته ان جي آھ، عرش عظيم تائين
ويندي ۽ خدائي ڏمر نازل ٿيندو.
اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني:
اهڙو ڪم نه ڪجي جنهن سان فائدي بجاءِ نقصان ٿئي.
اهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي:
صرفو ڪري ڪجھ بچائجي جيڪو ضرورت جي وقت ڪم اچي.
آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي بورچياڻي ويٺي:
ٿوري ڪم جي بهاني سان اچي پاڻ کي گهر جو مالڪ سڏائڻ غلط
آهي.
بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري:
بک ماڻهوءَ کي ڇتو ۽ چريو ڪندي آهي.
بندي جي من ۾ هڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي:
رب جي مرضيءَ کان سواءِ ڪو ڪم نٿو ٿئي.
بي عقل دوست کان داناءُ دشمن ڀلو:
بيوقوف جي سنگت مان سر وڃڻ جو خطرو آهي ۽ هميشه نقصان
رهندو آهي.
ٻه ڀائر ٽيون ليکو:
وهنوار چاهي سڳي ڀاءُ سان هجي وهنوار آهي.
ٻه ته ٻارنهن:
ٻڌيءَ ۽ ايڪي ۾ طاقت آهي.
ٻه گدرا هڪ مٺ ۾ نه ماپن:
هڪئي وقت ۾ ٻه ڪم نٿا ٿي سگهن.
ڀتين کي به ڪن آهن:
راز واريون ڳالهيون ڏاڍيان نه ڪجن متان ڪو ٻڌي وٺي.
ڀرئي اُٺ تان وڃڻي لاهڻ:
ڪنهن تان ذميواري ۽ فرض گهٽ ڪرڻ (جنهن سان ڪو خاص فرق نه
پوي) (اٺ جي وزن تان جيڪڏهن وڃڻي لاهجي ته ڪو فرق نه پوندو.)
ڀڳو گهڙو ڊون ڊون ڪري:
بيوقوف ماڻهو اجايو ڳالهائيندو آهي.
ڀلو ڪر ڀلو ٿئي:
چڱائيءَ جو نتيجو نيٺ چڱو آهي.
پاڻ نه پالي ڪتا ڌاري:
جيڪو پاڻ نه پيٽ ڀري سگهي، اهو غير ضروري ڪمن جي ڳڻتي نه
ڪري.
پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهڻ:
اڳ ڪٿيءَ ڳالھ لاءِ انتظار ڪرڻ عقل وٽان نه آهي.
پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀونگو نه ڊاهجي:
پرايا محل ڏسي ريسون نه ڪجن.
پرائين دهلين احمق نچي:
ٻين جي ڪمن ۾ خوامخواه ٽپي پوڻ.
پڙهي پاڻ نه ڄاڻي ماري ختابي:
جيڪو پاڻ پڙهي نه ڄاڻندو اهو ٻئي کي ڇا سيکاريندو؟
پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن:
پنهنجي گهر ۾ امير توڙي غريب هر ڪو همٿ وارو آهي.
پنهنجي وڍي جو نڪو ويڄ نه طبيب:
جيڪو پنهنجو نقصان ڪندو تنهن جو ڪهڙو علاج آهي.
پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي توڙي لک لٽائي:
تازي شاهوڪار کان ڪڏهن به نه وٺجي.
تاڙي هڪڙي هٿ سان نٿي وڄي:
ڪم ٻن ڌرين جي رضامنديءَ سان ٿئي ٿو.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ ڪانهي ويل ويهڻ جي:
سردي هجي يا گرمي ويهڻ جو وقت نه آهي، انسان کي ڪوشش ۽
جدوجهد ڪرڻي آهي.
تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي:
ٿوريءَ غفلت ۽ سستيءَ سبب گهڻو نقصان سهڻو پوندو آهي.
تڪڙ ڪم شيطان جو:
اٻهرائيءَ واري ڪم ۾ رولڙو پوندو آهي.
تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي:
جلديءَ ۽ تڪڙ سان ڪم خراب ٿيندو آهي.
تيليءَ مان ٿنڀ:
ٿوريءَ ڳالھ کي وڏو ڪري ٻڌائڻ.
ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائيندو آهي:
وفادار ۽ ايماندار شخص جتي ڪٿي عزت ۽ مان حاصل ڪري ٿو.
ٿورو ڏسي ارهو نه ٿي جهجهو ڏسي سرهو نه ٿيءُ:
هر ڳالھ ۾ رب جا شڪرانا ادا ڪرڻ گهرجن.
ٿوري کٽيي گهڻي برڪت:
حق حلال جي ٿوريءَ ڪمائيءَ ۾ برڪت آهي.
ٽٽون کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو:
نادان ماڻهوءَ کان سختيءَ کان ڪم وٺبو عقلمند صرف اشاري
سان ڪم ڪندو.
جتي لوڀي هجن اُٿي ٺوڳي بک نه مرن:
لالچي ماڻهو سولائيءَ سان ٺڳجي سگهجي ٿو.
جل جي مڇي، جل پلي:
ضرورت آهر ماحول هئڻ، مڇيءَ کي پاڻي ئي زنده رکي سگهندو.
جنهن اڀرندي نه تاءُ ڪيو، سو لهندي ڪهڙو ڪندو:
جيڪو جوانيءَ ۾ ڪو ٻوٽو نه ٻاري، اهو ڪراڙپ ۾ ڇا ڪندو.
جهڙا عاشق عيد ۾، تهڙا منجھ مقام:
خدا جي سچن عاشقن لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ يعني ڏک ۽ سک ٻئي هڪ
آهي.
جهڙا ڪانوَ، تهڙا ٻچا:
نيڪن جو اولاد به نيڪ ۽ سياڻن جو اولاد به سياڻو ٿيندو
آهي. (معنيٰ ته اولاد مائٽ تي ويندو آهي)
جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي./ جهڙي نيت، تهڙي مراد:
جهڙو ٻئي لاءِ سوچيندو سو پاڻ لوڙيندو.
جيءَ خوش ته جهان خوش:
ماڻهو پاڻ صحيح صحت ۽ حيثيت ۾ آهي ته سندس ليکي سڀ آباد
آهي.
جيڪو ڏاڍو، سو گابو:
جيڪو پاڻ ڏاڍو آهي، اهو سڀ ڪجھ ڪري سگهي ٿو.
جيئرو ته لک جو، مئو ته ڪک جو:
انسان جيئري لک ڪمائي ٿو پر مئي کان پوءِ ڪک برابر آهي.
چرين ڪهڙا چت، مئلن ڪهڙا معاملا:
مئل ماڻهو دنيا جي مسئلن کان آزاد آهي. ائين ئي چريو پڻ
دنيا جي چڪرن کان ڇٽل آهي.
چڱو ڪر، چڱو ٿئي:
چڱائيءَ جو نتيجو چڱو آهي.
دل کوٽي عذر گهڻا:
دل ۾ دغا هوندي ته بهانا به گهڻا ڏنا ويندا.
ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا:
ڏاڍو ماڻهو جيڪي ڪرڻ چاهي سو ڪري سگهي ٿو.
ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا:
ڪمزور ۽ نبل ماڻهوءَ کي سور به گهڻا. هيڻي کي هر ڪو
دٻائيندو آهي.
ڏڌل کير ٿڻن ۾ نه پوي:
وات مان غلط گفتو يا ويل وقت واپس نٿو اچي.
ڏنو ٻنو آهي:
خيرات ڏيڻ سان مصيبتون ٽري وڃن ٿيون.
ڏيئي کي پٺ ۾ اوندھ:
ماڻهو پنهنجا عيب لڪائي صرف ساراھ ڪندا آهن.
رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا:
نادان ماڻهوءَ سان گهڻو مٿو هڻڻو ٿو پوي.
زبان آهي ننڍڙي پر وھ جي ڳنڍڙي:
ڪوڙو ۽ زبان دراز ماڻهو ڪٿي به عزت حاصل ڪونه ڪندو. ڇو
جو ان جي زبان جو زهر سندس عزت وڃائيندو.
سڀ ڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگجي:
جيڪو ڪندو سو لوڙيندو.
سچ ته بيٺو نچ:
سچي ماڻهوءَ کي ڪو به خطرو ڪونهي.
سچ جي ٻيڙي لڏي پر ڪونه ٻڏي:
سچار کي تڪليفون اچن ٿيون پر آخرڪار سندس فتح آهي.
سخيءَ کان شوم ڀلو ترت ڏي جواب:
ڪوڙن دلاسن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڪو ڪم ڪجي ته هام ڀرجي
نه ته جواب ڏجي.
سر ڏجي پر سُر نه ڏجي:
سسي وڍائجي پر راز اصل نه ڏجي.
سکڻي ڪني، گهڻو اُڀامي:
نيچ يا ڪميڻو ماڻهو، ڊاڙون گهڻيون هڻندو آهي.
سڪن گڏ آلا ٻرن:
(الف) بدنامن سان گڏ شريف به نقصان هيٺ اچيو وڃن.
(ب) خراب صحبت مان اشراف کي جوکو.
سنگُ تاري، ڪُسنگ ٻوڙي:
چڱيءَ صحبت مان فائدو آهي، ۽ بريءَ صحبت مان نقصان حاصل
ٿيندو.
سوٽي هجي ساڻ ته گڏھ گوهي نه ڪري:
لوفر ماڻهو لتر کان سواءِ سڌو نٿو ٿئي.
سوڙ آهر پير ڊگهيڙجي:
حيثيت مطابق هلڻ گهرجي.
سياري جي سوڙ سڀڪو پاڻ ڏي سيري:
هرڪو ماڻهو پنهنجو سک ڳولهي ٿو.
سينڍ ۾ مارئي ڳائڻ:
ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالھ ڪرڻ.
ضامن گيري، تاون گيري:
ضمانت ڏيڻ جو مطلب آهي چٽي ڀرڻ.
عشق نه ڄاڻي ذات نه ڪذات:
عشق انڌو آهي، ان ۾ ذات ۽ نسب جي ڳڻ نٿي رهي.
عيسى نه موسى وڏا پير پئسا:
دنيا ۾ دولت وڏي شيءِ آهي.
ڦڙي ڦڙيءَ تلاءُ:
ٿورو ٿورو گڏ ڪبو ته جهجهو ٿي پوندو.
ڪانوَ کي لڙ ۾ مزو:
فتنه انگيز ماڻهو، جهيڙي مان فائدو حاصل ڪندو آهي.
ڪاڻيءَ جي ڪاڄ ۾ ڇيڇڪ گهڻا:
ڪو ماڻهو ڊڄي ڪو ڪم ڪري ته سندس ڪم ۾ رڪاوٽون پون.
ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني مان:
ڪميڻو ماڻهو عزت ۽ مان مان سمجهي نه سگهندو.
ڪم پوي ته ڪل پوي:
دوستيءَ جي خبر ڏکئي وقت ۾ پوندي آهي.
ڪوٽ جي مٽي ڪوٽ تائين پوري:
پنهنجي مان پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ.
ڪيتم سڀ ڄمار پر پاندي پوري نه پئي:
مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي ڄمار پوري نه پوڻ.
گهر جو پير چلھ جو مارنگ:
پنهنجي گهر ۾ هر ڪو شير آهي.
مور کان وياج ڀلو:
اولاد جو اولاد پيارو هئڻ.
ننهن کان ماس جدا ٿيڻ:
رت جا رشتا ختم ٿيڻ.
نه ڏي، نه ڏکوءِ:
ڪنهن کي به تڪليف نه ڏجي.
نير جو ٽڪو لهي، پر گلا جو ٽڪو نه لهي:
نير جو ٽڪو ڪڏهن نه ڪڏهن لهي ويندو آهي. پر گلا جو ٽڪو
پوين کي به بدنام ڪري ٿو.
هڙ سکڻي لوڏ گهڻي:
کيسو خالي هجي پر ٻٽاڪ تي زور.
هڪ سج ٻه پاڇا:
دنيا جي بي ثباتي جي ڪري ڪڏهن شاهوڪاري آهي، ڪڏهن غريبي.
هڪ مڻ علم کي ڏھ مڻ عقل کپي:
ڄاڻ کي سمجهڻ لاءِ ذهن ۽ ڏاهپ جي ضرورت آهي.
همت مردان مدد خدا:
جيڪو همت ڪندو خدا تعاليٰ به ان جي مدد ڪندو.
هنر واري جو هنر بي هنر جي جان:
باصلاحيت ماڻهو جلدي ڪم ڪري ويندو. پر اڻ ڄاڻ جي سڄي
زندگي معمولي ڪم ۾ برباد ٿي ويندي.
هيريءَ سندي هير ٽنگ ڀڄڻ سان به نه وڃي:
عاديءَ جي عادت ٽنگ ڀڄڻ سان به نه ويندي.
اصطلاح
جي لغوي معنيٰ
آهي، “پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ” اصطلاحي جملن جي ظاهري معنيٰ هڪڙي هوندي آهي، ته اندروني
معنى ٻي نڪرندي آهي. اصل معنى کي ڇڏي اندروني معنيٰ تي اتفاق ڪرڻو پوندو آهي.
مطلب ته اصطلاح اهو آهي، جنهن جي لفظي ۽ ظاهري معنيٰ مان مفهوم ۽ مطلب ٻيو نڪرندو
آهي.
اصطلاح
سنڌي ٻوليءَ ۽ گرامر ۾ گهڻيءَ اهميت جا حامل آهن. اصطلاح جي ڪري ٻولي ادبي ٿئي ٿي.
سالڪن ۽ سياڻن ٻوليءَ ۽ اصطلاح جي استعمال سان ٻوليءَ ۾ سونهن ۽ سمجھ جا خزانا ڀري
ڇڏيا آهن.”چند لفظن ۾ اصل مقصد حاصل ڪرڻ” کي اصطلاحي محاورو چوندا آهن. جنهن سان
ٻوليءَ ۾ وسعت پيدا ٿئي.
ال
پوڻ: عادت پوڻ.
اُبتا
پير کڻڻ: غلط راه اختيار ڪرڻ.
اُڀ
۾ ترارون هڻڻ: اجائي ٻٽاڪ هڻڻ.
اُڀ
۾ ٿڪون اڇلڻ: پنهنجو پاڻ کي بڇڙو ڪرڻ. وڏائي ڪرڻ، ڪنهن نيڪ انسان سان برو هلڻ.
آپي
مان نڪرڻ: هوش مان نڪرڻ.
اٽو
کٽڻ: غريب ۽ محتاج ٿيڻ.
اٽي
۾ لوڻ: تمام ٿورو گهٽ ۾ گهٽ.
اڇي
ڏاڙهي اٽو خراب: پيريءَ ۾ بڇڙا ڪم ڪرڻ.
آڏو
اچڻ: سامهون ٿيڻ.
اڌما
کائي نڪرڻ: بڙڪو کائي نڪرڻ، جوش کائڻ.
آرسي
ڏسڻ: پنهنجي ڪرتوتن تي نگاھ ڪرڻ.
آسمان
تي چاڙهڻ: اجائي اهميت ڏيڻ.
اک ۾
رکڻ: نظرداري ڪرڻ.
اکين
۾ جاءِ ڏيڻ: عزت ڪرڻ.
اکين
۾ ڌوڙ وجهڻ: ٺڳي ڪرڻ.
اکين
۾ سرمو وجهڻ: فريب ڏيڻ، ٺڳي وڃڻ.
اکين
آڏو اچڻ: خيال ۾ اچڻ.
اکيون
ٿڌيون ٿيڻ: خوش ۽ راضي ٿيڻ.
اکيون
رت ڇڏڻ: غصي ۾ اچڻ.
اکيون
ڦيرائڻ: توجھ هٽائڻ.
اکيون
هيٺ ڪرڻ: شرمائڻ، لڄي ٿيڻ.
اڪ
ڪارا ڪرڻ: ڪجھ نه ڪرڻ.
اڪن
کان انب گهرڻ: اجائي توقعه رکڻ.
آڱرين
تي نچائڻ: بيوقوف بنائڻ.
اندر
جو ڪارو هئڻ: دل ۾ ڪپت رکڻ.
اڻ
لکو هئڻ: معمولي هئڻ.
بار
لاهڻ: جوابداريءَ جو ڪم پورو ڪرڻ.
ٻانهن
ٻيلي ٿيڻ: ڪنهن جي مدد ڪرڻ.
ٻٻرن
کان ٻير گهرڻ: ناممڪن ڳالھ کي ممڪن سمجهڻ.
ٻڏڻ
۽ ترڻ: دل هڻڻ، هڪڙي خيال تي قائم نه رهڻ.
ڀلو منهن ڪرڻ: شرمسار ٿيڻ.
پاند
ڳچي پائڻ: آزي نيزاري ڪرڻ.
پاندي
پوري نه ٿيڻ: خرچ پورو نه ٿيڻ.
پاڻ
پتوڙڻ: سخت محنت ڪرڻ.
پرگهور
لهڻ: سنڀال ڪرڻ.
پنج
ئي آڱريون گيھ ۾ ٻڏڻ: مقصد ۽ خوشي حاصل ٿيڻ.
تارا
ڪڍڻ: ڪاوڙجڻ.
تڏو
سرهو ڪرڻ: پاڻ ملهائڻ، ٻئي جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ.
تڏو
کڻائڻ: برباد ڪرڻ.
تريون مهٽڻ: افسوس ڪرڻ.
تنگ
آيو، جنگ آيو: تنگ ٿي وڙهڻ.
ٺپ
ٺرڻ: چپ ٿي وڃڻ.
ٿاٻا
کائڻ: ڌڪا کائڻ. محروم هئڻ.
ٽوٽا
چٻائڻ: تڪليف ڏيڻ.
جتيءَ
۾ پير پائڻ: برابري ڪرڻ.
جهوتون
کائڻ: هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ.
جهوري
لهڻ: ختم ٿيڻ.
ڇني
ڦاڙي ويهڻ: تعلق ختم ڪرڻ. جدا ڪرڻ.
دز
کي نه پهچڻ: منزل کي نه پهچڻ.
دونهان
جهپڻ: پنهنجو وقت وڃائڻ.
ڍينگو
ئي ڍيري ٿيڻ: تمام گهڻو نقصان ٿيڻ.
ڏاند
ڏوهڻ: ڪنجوس ماڻهوءَ مان ڪم ڪڍڻ.
ڏلها
ڏيڻ: دلاسا ڏيڻ.
راڱا
ڪرڻ: ظلم ۽ قهر ڪرڻ.
رنڍا
روڙڻ: محنت ڪرڻ.
زمين
پيرن کان نڪري وڃڻ: مت منجهڻ وايون بتال ٿيڻ.
ستا
سور جاڳائڻ: گذريل ڏک ياد ڏيارڻ.
سمنڊ
ڪوزي ۾ بند ڪرڻ: مختصر ڪرڻ.
سندرو
ٻڌڻ: تيار ٿيڻ.
سوڙهو
گهٽڻ: قابو ڪرڻ.
سير
ڇوڙڻ: رت ڪڍڻ.
کڙيون گسائڻ: ايلاز منٿون ڪرڻ.
ککر
۾ کرو هڻڻ: جهيرو فساد ڪرائڻ.
کير
کنڊ ٿيڻ: پاڻ ۾ مٺو ٿيڻ.
ڪاري
وارا ڪک هئڻ: ڪا به شيءَ نه هجڻ.
ڪانگ
اڏائڻ: انتظار ڪرڻ.
ڪاڻ
ڪڍڻ: محتاجي ڪڍڻ.
ڪپڙن
۾ نه ماپڻ: نهايت گهڻو خوش ٿيڻ.
ڪريت
ڪرڻ: غلط روش هلڻ.
ڪن
کڙا ڪرڻ: هوشيار ٿيڻ.
گل
ڪڍڻ: جنهن جي اميد نه هجي اهو ظاهر ڪرڻ.
گهڻ
گهرو ٿيڻ: سڄڻ ٿيڻ.
لاه ڪڍڻ:
زيردست ڪرڻ.
ليڪو
لنگهي وڃڻ: حد ٽپي وڃڻ.
هٿ
پير هڻڻ: ڪوشش ڪرڻ
هٿ
ڦاڙ ٿيڻ: فضول خرچ ڪرڻ.
(حوالو؛ سنڌي ادب جو ادبي
جائزو ۽ لطيفيات (ڪتاب)، ڇاپو؛ پھريون
۲۰۰۴ع، روشني
پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ)
Nice information
ReplyDeleteMashaAllah best
ReplyDelete