Tuesday, January 28, 2025

نه ڪنھن کي عقل منجھايو آ- انجنيئر عبدالوھاب سھتو.

نه ڪنھن کي عقل منجھايو آ، نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آ.

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙو پروفيسر گاڏيءَ ۾ ويٺو ته سندس اڳيان ھڪڙو ھاري ويٺو ھيو. بوريت محسوس ڪندڙ پروفيسر دل ۾ ٽليو ته ساڻس ڪا راند ڪري دل وندرائي ۽ وقت ٽپائي.

”مان تو کان سوال پڇندس.“ پروفيسر چيس؛ ”جيڪڏھن تون جواب نه ڏئي سگھئين ته مون کي تون پنج ڊالر ڏيندين. ان کان پوءِ تون سوال پڇندين. جيڪڏھن مان جواب نه ڏئي سگھيس ته مان تو کي پنج سؤ ڊالر ڏيندس. تون ڇا ٿو چوين؟“

ھاريءَ ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.


پروفيسر شروع ٿيو؛ ”زمين ۽ چنڊ جي وچ ۾ ڪيترو فاصلو آ؟“

ھاريءَ ماٺ ميٺ ۾ پنج ڊالر ڪڍيا ۽ پروفيسر جي تريءَ تي رکيا.

ھاڻي، ھاريءَ جو وارو ھيو. ان پڇيس؛ ”ڪھڙو جانور آ، جيڪو جڏھن جبل تي ٿو چڙھي ته ٽي ڄنگھون اٿس. اتان لھي ٿو ته چار ڄنگھون اٿس؟“

پروفيسر، وائڙو ٿي ويو. واڇ گودو ھڻي ويس. وڏي مغز ماري ڪيائين. دليلن سان وضاحتون جاچيائين. ايتري تائين جو ساڻ نوٽ بڪ پڻ واچيائين. مٿا مونا ھڻڻ کان پوءِ به جواب نه سجھيس. مايوسيءَ وچان، پنج سؤ ڊالر ڪڍي ھاريءَ کي ڏنائين.

ھاريءَ مرڪي، پنج سؤ ڊالر ورتس ۽ ٽيڪ ڏئي ننڊ ڪرڻ لڳو.

ائين پئسا وڃڻ تي، حيرانگيءَ مان ۽ خفي ٿيندي، پروفيسر لوڏو ڏئي ھاريءَ کي جاڳايو ۽ پڇيائينس؛ ”ٺيڪ آ! اھو جانور ڪھڙو آ؟“

ھاريءَ چپ چپات ۾، پنجن ڊالرن جو نوٽ ڪڍيو ۽ پروفيسر جي تريءَ تي رکي، وري ٽيڪ ڏئي سمھي پيو.

No comments:

Post a Comment