جُتِي
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف
جوکيو
جُتِي، جُتڙِي (اسم تصغير)، کيڙِي،
ٻيڙِي، گهيتِلو، کُسو، موجِڙِي (راجسٿاني يا ڪڇي جُتي)، پَڳَرَکِي، ٽَونر واري
جُتي (زالاڻي)، موچڙا، جوتا، پادَرَ، کَلا، لِتَرَ، سپاٽا، کَرڪَڻ (پيشَ ۽ کجيءَ
جي پتن مان ٺاهيل)، کيترا، ڇَٻو (سئنڊل)،چَمپَل، سليپر، بوٽُ، چاکڙِي (ڪاٺ مان ٺھيل)،
پيزارُ/ پاپوش (فارسي)، پاولا وغيره پيرن ۾ پائڻ جي هڪ وٿُ (شيءِ) آهي، جيڪا موچي ٺاهي
تيار ڪندو آهي. هتي اها ڳالهه به واضح ڪرڻ گهرجي ته ’جُتي‘ ٻن پادرن کي ٿو چئجي.
موچڙو، پادر، جوتو، سپاٽو، جھڙا لفظ واحد طور ڪم اچن ٿا. جڏهن ٻنهي پيرن واري وٿ جو
ذڪر ٿيندو ته جُتي، جتڙي، کيڙِي، ٻيڙِي، موجڙِي، کُسو ٻنهي پيرن جي وٿ لاءِ واحد
نالو کڻبو. ٻنهي پيرن لاءِ واحد لفظ جو جمع استعمال ڪبو، جيئن: پادرَ، موچڙا، جوتا
وغيره. واحد صورت ۾ پادرُ، جوتو يا بوٽ وغيره جڏهن پراڻو ٿئي ٿو ۽ موچيءَ کان
چَتِي هڻائجي ٿي ته ان هڪ پادر کي ’ٺوٻَرُ‘ ڪوٺبو آهي. جُتي يا بوٽ کي نرم رکڻ يا
سوڙهو رکڻ لاءِ تري جي مٿان يعني جُتيءَ جي اندر، ڪڏهن ڪڏهن اضافي نرم چمڙو يا نرم
تھه ڏنو ويندو آهي، جنھن کي ’پاتو‘ چيو ويندو آهي. مزي جي ڳالهه ته اڳي جُتي ته وٺبي
هئي قسمت سان، ان لاءِ ٻارن لاءِ جُتي يا بوٽ وغيره ٿورو وڏو ڪري وٺبو هيو، ته
جيئن ٻار وڏو ٿئي ته جُتي ننڍي نه ٿئي ۽ ٻار چَتيون سَتيون هڻائي، پائيندو رهي. ان
وقت پائڻ لائق بڻائڻ لاءِ جُتي يا بوٽ جي اندران ڪپھه جون پوڻيون به رکيبون هيون
ته جيئن في الحال جُتي پير ۾ پُوري رهي. مون پاڻ اهڙا بوٽ پاتا جن ۾ ڪپھه جون پُوڻيون
وجهي گذارو ڪيو، جيستائين وڃي پير وڌي. بھرحال، جُتيءَ جو لفظ (جيم- جُتِي) اسان
جي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ به موجود آهي، ان لاءِ ننڍو توڻي وڏو، شھري توڻي ڳوٺاڻو هن
وٿَ کان واقف آهي.






