Wednesday, August 16, 2023

جُتِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

جُتِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



جُتِي، جُتڙِي (اسم تصغير)، کيڙِي، ٻيڙِي، گهيتِلو، کُسو، موجِڙِي (راجسٿاني يا ڪڇي جُتي)، پَڳَرَکِي، ٽَونر واري جُتي (زالاڻي)، موچڙا، جوتا، پادَرَ، کَلا، لِتَرَ، سپاٽا، کَرڪَڻ (پيشَ ۽ کجيءَ جي پتن مان ٺاهيل)، کيترا، ڇَٻو (سئنڊل)،چَمپَل، سليپر، بوٽُ، چاکڙِي (ڪاٺ مان ٺھيل)، پيزارُ/ پاپوش (فارسي)، پاولا وغيره پيرن ۾ پائڻ جي هڪ وٿُ (شيءِ) آهي، جيڪا موچي ٺاهي تيار ڪندو آهي. هتي اها ڳالهه به واضح ڪرڻ گهرجي ته ’جُتي‘ ٻن پادرن کي ٿو چئجي. موچڙو، پادر، جوتو، سپاٽو، جھڙا لفظ واحد طور ڪم اچن ٿا. جڏهن ٻنهي پيرن واري وٿ جو ذڪر ٿيندو ته جُتي، جتڙي، کيڙِي، ٻيڙِي، موجڙِي، کُسو ٻنهي پيرن جي وٿ لاءِ واحد نالو کڻبو. ٻنهي پيرن لاءِ واحد لفظ جو جمع استعمال ڪبو، جيئن: پادرَ، موچڙا، جوتا وغيره. واحد صورت ۾ پادرُ، جوتو يا بوٽ وغيره جڏهن پراڻو ٿئي ٿو ۽ موچيءَ کان چَتِي هڻائجي ٿي ته ان هڪ پادر کي ’ٺوٻَرُ‘ ڪوٺبو آهي. جُتي يا بوٽ کي نرم رکڻ يا سوڙهو رکڻ لاءِ تري جي مٿان يعني جُتيءَ جي اندر، ڪڏهن ڪڏهن اضافي نرم چمڙو يا نرم تھه ڏنو ويندو آهي، جنھن کي ’پاتو‘ چيو ويندو آهي. مزي جي ڳالهه ته اڳي جُتي ته وٺبي هئي قسمت سان، ان لاءِ ٻارن لاءِ جُتي يا بوٽ وغيره ٿورو وڏو ڪري وٺبو هيو، ته جيئن ٻار وڏو ٿئي ته جُتي ننڍي نه ٿئي ۽ ٻار چَتيون سَتيون هڻائي، پائيندو رهي. ان وقت پائڻ لائق بڻائڻ لاءِ جُتي يا بوٽ جي اندران ڪپھه جون پوڻيون به رکيبون هيون ته جيئن في الحال جُتي پير ۾ پُوري رهي. مون پاڻ اهڙا بوٽ پاتا جن ۾ ڪپھه جون پُوڻيون وجهي گذارو ڪيو، جيستائين وڃي پير وڌي. بھرحال، جُتيءَ جو لفظ (جيم- جُتِي) اسان جي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ به موجود آهي، ان لاءِ ننڍو توڻي وڏو، شھري توڻي ڳوٺاڻو هن وٿَ کان واقف آهي.

Tuesday, August 15, 2023

وِڃڻو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

وِڃڻو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



وِڃڻو، وِڃڻِي (اسم تصغير)، وِنجِڻو، پَکو، پَنکو، هوا ڏيڻ جو هٿَڻُ وغيره جي نالن سان هٿرادو هوا ڏيڻ وارِي وَٿ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. محاوري ’وڃڻو هڻڻ‘ مان مراد ڪو ’وهائي ڪڍڻ‘ ڪونهي، بلڪ وڃڻي سان ٻئي کي هوا پھچائڻ آهي. ان لاءِ عام طور چيو ويندو آهي، ته مون کي وڃڻو ته هڻ! جهَلِي به ساڳئي ڪم لاءِ ڪم آندي ويندي آهي، ليڪن اها ڇِت ۾ لڙڪائي، نوڙيءَ جي مدد سان ڇڪي ويندي آهي. ٻوليءَ جي نسبت سان ’جهلي ڇڪڻ‘ مان مراد به رڳو هڪ پاسي ڇڪڻ ڪونهي، بلڪ اوٽ موٽ ڇڪي، ٻين کي هوا ڏيڻ آهي. اصطلاحي طور جهَلِي ڪاهڻ يا جهَلِي ڇِڪڻ مان مراد 'ڪنھن جي ڪاڻ ڪڍڻ', 'ٻيلپو ڪرڻ' يا 'ڪنھن جي خوشامد ڪرڻ' به ورتي ويندي آهي. وڃڻو ته وري اهڙي لڄپال وَٿُ آهي، جو غريب غربو توڻي امير امراءَ هٿرادو هوا لاءِ ضرور ڪم آڻيندو آهي. وڃڻي جي لچڪدار بيھڪ، چورس، مستطيل، اڌ گول يا ڪھاڙي نما ٿيندي آهي، جنھن ۾ ڪاٺيءَ جي ڳنيءَ وڌي ويندي آهي، جيڪا هٿ ۾ جهلي پئي ڦيرائبي. ڦيرائڻ لاءِ به ڪي اڌ ڦيرو ڏيندا ته ڪي وري گول ڦيرو به ڏيئي وٺندا آهن.

Saturday, August 12, 2023

اڳٺُ - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

اڳٺُ

سنڌي سڀيتا جو اهم اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سٿڻ، سلوار يا ڪانچ جي ابداڻي ۾، جيڪا وَٿُ اندران وجهِي، ڦيري پيٽ ۽ چيلهه سان ٻڌي، ان کي ڳنڍِ ڏبي آهي، ان کي اڳٺ ٿو چئجي. اڳٺ جا به چند قسم ٿين ٿا، جھڙوڪ: پٽ وارو اڳٺ، سوٽي اڳٺ، لاٺيئڙو يا نَھِواري اڳٺ (ڪپڙي نما، ٿلهي پٽيءَ سان)، گول اڳٺ (نوڙيءَ نما) وغيره. اڳٺ، سٿڻ جي ابداڻي مان آڳي کان ڦيري، آڳي تائين آڻي، ويڙهي، ڏيڍ ڳنڍ ڏبي آهي، ته جيئن آسانيءَ سان کولي ۽ ٻڌي سگهجي. ان ڏيڍ ڳنڍ کي ڪي اڌ ڳنڍ به چوندا آهن، يعني هڪ سادي وڪڙ سان ۽ گڏ کُلڻي ڳنڍ! ممڪن آهي ته هن وَٿَ کي سٿڻ يا ڪانچ جي آڳي کان، اڳٺِڻِيءَ (اڳٺ وجهڻِي) سان سيري، آڳي تائين ڦيري آڻڻ ڪري، ان کي اڳٺ چيو ويو هجي. يعني اڳٺ جو لفظ، اَڳَ يا آڳي مان ئي ورتل ٿو ڀانئجي. اڳٺ جو گهرو هنر سنڌ ۽ هند ۾ يڪسان طور موجود رهيو آهي ۽ آڳاٽي دؤر کان هلندو پيو اچي.

کٽَ - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

کٽَ

سنڌي سڀيتا جو اهم اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



’کٽَ‘، ’اَٺَسَلو‘، ’کٽولو‘ (اسم تصغير) يا ’مَنجو‘ (وڏي ۽ هڪ هنڌ کُتَل کٽَ) سنڌي سڀيتا جو اهم اهڃاڻ رهيو آهي. وقت گذرڻ سان شيون ۽ قدر تبديل ٿيندا آهن، ليڪن کٽ جو انداز ۽ بيھڪ ۾ ڪو فرق ناهي آيو. ٻولي سماج جي تھذيب، تمدن، ريتن رسمن، رواجن، ساٺن سؤنڻن مان اسرندي آهي، ان ڪارڻ کٽَ تي به ڪافي اصطلاح، چوڻيون ۽ پھاڪا عام آهن. سنڌي ماڻهو پنھنجي آرام لاءِ کٽ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي. غريب غربي يا امير شاهوڪار سڀني لاءِ يڪسان اهميت وارو وَٿُ آهي. سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ جتي ٻين اسمن جو ذڪر ٿيندو، اتي ’کٽ‘ جو ذڪر ۽ تصوير ضرور هوندي، ڇاڪاڻ  ته ڳوٺاڻو توڻي شھري ٻار به کٽ کان واقف هوندو آهي. سنڌي سماج ۾ کٽ يا ’اَٺسَلي‘ کي ايتري ته عزت جي نگاهه سان ڏسبو آهي، جو هن وَٿ جو سُنھُن/ قَسم به کنيو ويندو آهي، جيئن: ’اَٺَسَلي جو قسم‘ يا ’مُئي پاٿاريءَ (کٽ) جو قسمُ‘.  تڏهن ته هن تي اُس به نه سھبي آهي ۽ اُس اچڻ تي کڻي ڇانوَ تي رکبي آهي.

Thursday, August 10, 2023

جنڊ - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

جنڊ

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



جَنڊُ (جنڊرُ)، جَنڊڙو، جانڊهه ۽ جَنڊِي (مٽيءَ جو جنڊ) سنڌي سڀيتا جو هڪ اوائلي اهڃاڻ رهيو آهي. ان کي چَڪِي به چئجي ٿو، پر اهو لفظ گهڻ معنائون آهي. ٿر جي علائقي ۾ ان کي گهيرٽِي به ڪوٺجي ٿو. هيءُ پٿر جي اهڙي وَٿُ آهي، جيڪا پوري دنيا جي تھذيب ۽ تمدن جو حصو رهي آهي. ماڻهوءَ کي جياپي لاءِ جتي پاڻيءَ جي گهرج رهي آهي، اتي کاڌ خوراڪ لاءِ ’اَنُ‘ ۽ ان جو ’اٽو‘ به گهربل رهندو آهي. ان ڪارڻ جنڊ پٿر جي هڪ اهڙي وَٿُ آهي، جنھن سان ’اَن‘ جي ڪنھن به جنس (ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري، جوَ، داليون وغيره) کي پيھي، ڳوهي، پيڙا ٺاهي، مختلف قسمن جي ماني پچائي سگهجي ٿي. مانيءَ جا به قسم ٿين ٿا: جيئن: روٽ، روٽي، روٽلو، ڦُلڪو، اُڦراٽو، ڪرڦاٽو، ڊَڳڙ، ڊڳڙِي، ڍوڍو، ٽوٽُ، ريوِلو، لولو، روڍلو، چپاتي، تندورِي، نانُ، پِيزا وغيره. وري مٺاڻ خاطر، مٺي ماني، ڪٽيءَ لاءِ ڏاري جو روٽُ وغيره پڻ ٺاهيو ويندو آهي.

Monday, July 17, 2023

سخي، سرنھن ۽ چڻو، جيئن ڀيلِ، تيئن گهڻو. (سرو، چوڻي)

سخي، سرنھن ۽ چڻو،

جيئن ڀيلِ، تيئن گهڻو. 

(سرو، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھر شيءِ کپائڻ سان کٽندي آھي. ڪي شيون اڃا وڌنديون آھن. غير مادي شين منجهان علم به ھڪ اھڙي آھي، جيڪو کپائڻ يا ونڊڻ سان وڌندو آھي.

اھڙيءَ طرح مادي شين ۾ پڻ ٽي شيون اھڙيون آھن، جيڪي جيتريون واپراءِ، اوترو منجھن برڪت پوندي آھي. سي آھن؛

Tuesday, May 30, 2023

سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاح ’اشتقاق‘ جي اکيڙ - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاح ’اشتقاق‘ جي اکيڙ

(Etymology)

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي ٻولين جا لفظ ضم ٿي پنهنجائپ جو روپ وٺي چڪا آهن. جنهن ۾ عربي، فارسي، ترڪي، هندي - اردو ۽ انگريزي ٻولين جا لفظ نمايان رهيا آهن. ننڍن ڪلاسن کان وٺي انٽر ڪلاسن جي نصاب ۾ هي ٻوليءَ جو اصطلاح پڙهايو ۽ سيکاريو ويندو آهي. ان جي اهميت تمام پراڻي محسوس ڪيل آهي، جنهن لاءِ ۱۸۸۶ع تي ’وئتپتي ڪوش‘ ۾ ليکڪ جھمٽمل نارومل وسڻائي لکي ٿو ته: ”آءٌ ڀانيان ٿو ته گھڻو ڪري سڀ ماڻهو قبول ڪندا ته اشتقاقن جي ڪتاب جو گھڻو احتياج آهي. نه رڳو سنڌي ۽ انگريزي مڪتبن جي درجن ۾ اشتقاق امتحان جو ڀاڱو آهن، ۽ تنهنڪري ڇوڪرن کان پڇڻ گھرجن، پر عام پڙهندڙن کي به گھڻو فائدو ڪندا؛ ڇو جو جڏهن خبر پيئي ته فلاڻو لفظ فلاڻي ٻوليءَ ۽ فلاڻي مول مان نڪتو آهي، تڏهن سُڌ ارٿ جي به خبر پوندي. ان جو احتياج ئي سبب ڪافي آهي.“ (جھمٽمل، ۱۹۷۸: ۵)