جنڊ
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
جَنڊُ (جنڊرُ)، جَنڊڙو، جانڊهه ۽ جَنڊِي (مٽيءَ جو جنڊ)
سنڌي سڀيتا جو هڪ اوائلي اهڃاڻ رهيو آهي. ان کي چَڪِي به چئجي ٿو، پر اهو لفظ گهڻ
معنائون آهي. ٿر جي علائقي ۾ ان کي گهيرٽِي به ڪوٺجي ٿو. هيءُ پٿر جي اهڙي وَٿُ
آهي، جيڪا پوري دنيا جي تھذيب ۽ تمدن جو حصو رهي آهي. ماڻهوءَ کي جياپي لاءِ جتي
پاڻيءَ جي گهرج رهي آهي، اتي کاڌ خوراڪ لاءِ ’اَنُ‘ ۽ ان جو ’اٽو‘ به گهربل رهندو
آهي. ان ڪارڻ جنڊ پٿر جي هڪ اهڙي وَٿُ آهي، جنھن سان ’اَن‘ جي ڪنھن به جنس (ڪڻڪ،
جوئر، ٻاجهري، جوَ، داليون وغيره) کي پيھي، ڳوهي، پيڙا ٺاهي، مختلف قسمن جي ماني
پچائي سگهجي ٿي. مانيءَ جا به قسم ٿين ٿا: جيئن: روٽ، روٽي، روٽلو، ڦُلڪو، اُڦراٽو،
ڪرڦاٽو، ڊَڳڙ، ڊڳڙِي، ڍوڍو، ٽوٽُ، ريوِلو، لولو، روڍلو، چپاتي، تندورِي، نانُ،
پِيزا وغيره. وري مٺاڻ خاطر، مٺي ماني، ڪٽيءَ لاءِ ڏاري جو روٽُ وغيره پڻ ٺاهيو
ويندو آهي.
جنڊ مختلف قسمن جا به ٿيندا آهن، ڪي ننڍا ته ڪي وري وڏا ٿيندا
آهن. وڏن جنڊن کي جانڊَهه چئبو آهي، جنھن کي گيڙڻ لاءِ ڏاند يا گڏهُه وغيره ڪم
آندو ويندو آهي. ان جانڊَهه جي سنڀاليندڙ کي جانڊاهِي چئبو آهي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڏاندن
کان وڌيڪ گڏهَه کان ڪم ورتو ويندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته گڏهُه ڪم ڪار ۾ نھايت جانٺو ۽ اڻٿڪ
جانور سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته ڏاند يا سانَ کي ڀٽارو (ڀلارو) تصور ڪري، صرف گاڏين
يا هَر ۾ هلايو ويندو آهي.
اَنُ پيھڻ لاءِ گهر ۾ ڪم ايندڙ وَٿَ کي جنڊ چئبو آهي. جنڊ
جا ٻه پُڙ (گول پٿر جا پَتَر) ٿيندا آهن، هڪ: هيٺيون، ٻيو: اوترو ئي مٿيون. ٻنهي
پُڙن جي وچ وارو پاسو کھرو رکڻ لاءِ آهوڙبو آهي ته جيئن اٽو چڱيءَ ريت پيسجي. هيٺئين
پُڙ ۾ ڪِيرُ (لوهه جي ڪِلي، جنھن جو مٿيون پاسو سڌو گول ۽ هيٺيون پاسو چپرو) ڦاسائبو
آهي، جيڪو مٿئين پُڙ کان مَڪڙي (ٻن ڇيڙن واري ڪاٺي) مان گذرندو آهي. جنڊ جي مٿئين
پُڙ ۾ اڌ فوٽ کن گول کانچو هوندو آهي، جنھن کي ’ڳارو‘ چيو ويندو آهي. ان ڳاري جي
وچ ۾ سَل ٿيل هڪ ٻن ڇيڙن واري ڪاٺي هوندي آهي، جنھن مان ڪيرَ جي ڪِلي ٽپي، مٿي
بيھندي آهي، ان کي مَڪڙو ٿو چئجي. ان مڪڙي جا پاسا کليل هوندا آهن، ته جيئن اَن جي
ٻُڪي وجهي سگهجي. مَڪڙِي وري ان کي ٿو چئجي، جيڪا مٿي نڪتل ڪِيرَ جي چوٽيءَ تي ڪنھن
اڳڙيءَ يا سوتليءَ جي وٽيل نوڙيءَ جي ٻَڌَ سان آڪيڙا ڏيئي بيھارجي. ان مَڪڙِيءَ جي
بيھڪ ۾ ڪمان نما ٿوري گولائي هوندي آهي ۽ وچ تي هڪ گهُچي رکبي آهي ته جيئن ڪِير مٿان
ڦٻي بيھي. پڇڙين ۾ وَٽُ هوندو آهي، جنھن جي هرهڪ پڇڙيءَ ۾ نوڙي اٽڪائي، ڳاري ۾ ڦاٿل
مڪڙي سان گهربل آڪيڙا ڏيئي ٻڌَ ڪبي آهي. ڪٿي وري جنڊ ۾ مڪڙِي نه وجهندا آهن، صرف
اَنَ پيھڻ جو ئي ڪم ڪيو ويندو آهي. ان صورت ۾ مڪڙي کي مڪڙِي به ڪوٺيندا آهن. حالانڪ
مڪڙو ۽ مڪڙِي ٻه الڳ اسم آهن.
جنڊ ۾ آڪيڙا ڏيئي مڪڙيءَ جو ٻڌڻ ان خيال کان اهم هوندو
آهي ته جيئن جنڊ جي پُڙن وچ ۾گهربل وِٿي رکي سگهجي. مثال طور، انُ پيھي اٽو ڪرڻو
هوندو ته مَڪڙي صفا ڍري ڪري ڇڏبي، ان سان ٻنهي پڙن وچ ۾ ڪا خاص وٿي نه رهندي ۽
اَنُ وڌيڪ چَٻَ سان پيسبو. جيڪڏهن اَن جو سنهو يا ٿلهو ڏارو ڪرڻو هوندو ته مڪڙيءَ
کي گهربل آڪيڙا ڏيئي گهربل ڏارو ڪري وٺبو. ٿلهو ڏارو ڪرڻو هوندو ته مڪڙيءَ جي آڪيڙن
کي وڌيڪ وَٽَ ڏبا، جنھن سان پڙ ٿورو مٿي ٿي بيھندو ۽ اَن جو ڏارو ٿلهو نڪرندو.
سانئين جي داڻن جا ڇلر لاهڻ لاءِ، مڪڙيءَ کي آڪيڙا وڌيڪ ڏيڻا پوندا آهن، ته جيئن
صرف ڇلر لھي وڃي ۽ داڻن کي ڪا چَٻَ نه اچي. اهڙا ڪم سگهڙ مايُون ڏاڍي نفاست سان ڪنديون
آهن.
جنڊ جي مٿئين پُڙ ۾ پاسي کان هڪ اُڀو هَٿيو يا مُٺيو لڳائبو
آهي، جنھن سان مٿئين پڙ کي گول ڦيرائي سگهجي. جنڊ جي مٿئين پڙ واري وچئين کانچي ۾ ڪَڻن
جي ٻُڪي وڌي ويندي آهي ۽ پُڙ کي هٿيي جي مدد سان ساڄي کان کاٻي (گهڙيال جي ابتڙ)
پيو ڦيرائبو آهي. ان سان اَن پيو پيسبو ۽ پيسجي پاسن کان پيو ڇڻندو. ڇڻيل اٽي لاءِ
وري هيٺئين پڙ کان گرانٺ کن چوڌاري هڪ ٺڪر وغيره جو تَونرُ (هڪ وڏو ٿالهه، جنھن جي
وچ ۾ جنڊ رکيل) هوندو آهي، ان کي ماٽَ به ڪوٺبو آهي، جنھن ۾ اٽو پيو گڏ ٿيندو. اَن
پيھڻ کان اڳ تَونر کي صاف ڪرڻ لاءِ جيڪا اڳڙي ڪم آندي ويندي آهي، ان کي ’جنڊ جو
نائو‘ ڪوٺبو آهي. پيٺل اٽي کي پاري (ٺڪر جي وڏي پيالي) ۾ لاهبو آهي، بعد ۾ پاري
مان اٽو ڪڍي، وري پاٽ (ٺڪر جو ٿالهه) ۾ڳوهبو. تَونر هونئن ته ڪنڀر ئي ٺاهيندو آهي،
پر ڪي سگهڙ مايون تَونر کي چيڪي مٽيءَ سان به ٺاهن ته ڪي وري ميٽَ ۽ ڪاڳر پنن کي
پِسائي، ڳوهي ان مان به ٺاهين. اهو جنڊ کي سنڀالڻ ۽ اَن پيھڻ وارو ڪم گهڻو ڪري گهر
۾ عورتون ئي ڪنديون آهن.
جنڊ
جا پڙ هلندي هلندي لسا به ٿي ويندا آهن، جنھنڪري اٽو ڏڏر ٿي پيسجندو. اِن ڪري اُن
کي آهوڙيو ويندو آهي. اهو ڪم وري گهڻو ڪري ان جي مھارت رکندڙ کان ئي ڪرايو ويندو
آهي. آهوڙڻ واري ڪرت ۾ اڪثر ڇيڻي ۽ هٿوڙيءَ سان اهڙي انداز ۾ ٽُڪ ڏنا ويندا آهن،
ته جيئن پُڙ کي ڪو ڏار ٿيڻ وارو ڌَڪ به نه لڳي ۽ پڙ جو گسجندڙ پاسو به کھرو ٿئي.
آهوڙڻ وارو ڪم ڪندڙن کي جانڊِي يا آهوڙو چيو ويندو آهي.
جنڊ جي پُڙن کي جبلن مان ڪَٽي ٽُڪي جوڙڻ ۽ انهن کي کھرو ڪرڻ
جو ڪم جيڪي ڪندا آهن، تن کي ’آهوڙا‘ چون ٿا. اهي جنڊوٺي ٽَڪرين مان داڻيدار پٿر سڃاڻي
ڪڍندا آهن ۽ انهن مان جنڊ جون چڪيون وغيره ٺاهيندا آهن. گول پُڙ بيھاريندا، جن مان
مٿئين پڙ جو ڳارو ٿورو ويڪرو يعني اڌ فوٽ کن ٿيندو، جڏهن ته هيٺئين پُڙ جو کانچو وڌ
۾ وڌ چار آڱر رکندا. ان بعد ان ۾ ٽن ڪاريگرن: ڊکڻ، لوهر ۽ ڪنڀر جو ڪم ٿيندو. لوهر
هڪڙو ڪِيرُ ٺاهيندو، هڪ پاسي سڌو ۽ گول ته ٻئي پاسي چپرو، ته جيئن هيٺئين پڙ ۾ ڦاسائجي
ته ڦِري نه! ڊکڻ وري هيٺئين پڙ جي سَل ۾ ڪاٺيءَ جو گٽڪو ڦاسائي، ان جي وچ ۾ ڪِير
جو چپرو پاسو ڦاسائيندو ته جيئن ڪِيرُ ڦٻي بيھي. ان بعد مٿئين پڙ جي ڳاري ۾ سَل ٿيل
ڪاٺيءَ جو گٽڪو ڦاسائيندو، جنھن کي مڪڙو چئجي. آخر ۾ ڪِير جي مٿان گولائي مائل ڦِريل
۽ پاسن کان ڪنڍيدار مڪڙِي ٺاهيندو، جيڪا، پُڙن جي وچ ۾ گهربل وٿيءَ لاءِ، نوڙيءَ
سان آڪيڙا ڏيئي، ڦاسائي ويندي آهي. جنڊ جو هَٿيو به ڊکڻ، اهڙو بيھاريندو جو جنڊ جي
پاسي ۾ ڦٻي بيھي. جنڊ جو تَونر، ڪنڀر ٺاهيندو، جنھن جي وچ ۾ جنڊ جو پورو حصو ڦٻائي
بيھاريو ويندو آهي. هاڻي جنڊ تيار ٿي ويو، جنھن کي هلائڻ جي مھارت سگهڙ ۽ گهريتي مائي
وٽ هوندي آهي. سيکڙاٽ ماڻهوءَ وٽ جنڊ هلائڻ جو ڏانءُ نه هوندو آهي.
اڳي، جڏهن ڳوٺن ۾ جانڊهه يا اٽي جون چڪيون يا مشينون
وغيره نه هونديون هيون ته عورتون اسر ويل اٿي، پھريائين جنڊ تي اَن پيھڻ تي ويھي
رهنديون هيون ۽ ڌڻي تعالى جو ذڪر فڪر ڪري، پئي وندر ڪنديون هيون. جنڊ جي وچ واري
کانچي ۾ هر ٻُڪي وجهڻ تي بسم اللّـہ ڪنديون هيون ۽ جنڊ جو مٿيون پُڙ پيو ڦرندو هيو
۽ زون زون جو آواز پيو ٻڌبو هيو. گهر ڀاتي يا اوڙي پاڙي جا ماڻهو سمجهندا هيا ته
هاڻي پرهه ڦٽڻ واري آهي ۽ اٿي ڪو ڪم ڪار جِي ڪجي. لطيف سائينءَ به جنڊ کي جاڳائڻ
سان سلهاڙيو آهي:
چڪيءَ کي چئِي، ڪا جاڳائي جيڏيون،
ويڙو ساٿ وهِي، تو ننڊ ئي نه
لھي. (شاهه)
ڪي مايون ته ويچاريون گذر سفر لاءِ جنڊ جهوئڻ جو پورهيو
به ڪنديون هيون. هاڻي ته ڳوٺ ڳوٺ ۾ اٽي جو چڪيون لڳي ويون آهن، جنھن سبب هاڻي گهرن
۾ اهي آواز ئي ڪونه ٿا ٻڌجن. اڳي گهر گهر ۾ جنڊ هوندو هئو ۽ برڪت سمجهي ويندي هئي.
هاڻي جو ان جي گهرج نه رهي آهي، ته گهرن ۾ رکي سنڀالڻ کي به بار ٿو سمجهيو وڃي. مشڪل
سان ڪن گهرن ۾ تبرڪ طور سنڀاليل هجي، نه ته ظاهر ئي ڪونهي. اسان جي گهر ۾ به هڪ
عاليشان جنڊ هوندو هيو، بعد ۾ ان جو تَونرُ ته ٽٽي پيو، باقي ٻئي پُڙ هيا. بس هڪ
سائينءَ جو سنواريل، منٿون ڪري کڻي ويو. هاڻي ته هٿ پيا هڻئون ته جيڪر سنڀالجي ها.
مون امڙ کي اَنُ ته پيھندي ڪونه ڏٺو، البت، وقتي طور ڏارو ڪندي ڏٺو، جنھن جو ڳُڙَ
۾ پَٽڙو مٺو ڀَتُ ٺاهيندي هئي ۽ اوڙي پاڙي جي ٻارن ۾ ورهائيندي هئي. اهو ئي ڀتُ جڏهن
ٿورو وقت رکبو ته واهه جو چَڪو ڪري بيھندو هيو. ان وقت کير وجهي، جڏهن کائبو هيو
ته سبحان الله!
ڪڏهن ته امڙ کي جنڊ تي ڌاڻا پيھندي به ڏسبو هيو، ته وري ڌاڻن
جو ڳڀُ به ڪڍي وٺندي هئي. هونئن ته ڳڀُ، اکري ۽ مھريءَ ذريعي ڪڍندي هئي، پر جنڊ تي
به ڳَڀُ ڪڍي وٺندي هئي ۽ ڇڄ ۾ ڇنڊڪو ڏيئي صاف ڪندي هئي. ڌاڻن جي ڳڀ جو سيرو به
واهه جو ٺھندو هيو، جيڪو صرف ننڍپڻ ۾ کاڌو، وري چکيو به ڪونهي.
امڙ کي جنڊ تي ’مانھن‘ جي دال جو بيسڻ پيھندي به ڏٺو. ان
مانھن جي دال جي بيسڻ مان، ديسي گيھه سان ’لڏون‘ ٺاهيندي هئي. امڙ ٻڌائيندي هئي ته
ان جو طريقو ڪنھن واڻياڻيءَ کان سکيو هيائين. مون به هڪ دفعي ان طريقي سان ٺاهڻ جي
ڪوشش ڪئي پر اهو چس پيدا ٿي ته نه سگهيو، پر امڙ جي ياد تازي ضرور ٿي. مانھن جي لڏن
ٺاهڻ لاءِ گهربل اوزارن جي پڻ ضرورت پوي ٿي، جيڪي وقت سان هيڏانھن هوڏانھن ٿي ويا.
نوجوان نسل ته جنڊ سامهون ڏٺو ئي نه هوندو، جن ڏٺو هوندو
تن به ان جي جزن ۽ بيھڪ کي سمجهيو ئي نه هوندو. حقيقت ۾ ان جي جزن ۽ ان جي ڪم جي ڄاڻ
نھايت ضروري آهي. ان ڪرت کان سواءِ ڪافي ادبي شھپارا ۽ تمثيلون سمجهه ۾ ئي ڪونه
اينديون. شاهه لطيف جي هيٺئين بيت تي ڏسجي:
جنڊ پيھندي جيڏيون، ڪيڏو ڪيس ڪڻن،
ڪي پيسي پائمال ٿيا، گهمرن
منجهه گهڻن،
سي ڳاري ڪين ڳرن، جيڪي قائم رهن
ڪِيرَ سان.
سارين ڇڙڻ لاءِ وري مٽيءَ جي جنڊ کان ڪم ورتو ويندو آهي.
ڪافي ڳوٺن ۾ اڄ به ڪنڀر، مٽيءَ مان جنڊ جو مٿيون پُڙُ اهڙو ڏڏريل ۽ کھرو ٺاهيندو
آهي، جنھن ۾ ساريون وجهي، ڇڙي، چانور ڪڍيا ويندا آهن. ان ۾ چار ٽُنگ رکيا ويندا
آهن ۽ وچ ۾ جنڊ وانگر ڳارو پڻ رکندا آهن، جنھن ۾ مڪڙو ڦاسايو ويندو آهي. مزي جي ڳالهه
ته مڪڙو ۽ ڪِيرُ ٻئي ڪاٺيءَ جا جڙيل هوندا آهن. يعني جنڊِي، اهڙي جنڊ کي ڪوٺيو
ويندو آهي، جنھن ۾ پٿر يا لوهه جي ڪابه شيءِ نه هجي، بلڪ اها هٿرادو مٽيءَ مان ئي ٺاهجي.
ان جو مٿيون پڙ، ڪنڀر ٺاهيندو، جڏهن ته هيٺيون پڙ، جنڊ ڪاهيندڙ مائي ئي ٺاهي وٺندي
آهي، جنھن کي ’ڊيٻو‘ چيو ويندو آهي. ڊيٻو گهڻي قدر ڪلراٺي مٽيءَ کي ڳوهي، هفتو کن
سُڪايو ويندو آهي. اها ڪلراٺي مٽي اهڙي ته لوهه ٿي ويندي آهي، جو هروڀرو ڇڻندي ڪونه!
ان جنڊيءَ ۾ گهڻي قدر ساريون ڇڙيون وينديون آهن، جنھن سان سارين تان ڇلر لھي ويندو
۽ چانور نڪري بيھندو، بعد ۾ ان کي ڇڄ ۾ وائري چانور الڳ ڪيا ويندا آهن. جنڊِيءَ جو
هيٺيون پڙ ڪلراٺي مٽيءَ مان ٺاهڻ ڪري، ان ۾ اَنُ يا ڏارو وغيره ڪونه پيسبو آهي.
البت، ڪڻڪ جو تُھُه يا ٻوهو لاهڻ لاءِ ڏربو آهي. جنڊِيءَ بابت لطيف سائينءَ جو هڪ
بيت هن ريت آهي:
جَنڊِي پايو جيءَ ۾، ڏَريان ويٺي
ڏک،
ماڻهن ليکي بُک، مون سڪ سڄڻ يار
جي.
سنڌي ماڻهن جو جنڊ سان تمام گهڻو واهپو رهيو آهي،
ايتريقدر جو خوشيءَ جي موقعن تي پڻ جنڊ ذريعي ساٺ سَوڻ ڪيا ويندا آهن. هيءَ جيڪا
شادي مراديءَ ۾ ’ٻُڪي‘ وڌي ويندي آهي، يعني اوڙي پاڙي جون گهريتيون مايون گڏ ٿينديون
۽ لاڏا سھرا چونديون آهن، سا اصل ۾ جنڊ ذريعي هڪ ساٺُ ڪيو ويندو آهي. جڏهن مايون
دايون گڏ ٿينديون، ته ست سھاڳڻيون (ورَن واريون) گڏجي، واري واري سان هڪ هڪ ٻُڪي
(هڪ هٿ واري) جنڊ جي ڳاري ۾ وجهندي ويندي ۽ گهر ڌَياڻي ويھي، جنڊ کي ويندي ڦيرائيندي.
جيڪو به اٽو ٻاٽ نڪتو، ان کي اهڙي سيڌي ۾ وجهندي، جيڪو شادي مراديءَ ۾ ڪم اچي. ان
خيال کان ته جيئن برڪت ۽ فائدو ٿئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ٻُڪي‘ جو لفظ، برڪت ۽ فائدي
لاءِ لطيف سائينءَ به ڪم آندو آهي:
تون حبيب تون طبيب، تون درد
جـــــون دارون،
دوا آ ھـــــن دل کـــــي،
تنھنجـــــون تنـــــوارون،
ڪريان ٿي ڪارون، جيئن ٻُڪي ٻينئون
نه ٿئي.
پٽن جي طُھرن تي ننڍڙن گهوٽن جي ماءُ کي مٿي تي جنڊ جو پڙ
رکي، مٿان پاڻي هاريو ويندو هيو. ان ساٺ جي ڏاهپ اها هئي ته جيئن ٻارن جو طھر ٿئي
۽ ان جو ڦٽُ جلدي ٿڌو ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪنھن ٻار جو ڦٽُ جلدي نه ڇٽندو هيو ته وڏڙيون
پڇنديون هيون: ”ڇا هن ٻار جي ماءُ جنڊ مٿي تي کڻي، پاڻي نه هارايو هو ڇا؟“ بس اهي
ته ساٺ هيا، جيڪي ساٺبا هيا، ان جي ڏاهپ تي ته وڌيڪ نه ٿو ڳالهائي سگهجي، البت جنڊ
کي مانُ ڏيڻ واري ڳالهه ضرور سمجهي سگهجي ٿي. مون کي ايتري سانڀر آهي ته منھنجي ۽
مون کان ننڍي ڀاءُ جي طھرن تي امڙ کي پڻ، مٿي تي جنڊ جو مٿيون پُڙ ڏيئي، پاڻي
هاريو ويو هو. ’جنڊ کڻي جشن ڪرڻ‘ واري ورجيس به ان ساٺ مان جڙي آهي. اڳي ڪا مراد
پوري ٿيندي هئي ته خوشيءَ ۾ اهو وزن مٿي تي کڻبو هيو.
ساٺن ۾ جِتي، جنڊ خوشيءَ وارن ڏهاڙن ۾ ياد ڪيو ويندو
آهي، اُتي ڏڪار يا اڻاٺ ۾ مينھن يا وسڪاري لاءِ پڻ ساٺ ڪيا ويندا آهن. چوندا آهن:
”ڪارڙو ڪمارڙو، ان پاڻي ڏي ته مينھُن وسي.“ ان لاءِ ايئن ڪندا آهن جو گهر گهر مان
اَن لَپَ، ڪٿان ٻُڪُ يا جهول ته ڪٿئون وري چوٿڙو يا پاٽي ڪٺي ڪبي هئي. ايئن اَن ڪٺو
ڪري، بعد ۾ ان سان ستن جنڊن جي ’ڪيرَ منجهه بچيل ڪڻا‘ کڻي ملائيندا هيا. ڪيرَ وارن
ڪڻن سان مليل اَن جو ڏارو ڪري، ڳڙ يا لوڻ ۾ ڀت ڪري ورهايو ويندو هو، جنھن لاءِ چيو
ويندو هو: ’ست ڪڻي، مھر گهڻي.‘
جيئن ته جنڊ گهر گهر جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو، ان ڪارڻ،
جنڊ ۽ ان سان منسلڪ لفظن جو سنڌي ٻوليءَ جي اصطلاحن ۽ پھاڪن ۾ذڪر ملندو، جيئن:
• اصطلاح ۽ محاورا
انڌي ۽ جنڊ هجڻ (ڪم ۾ نبيرو نه
هجڻ)
جنڊ تي ڦوسي (هلڪڙو- بي همٿ-
خسيس)
جنڊ ڪاهڻ (ڪشالا ڪرڻ- سخت محنت
ڪرڻ)
جنڊ ڪڍڻ (سخت پورهيا ڪرڻ- ڏاکڙا
ڪڍڻ)
جنڊ جهوئڻ (ڪم کي لڳو رهڻ-
پِيھه پيھان ڪرڻ)
جنڊ ڪُتِي (ڪاهل ماڻهو- ٽوٽي-
ذلت سان روزي ڪمائڻ وارو)
• پھاڪا ۽ چوڻيون
• جنڊ به وار، بُٺ به وار (وارُ معنى وارو-
گهمرو)
ان پھاڪي جي معنى آهي، جو جيڪڏهن گهڻيون زالون هڪڙي جنڊ
تي اٽو پيھڻ وينديون هيون، ته جيڪا اڳي ويندي، سا اڳي پيھندي، جيڪا پوءِ ويندي سا
پوءِ. تنھن وانگر بٺ تي ڦُلا ڀُڃائڻ واري تي اڳين اڳي، پوئين پوءِ ڀُڃائي. پر مطلب
هيءُ آهي، جو دنيا مان وهيون، توڙي وِلهو، سڀڪو ڏينھن پُني هليو ويندو. (گل شڪر-
ديوان ڪيولرام آڏواڻي)
• ’اَن جو منھن، جنڊ ڏي.‘ (اڳي پوءِ هڪٻئي ۾ ڪم
پوي ٿو، ان لاءِ چئبو آهي، ان جو منھن جنڊ ڏي، ڪاڏي ويندو)
• ’اباڻي جنڊڙي، وارائتي وار.‘
• ’گهر جي جَنڊڙي واري واري سان.‘
• ’جنڊ به وار، بٺ به وار، دنيا جو آهي، هيءُ
وهنوار.‘
• ’جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو، پُڙ کڻ ته پُڙ ڳورو.‘
• ’جنڊ ڪڍي سسئي، پِنجُوڙيون پائي.‘
• ’جنڊ آھي، آھوڙي سان.‘
• ’زال ته جنڊ، مڙس ته پنڌ.‘
• ’جنڊ ۾ مڪڙو، مينھن آيو تڪڙو.‘
• ’اَٽو پوي اُن تي، چَڪي چلائي جو.‘
• ’جنھن ڏنو آ جنڊ، ٻڪي به سو ئي ڏيندو.‘
• ’پنڻ کان پيھڻ ڀلو.‘
• ’انڌي ۽ جنڊ، ٻئي ٻُڪيون تَونر ۾.‘
• ’انڌي پيھين، ڪتي چٽي.‘
• ’انڌي ۽ جنڊ، ٻه ڪاسا پيسائي، پيھه ۽
پيھه.‘
• ’انڌي ۽ جنڊ، ڏهه پاٽيون ڏوڪڙ.‘
• ’انڌي ۽ جنڊ، واري ۽ پنڌ، نه کٽي، نه جان ڇٽي.‘
• ’انڌي ۽ جنڊ؛ کٽولو ۽ ھنڌ. واڻيو ۽ ھٽ؛
تارازي ۽ وٽ.‘
• ’اهو جنڊ، اِها انڌي.‘
• ’انڌي ۽ جنڊ، ساڳي منجهند.‘
• ’انڌيءَ پيٺو، ڪتيءَ چٽيو.‘
• ’ڀڳوان جي جانڊهه هلي آهستي، پر پيھين
سنھون.‘
• ’پٿر پوڄيي ھر ملي، تو مين پوڄون سارا پھاڙ،
اس پٿر سي چڪي ڀلي، جو پيس کائي سنسار.‘ (ڪبير)
• ’پَٽُ پراڻو، ته به ڪو جنڊ جو نائو.‘ (پٽ
يا ريشم جو ڪپڙو ڀلي پراڻو ٿي وڃي، پر اھو جنڊ اگهڻ جھڙي ڪم ۾ ڪتب نه آڻبو، جو اھا
ان جي بيقدري آھي)
• ’جنڊ ۾ ٻُڪي، گهوٽَ ماءُ ڍڪِي.‘
• ’جنڊ جو مٿيون پڙ، سدائين چڪر ۾.‘
• ’جنڊ سان مٿو ھڻبو ته ڀڄندو.‘
• ’جويان جنڊ نه وسري، ڏاندان آراڙو.‘ (آراڙو
= پوک جو اڻ پڪل اَنُ)
• ’جيترا پُٽَ، تيترا جنڊ.‘
• ’جيڪا پيھين پوءِ پٽي، تنھن جو اٽو ڪڏهن نه
کُٽي.‘
• ’چڪي بنا داڻن جي رڳو گهرڙ گهرڙ، ماڻهو بنا
ڄاڻڻ جي رڳو ٽرڙ ٽرڙ.‘
• ’دنيا وڃي پڳي چنڊ تي، اسان اھي ئي جنڊ
تي.‘
• ’زالن تان جنڊ ويا، مڙسن تان پنڌ ويا.‘
• ’عورت جو مرڪ، چيزون چار؛ چڪي، چلھ، چرخو ۽
چادر.‘ (اوائلي چوڻي)
• ڪُتي بک کان جنڊ پئي چٽيو، انڌي چيس؛ ”ادا
اٽي لپ ته ڏجانءِ!“
• ’ڪي ڪڻڪ داڻا ڳِلها، ڪي جنڊ پڙ ڍلا.‘
• ’گهر را گهيرٽي چٽين، گرو ٿو آٽو کائي.‘ (ٿري
پھاڪو)
• ’ماءُ جنڊ ڪڍڻي، پٽ ڦڙڪا پائي.‘ (ڦڙڪو = پٽڪو-
ڦينٽو)
• ’ماءُ جنڊ ڪڍڻي، ته به ڌيءُ آسائتي.‘
• ’مُٺِ جنڊ ۾، اک چنڊ ۾.‘
• ’مڙس آڻي ٻُڪي چُڪي، زال نئي ھِڪي چُڪي.‘
• ’مئو، ڪک نه پيو سھي، جيئرو، جانڊهه ۾
پيسجي.‘
(هن مضمون جي اصلاح ۽ اصطلاحن- پھاڪن کي شامل ڪرڻ ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي، مان سندس بيحد شڪر گذار آهيان)
Thank you for sharing this... 🙏🙏
ReplyDeleteMy pleasure dear
DeleteSaeen Bachpan Joon sabh yadoon taza Kary chhadhyawa. Subhanallah dear sir.
ReplyDelete