Tuesday, May 30, 2023

سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاح ’اشتقاق‘ جي اکيڙ - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاح ’اشتقاق‘ جي اکيڙ

(Etymology)

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي ٻولين جا لفظ ضم ٿي پنهنجائپ جو روپ وٺي چڪا آهن. جنهن ۾ عربي، فارسي، ترڪي، هندي - اردو ۽ انگريزي ٻولين جا لفظ نمايان رهيا آهن. ننڍن ڪلاسن کان وٺي انٽر ڪلاسن جي نصاب ۾ هي ٻوليءَ جو اصطلاح پڙهايو ۽ سيکاريو ويندو آهي. ان جي اهميت تمام پراڻي محسوس ڪيل آهي، جنهن لاءِ ۱۸۸۶ع تي ’وئتپتي ڪوش‘ ۾ ليکڪ جھمٽمل نارومل وسڻائي لکي ٿو ته: ”آءٌ ڀانيان ٿو ته گھڻو ڪري سڀ ماڻهو قبول ڪندا ته اشتقاقن جي ڪتاب جو گھڻو احتياج آهي. نه رڳو سنڌي ۽ انگريزي مڪتبن جي درجن ۾ اشتقاق امتحان جو ڀاڱو آهن، ۽ تنهنڪري ڇوڪرن کان پڇڻ گھرجن، پر عام پڙهندڙن کي به گھڻو فائدو ڪندا؛ ڇو جو جڏهن خبر پيئي ته فلاڻو لفظ فلاڻي ٻوليءَ ۽ فلاڻي مول مان نڪتو آهي، تڏهن سُڌ ارٿ جي به خبر پوندي. ان جو احتياج ئي سبب ڪافي آهي.“ (جھمٽمل، ۱۹۷۸: ۵)


آنجـﻫـاني ڀيرومل آڏواڻي پنهنجي هڪ مقالي ’سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ رٿ‘ ۾ ڪتابن ۽ لغتن جي گھرج ڏيکاريندي ۶ نمبر تي رٿ ڏيندي لکي ٿو ته: ”سڀني ٻولين ۾ جيڪي لفظ ڪم اچن ٿا، سي ڌڪيبازيءَ تي ٺـﻫـيل نه آهن. هر هڪ لفظ ۾ ڪونه ڪو خيال سمايل آهي ئي آهي؛ ۽ اهو جيستائين نه جھٽبو، تيستائين ان جي صحيح معنى سمجھڻ ئي مشڪل ٿي پوندي. جيڪڏهن شاگرد لفظن جون معنائون رواجي لغتن مان ڏسي، طوطي وانگر ياد ڪندا، ته اهو مورڳو سندن حافظي تي بوجو ٿيندو. انهي کي ٻوليءَ جو اڀياس هرگز نه چئبو. انگريزيءَ ۾ Etymology made Easy ۽ ٻيا اهڙا ڪتاب آهن، جي ٻوليءَ جي اونهي اڀياس ڪرڻ ۾ وڏي واهر ڪن ٿا، ته سنڌيءَ ۾ به ڇو نه هجن؟ (هڪڙو، ۲۰۰۷: ۹۹)

هن اصطلاح جي سيکارڻ جو مقصد طالب علم کي ڪنهن لفظ جي بنياد تائين رسائڻ هوندو آهي. پر ٿئي ائين ٿو ته اڪثر استاد ٻارن کي اشتقاقن جي وڏي لسٽ ڏئي رٽي ڏانهن راغب ڪندا آهن؛ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته وقت گذرڻ سان اهي طالب علم پڙهايل/ رٽيل اشتقاقن بابت ڪا به ڄاڻ ڪونه رکندا آهن؛ ۽ نه وري ٻولين جي اهم اصولن کان واقف ٿي سگھندا آهن. ان نندڻ جوڳي عمل کي ٻنڊي ڏيڻ لاءِ سوچ ڪجي ٿي ته ڪنهن لفظ کي سمجھڻ يا ان جي تهه تائين پـﻫـچڻ لاءِ ڪو طريقه ڪار اختيار ڪجي جيئن ٻار ۾ خود جستجو ڪرڻ واري قوت پيدا ٿئي. ان جي لاءِ بهتر ٿيندو ته مختلف ٻولين جي چند اهم اصولن، مصدرن، اڳياڙين يا پڇاڙين کي آڏو رکي ڪنهن لفظ جي بنياد کي ڪنهن حد تائين پرکڻ جي ڪوشش ڪجي. هيءَ ڪوشش صرف درسي طالب علمن لاءِ وٺجي ٿي.

اصطلاح ’اشتقاق‘ جي وضاحت ۾ ابڙو عبدالرحيم ارشد لکي ٿو ته: ”اشتقاق عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنـﻫـن جي معنى آهي ’چيرڻ‘. ڪنـﻫـن به لفظ کي چيري يا ڀڃي، سندس اصلي جڙ يا بنياد ڳولهڻ کي ان جو اشتقاق چئجي ٿو. اسان جي ٻوليءَ ۾ عربي، فارسي ۽ سنسڪرت وغيره ٻولين جا لفظ اڪثر استعمال ٿين ٿا. عربي لفظن جي اشتقاقن لـﻫـڻ لاءِ ’ناموسيت‘ لفظ جي ڪسوٽيءَ سان ان جي تڪ تور ڪجي. يعني جيڪي حرف ’ناموسيت‘ لفظ ۾ اچن ٿا، اهي ان لفظ مان ڪڍي ڇڏڻ سان اڪثر ڪري سندس اشتقاق ملي ويندو.“ (ابڙو، ۱۹۸۶: ۵۸)

لفظ ’اشتقاق‘ عربي ٻوليءَ جي ’اِفتِعال‘ مصدر جي وزن تي آهي ۽ ان جي لغوي معنى آهي: ٽوڙڻ، چيرڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ؛ ان جو ڌاتو ’شَقَّ‘ (شَقۡ + قَ) آهي، جنهن جي معنى آهي: هن ٽوڙيو، هن ڀاڱا ڪيا. رسول اللهﷺ جو آڱر سان چنڊ کي ٻه اڌ ڪرڻ وارو عام واقعو ’شق القمر‘ سڀ ڄاڻن ٿا، قرآن پاڪ ۾ حضور ﷺ جن جي حوالي سان ’شق الصدر‘ جو احوال به ڏنل آهي.

لفظ اشتقاق جي اصطلاحي معنى لاءِ مرحوم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڄاڻائي ٿو ته: ”لفظ اشتقاق جي اصطلاحي معنى آهي: لفظ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ان جي هرهڪ حصي جي جدا جدا معنى ڪڍڻ.“ (ميمڻ، ۱۹۸۷: ۵۷)

ڪنهن لفظ جي اشتقاق جي حوالي سان محترم آفتاب ابڙي لفظن جي ورڇ ڏاڍي سهڻي ڪئي آهي ته: ”ٻوليءَ ۾ ڪي لفظ مرڪب (ٻٽا) ٿين ٿا ته ڪي وري مفرد (اڪيلا). عام طور مرڪب لفظ صفت+اسم، ظرف+اسم وغيره جا جوڙ ٿين ٿا، جيئن:گلبدن، نورچشم، راڄڌاني، ڪم عقل، بيوقوف، ناسمجهه وغيره. ڪي مرڪب وري اڳياڙين (Prefix) سان ٺهن، جيئن: ڪُريت، سُچر، اَماس، اَشڀ، مهاساگر وغيره. ڪي مرڪب وري پڇاڙين (Suffix) سان جڙن، جيئن: طلبگار، لطف اندوز، اپائڻهار، اکياڙو وغيره.“ (آفتاب، ۱۹۹۲: ۳۳۰- ۳۳۱)

ڪنهن لفظ کي سندس ٻوليءَ جي تعلق کان سواءِ اشتقاق ڪرڻ ائين آهي جيئن جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ! ساڳي ڳالهه استاد غلام محمد سومري صاحب پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي ۽ ان جي سکيا‘ جي ’اشتقاق واري باب ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ شامل آهن، جن مان اڪثر ڪري سنسڪرت، عربي ۽ پارسي جا آهن. تنهن کان سواءِ انگريزي، سرائڪي، بلوچي ۽ ٻين ٻولين جا پڻ اصلي خواه بگڙيل صورت ۾ موجود آهن... لفظ جي اشتقاق ڪرڻ وقت سندس تعلق ڪهڙي ٻوليءَ سان آهي، سندس بنياد ڪهڙو آهي ۽ ان جي معنى ڪهڙي ورتي وڃي ٿي.“ (سومرو، ۱۹۹۷: ۱۱۳)

حقيقت ۾ هن اصطلاح مان مراد لفظ جو صرف اصل نسل ۽ معنى مفهوم معلوم ڪرڻ هوندو آهي، مثلاً:

شمس العلماءُ = [(عربي) شمس = سج + علماءُ = عالم/ عليم جو جمع (عَلَمَ = هن ڄاتو، هو ڄاڻ ۾ وڌيو)] عالمن جو سج- وڏو ڄاڻو- مرڪزي حيثيت رکندڙ عالم.

ان مرڪب لفظ جو اشتقاق مختصر طور تي هيٺين ريت ڪري سگھجي ٿو.

شمس العلماءُ = (ع- شمس = سج + علماءُ = عالم جو جمع) عالمن جو سج- وڏو عالم.

اهڙا لفظ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ عام جام ٿي ويا آهن، جنهنڪري غلطيءَ جو امڪان گھٽ رهندو آهي؛ پر ڪي لفظ اڄ سوڌو عام تائين واضح ڪونهن، جيئن:

خدا ترس = (فارسي- خدا = مالڪ، ڌڻي + ترسيدن = ڊڄڻ، لـﻫـرائڻ) الله کان ڊڄڻ وارو- پرهيزگار- مُتقي.

هي فارسي لفظ آهي جنهن جي معنى ’متقيءَ‘ جي ئي آهي. عام جي سمجھ مطابق لفظ جي ٻئي جوڙ ’ترس‘ جي معنى ’رحم‘، ’ڪـﻫـل‘، ’ڪهڪاءُ‘ ورتي ويندي آهي، يعني خدا ترس جي معنى ’الله ڪارڻ ٻين تي ڪﻫـل کائيندڙ‘ ورتي ويندي آهي. اهڙي تڪڙ منهنجي فاضل دوست آفتاب ابڙي کان به ٿي آهي. (آفتاب، ۱۹۹۲: ۱۳۸)

نِرمل = (سن- نِر = نه + مل = مَرُ، مير، ڄاول مٽي) جنهن تي ڪا مٖيرُ مٽِي نه هجي- پاڪ صاف- صاف شفاف.

ذڪر ڪيل لفظن ۾ هڪ خاص ڳالهه اها به ڏٺي وڃي ٿي ته لغوي اعتبار کان لفظ جي معنى هڪڙي ٿئي ٿي ليڪن لفظ جي عام رواج ۾ آندل معنى لفظ کان ڪجھ پاسيري ٿئي ٿي. ان جي حقيقي وضاحت اها آهي ته ڪوبه لفظ ٻن قسمن جون معنائون رکندو آهي، هڪ: لغوي اعتبار کان، ٻيو: ان ٻوليءَ جي سماجي مزاج سان سلهاڙيل.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي صاحب لفظ جي اهڙين ٻن معنائن جي حوالي سان ڄاڻايل هڪ اختصار ۾ ڄاڻايو آهي ته:

” (۱) معنائون ٻه آهن: هڪ سوچ جو نتيجو آهي ۽ ٻي سوچ کي وڌائي ٿي ۽ جوابي عمل لاءِ هڪ مواد پيدا ڪري ٿي.

(۲) اها معنى، جيڪا سوچ جو نتيجو آهي، سا لغوي معنى ٿي سڏجي، ۽ اها جيڪا سوچ کي مواد ٿي ڏئي، سا اصلاحي معنى ٿي سڏجي.

(۳) اهڙيءَ ريت نشان ۽ اهڃاڻ به ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪڙا اهي جيڪي سوچ جو نتيجو آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي سوچ وڌائين ٿا.

(۴) لفظن جو جادو اسان جي من جي ڪهاڻيءَ سان، ۽ انساني سماج، تهذيب ۽ ڪلچر سان واسطو رکي ٿي.“ (ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو- سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج- ص: ۲۸۴)

حقيقت به اها آهي ته لفظن تي غور ڪرڻ سان اهو ڏٺو ويو آهي ته لفظ گھڻي قدر پنهنجي معنى ان ٻوليءَ يا سفر ڪري آيل ٻي ٻوليءَ ۾ سماج جي پٽاندر وڃي جاءِ ورتي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر ٻوهيو صاحب پنهنجي ٿيسز ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ جي اهم باب ’علم معنى ۽ ان جي سماجي حيثيت‘ واري باب ۾ اڳتي لکي ٿو ته: ”پهاڪي ۽ اصطلاح جيان لفظ به اسان جي سوچ جو هڪ سماجي دائرو (scope) مقرر ڪن ٿا؛ مثال طور:

انفرادي معنى وارا لفظ: انڌو (اکين کان)، مٿو (جسم جو حصو)، سون (هڪڙو ڌاتو)، ٻانهن (عضوو)

سماجي معنى وارا لفظ: انڌو (عقل جو جڏو)، مٿو (سوچ)، سون (سراسر سوچ)، ٻانهن (سڱ يا عورت)

هنن مثالن مان ڏٺو ويندو ته هڪ ئي لفظ معنى جا ٻه مقام ڏئي ٿو. انهن ٻن معنائن مان پهرين معنى ته اها عام معنى آهي، جا فرد ۽ فرد جي وچ ۾ منتقل ٿئي ٿي ۽ ڪم اچي ٿي؛ پر ٻي معنى مٿاهين معنى آهي، جا سماج ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ سماجي طور ڄاتي وڃي ٿي. هن طرح ٻنهي حالتن ۾ معنى اسان جي سماج ۾ ڪم ڪري ٿي.“ (ٻوهيو- ص: ۳۰۵- ۳۰۶)

مٿين اشتقاقن ۽ وضاحتن مان جيڪي ضروري ڳالهيون سامهون اچن ٿيون سي هي آهن:

۱۔ عربيءَ جي چند اصولن جهڙوڪ: اهم بنيادي وزنن کي ذهن نشين ڪرڻ ضروري آهي؛ جهڙوڪ: واحد- جمع جا وزن، فعل- فاعل- مفعول جا وزن، چند مصدرن جا وزن وغيره

۲۔ فارسي ٻوليءَ جون اهم مصدرون، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ عام جام ڪم آنديون وڃن ٿيون، ياد رکڻ گھرجن.

۳۔ هندي- سنسڪرت توڙي سنڌي ٻوليءَ جي اهم پَروس اڳياڙين يا پڇاڙين کي ذهن نشين ڪرڻ گھرجي.

۴۔ ڪنهن به ٻوليءَ جي لفظ کي سندس اصل نسل ڏانهن ئي کڻڻ بهتر آهي، تڏهن ئي ڪنهن لفظ جي بنيادي معنى کي سمجھي پروڙي سگھبو.

۵۔ ڪنهن لفظ جي اصطلاحي معنى ان ٻوليءَ جي سماجي مزاج پٽاندر وٺڻي پوندي.

عام استادن پاران طالب علمن کي سمجھائڻ يا لکرائڻ بعد شاگردن کي اهو ئي ذهن تي رهندو آهي ته اشتقاق مان مراد ڪنهن لفظ کي اڌو اڌ ڪرڻ! جڏهن اشتقاق جي مراد ڪنهن لفظ کي اڌو اڌ ڪرڻ هجي ته پوءِ هيٺيون لفظ ڪيئن اڌ ڪجي؟ جڏهن ته ڪافي شاگرد ان کي اڌو اڌ به ڪندا آهن، جيئن: مخدوم = (مخ = ؟ + دوم= ؟) عالم

يا وري اسان جا ڌانڌوڙي استاد گاسليٽي گائيڊون ڇپائي ڪنهن به ڳالهه جو خيال نه ڪندي قوم سان مذاق ڪندا آهن، تازو ٻارهين ڪلاس جي ٻن سنڌي نصاب جي گائيڊن تي نظر ڪيم جن ۾ لفظ ’انحراف‘ جو غير معتبر اشتقاق ٿيل آهي:

اِنحراف = (اِن = انڪار + حرف = پاسو) ابتڙ هلڻ- ڀڃڪڙي ڪرڻ.

اصل ۾ اهو عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ان جي اشتقاق ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته پهريائين عربيءَ موجب ئي ان جي سه- حرفي/ ٽه- اکري/ اصل/ بنياد معلوم ڪبو، ان بعد ان جي وزن کي جاچبو؛ وزن معلوم ڪرڻ بعد ان وزن جي حيثيت معلوم ڪبي ته اهو وزن ڪهڙي مقصد لاءِ ڪم آندو ويندو آهي، تڏهن ئي ڪا مراد حاصل ٿيندي. حقيقت اها آهي ته ان وزن تي ڪافي ٻيا لفظ به جڙندا آهن، ان لاءِ وزن کي ذهن نشين ڪرڻ لازمي هوندو آهي. مذڪوره لفظ جو اشتقاق هيٺينءَ ريت ڪري سگھجي ٿو:

اِنحراف = [اِنحِراف- اِنۡفِعَال- مصدر (حَرَفَ = هن هٽايو)] ڪنهن ڳالهه تان ڦري وڃڻ- قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ- نافرماني ڪرڻ- انڪار ڪرڻ- چيو نه مڃڻ.

ساڳي گھرج کي ڀيرومل آڏواڻي صاحب هيئن بيان ڪيو آهي ته: ”اسان جا ڪيترا هندو توڙي مسلمان شاگرد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پارسي سکن ٿا. سڄي پارسي ٻولي عربي لفظن سان ڀري پئي آهي. هندو شاگرد عربي ڪونه ٿا سکن، ته به سڌ اٿن ته عربيءَ جو هڪ هڪ لفظ ڪنهن نه ڪنهن وزن تي جڙيل آهي. مثلاً: ’فعل‘، ’فاعل‘ ۽ ’مفعول‘ جي وزنن تي ’حسد‘، ’حاسد‘ ۽ ’محسود‘، ’قتل‘، ’قاتل‘ ۽ ’مقتول‘، ’ظلم‘، ’ظالم‘ ۽ ’مظلوم‘ لفظ ٺـﻫـيل آهن. فرض ڪريو ته ڪنهن شاگرد ڪکي اظلم لفظ جي معنى نه ٿي اچي، ته به رڳو انهيءَ لفظ جي شڪل ڏسڻ سان جھٽ سمجھي سگھندو ته ڌاتو يا بنياد ’ظلم‘ اٿس. هيءَ ڪا ٿوري ڳالهه ته نه چئبي ...“ (هڪڙو، ۲۰۰۷: ۹۹)

اهڙن لفظن جي سه- حرفي/ ٽه- اکري/ اصل/ بنياد بر وزن ’فَعَلَ‘ معلوم ڪرڻ جو سادو طريقو اهو آهي ته مذڪوره لفظ مان زائد اکر ڪڍي باقي ٽي اکر بچايو ۽ ان کي عام استعمال ٿيندڙ لفظن جي وزنن ۾ ڦيرو ڏياريو ته اوهان سان بنيادي لفظ پاڻمرادو ڳالهائيندو؛ هيٺ زائد اکر ڄاڻائجن ٿا جيڪي ڪنهن لفظ جي ٽه- اکري ڪڍڻ ۾ مدد ڪندا:

’ي، ت، س، م، ن، و، ا‘ جن کي گڏي ياد ڪرڻ لاءِ اسان هڪ لفظ ’يتسمنوا‘ يا ’ناموسيت‘ ڪري ياد ڪندا آهيون. ’ارشاد صرف‘ جي مرتب ان ۾ ٽن زائد اکرن جو اضافو ڪري ’سئلتمونيها‘ بيهاريو آهي.

ڪنهن لفظ جو اصل معلوم ڪرڻ جو آسان ڍنگ:

 

زائد اکر: ن- ا- م- و- س- ي- ت

اشتقاق: ا - ش – ت – ق – ا – ق

(زائد اکرن کي ’اشتقاق‘ جي لفظ مان اکر ڪڍي باقي ’ش- ق- ق‘ بچن ٿا، جن کي هيٺين ريت لکي سگھجي ٿو:

(شَقَقَ > شَقَّ = هن ٽوڙيو، هن ٽڪر ٽڪر ڪيو.)

 

زائد اکر: ن- ا- م- و- س- ي- ت

انحراف: ا - ن – ح – ر – ا – ف

(زائد اکرن کي ’انحراف‘ جي لفظ مان اکر ڪڍي باقي ’ح - ر - ف‘ بچن ٿا، جن کي هيٺين ريت لکي سگھجي ٿو:

(حَرَفَ = هن هٽايو.)

 

زائد اکر: ن- ا- م- و- س- ي- ت

تحريڪ: ت - ح – ر – ي – ڪ

(مٿين اکرن کي ’تحريڪ‘ جي لفظ مان اکر ڪڍي باقي ’ح - ر - ڪ‘ بچن ٿا، جن کي هيٺين ريت لکي سگھجي ٿو:

(حَرَڪَ = هن زخمي ڪيو.)

 

زائد اکر: ن- ا- م- و- س- ي- ت

استغفار: ا - س – ت – غ – ف – ا – ر

(مٿين اکرن کي ’استغفار‘ جي لفظ مان اکر ڪڍي باقي ’غ – ف - ر‘ بچن ٿا، جن کي هيٺين ريت لکي سگھجي ٿو:

(غَفَرَ = هن ڍڪ ڍڪيا.)

 

زائد اکر: ن- ا- م- و- س- ي- ت

مختلف: م - خ – ت – ل – ف

(مٿين اکرن کي ’مختلف‘ جي لفظ مان اکر ڪڍي باقي ’خ - ل - ف‘ بچن ٿا، جن کي هيٺين ريت لکي سگھجي ٿو:

(خَلَفَ > مُخالفةً = مخالفت ڪرڻ.)

 

زائد اکر: ن- ا- م- و- س- ي- ت

مخدوم: م - خ – د – و – م

(مٿين اکرن کي ’مخدوم‘ جي لفظ مان اکر ڪڍي باقي ’خ - د - م‘ بچن ٿا، لفظ ’مخدوم‘ ۾ هونئن ته ٻه ’م‘ اچن ٿا جيڪڏهن ٻئي ڪٽي ڇڏبا ته ٽه- اکري لفظ جي جڳهه تي ٻه اکري بچندو، ان صورت ۾ آخري ’م‘ سان رعايت ڪري تن کي هيٺين ريت لکي سگھجي ٿو:

(خَدَمَ = هن خدمت ڪئي.)

 

زائد اکر: ن- ا- م- و- س- ي- ت

استعمال: ا - س – ت – ع – م – ا - ل

(مٿين اکرن کي ’استعمال‘ جي لفظ مان اکر ڪڍي باقي ’ع – م - ل‘ بچن ٿا، (عَمِلَ = هن ڪم ڪيو)، حقيقت اها آهي ته زائد اکرن جي ڪٽڻ واري اصول پٽاندر ’م‘ به ڪٽجڻ کپي، پر حالت اها بيهي ٿي ته عربيءَ جي ٽه- اکري بنياد واري اصول تي نه ٿو بيهي يعني ’ٻه اکر‘ بچن ٿا، ان صورت ۾ اهڙو ڪو اکر بچائبو جيڪو ڪنهن لفظ ۾ بيهي سگھي. ان صورت ۾ زائد اکرن جو اصول شروعاتي طالب علمن لاءِ هڪ اندازي طور ڄاتو ويندو آهي.

 

زائد اکر: ن- ا- م- و- س- ي- ت

احتساب: ا - ح – ت – س – ا – ب

(مٿين اکرن کي ’احتساب‘ جي لفظ مان اکر ڪڍي باقي ’ح- س- ب‘ بچن ٿا، ان ۾ به ’س‘ سان رعايت ڪندي ٽه- اکري مادو ’حسب‘ بيهاربو: (حَسَبَ = هن ڳڻيو؛ هن ذهن نشين ڪيو.)

ڪنهن لفظ جي اصل/ بنياد/ ڌاتو/ ٽه- اکري معلوم ڪرڻ جو ابتدائي طريقو اهو هوندو آهي. عام شاگردن ۽ چند استادن جي اڻڄاڻائيءَ کي ڏسي ڪري ڪوشش ڪجي ٿي ته لفظ جي اصليت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻوليءَ جي چند اصولن جو خاص اڀياس ڪجي. مثال طور لفظ ’مخدوم‘ جو اشتقاق ڪري پوءِ ئي ان جي گھٽ گھيڙ کي سمجھي سگھبو.

مخدوم = (خَدَمَ = هن خدمت ڪئي) اسم مفعول- جنهن جي خدمت ڪئي وڃي.

مذڪوره لفظ بنيادي طور تي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ’مفعول‘ جي وزن تي آهي، ’فاعل‘ جي وزن تي ’خادم‘ ۽ ’فعل‘ جي وزن تي ’خدم‘ ٿيندو. عربي جي بنيادي لفظن ۾ ٽي- اکرا عام ٿيندا آهن، چند بنيادي لفظن ۾ ٻه- اکرا ٿين، تن ۾ به آخري ضرور مشدّد هوندو ۽ چار- اکرا به ٿين ٿا. بهر حال بنيادي فعل گھڻي قدر ٽي- اکرا ٿيندا آهن، جن جي معنى ضمير واحد غائب سان زمان ماضيءَ ۾ ورتي ويندي آهي، جيئن:

فَعَلَ (ٽنهي اکرن تي زبرون) = هن ڪم ڪيو.

فَعَلَ: هن ڪم ڪيو

خَدَمَ: هن چاڪري ڪئي

ضَرَبَ: هن ڌڪ هنيو

حَمَلَ: هن برداشت ڪيو

حَڪَمَ: هن حڪم ڪيو

قَتَلَ: هن ماريو

خَتَمَ: هن پورو ڪيو

قَبَلَ: هو اڳيان آيو

وَلَدَ: هن ڄڻيو

حَرَمَ: هن جھليو/ منع ڪئي

محترم رحيم بخش ميمڻ صاحب پنهنجي ڪتاب ’تعليم مادري زبان‘ ۾ عربي ٻوليءَ ۾ ’فعل‘ جا اعرابن جي لحاظ کان تقريباً ڇهه وزن ڄاڻايا آهن جيڪي فعل ۽ اسم يا صفت جي مفهوم ۾ ڪم ايندا آهن، تن جو ذڪر هيٺ معنى سوڌو ڪجي ٿو:

۱. فَعۡلُ: (ف تي زبر، ع تي جزم ۽ ل تي پيش)

جَذۡبُ: ڇڪي وٺڻ، ڪشش ڪرڻ

ضَرۡبُ: مارڻ

جَمۡعُ: ڪٺو

جَرۡحُ: زخم

بَرۡقُ: وڄ

ذَبۡحُ: سر وڍڻ

شَرۡحُ: کولڻ

فَتۡحُ: سوڀ

صَبۡرُ: ماٺ

قَهۡرُ: ڏاڍ، ظلم

فَضۡلُ: مهرباني

 

۲. فِعۡلُ: (ف تي زير، ع تي جزم ۽ ل تي پيش)

ذِڪۡرُ: ياد

فِڪۡرُ: سوچ

شِعۡرُ: ڄاڻڻ، بيت

حِرۡصُ: لالچ، لوڀ

حِفۡظُ: ياد ڪرڻ

عِشۡقُ: دل لڳائڻ

شِرۡڪُ: خدا سان ڳنڍڻ

 

۳. فُعۡلُ: (ف تي پيش، ع تي جزم ۽ ل تي پيش)

رُعۡبُ: دٻدٻو

قُرۡبُ: ويجھڙائي

زُهۡدُ: پرهيزگاري

شُڪۡرُ: ٿورو، احسان

ڪُفۡرُ: انڪار

حُڪۡمُ: امر

ظُلۡمُ: ڏاڍ

صُبۡحُ: پرڀات

 

۴. فُعُلُ: (ف تي پيش، ع تي پيش ۽ ل تي پيش)

حُمُقُ: بيوقوفي

عُمُقُ: اونهائي

 

۵. فَعَلُ: (ف تي زبر، ع تي زبر ۽ ل تي پيش)

طَلَبُ: گھرَ

حَسَدُ: ساڙ

خَطَرُ: هلاڪت ۾ پوڻ

قَدَمُ: پير

غَرَضُ: مطلب

 

۶. فِعَلُ: (ف تي زير، ع تي زبر ۽ ل تي پيش)

ڪِبَرُ: ڪرڙائي، وڏپڻ

قِدَمُ: جھونائي

صِغَرُ: ننڍپڻ

ثِقَلُ: ڳوراڻ

 

بنيادي طور تي پرائمري ۾ اسان کي ٽي وزن سيکاريا ويندا آهن، جن ۾ ’فعل‘ (ڪم)، ’فاعل‘ (ڪم جو ڪندڙ) ۽ ’مفعول‘ (ڪم جو سهندڙ) سڀ کان پهريائين سيکاريا ۽ سمجھايا ويندا آهن. اهڙن ٽه- اکرن، چئن- اکرن ۽ پنج- اکرن وارن لفظن جي وزنن جو اڀياس ڪجي ٿو، جيڪي فعل، اسم يا صفت وغيره طور ڪم آندا ويندا آهن؛ مثلاً:

فعل (ٽه- اکرا) ڪم - فاعل (پهرين اکر بعد ’الف‘ جو اضافو) ڪم جو ڪندڙ- مفعول (اڳيان ’م‘ ۽ ٻن اکرن بعد ’و‘ جو اضافو) ڪم جو سهندڙ

فـ ـعـ ـل – فـ ـا عـ ـل – مـ ـفـ ـعـ ـو ل

قـ ـتـ ـل - قـ ـا تـ ـل - مـ ـقـ ـتـ ـو ل

حـ ـسـ ـد - حـ ـا سـ ـد - مـ ـحـ ـسـ ـو د

جـ ـﻫـ ـل - جـ ـا هـ ـل - مـ ـجـ ـﻫـ ـو ل

سـ ـجـ ـد - سـ ـا جـ ـد - مـ ـسـ ـجـ ـو د

عـ ـقـ ـل - عـ ـا قـ ـل - مـ ـعـ ـقـ ـو ل

نـ ـسـ ـخ - نـ ـا سـ ـخ - مـ ـنـ ـسـ ـو خ

غـ ـلـ ـب - غـ ـا لـ ـب - مـ ـغـ ـلـ ـو ب

ڪـ ـتـ ـب - ڪـ ـا تـ ـب - مـ ـڪـ ـتـ ـو ب

شـ ـڪ ـر - شـ ـا ڪـ ـر - مـ ـشـ ـڪـ ـو ر

و لـ ـد – و ا لـ ـد – مـ ـو لـ ـو د

جـ ـبـ ـر – جـ ـا بـ ـر – مـ ـجـ ـبـ ـو ر

نـ ـشـ ـر – نـ ـا شـ ـر – مـ ـنـ ـشـ ـو ر

تـ ـر ڪ – تـ ـا ر ڪ – مـ ـتـ ـر و ڪ

 

اهڙي نموني عربيءَ جا کوڙ ساٿرا وزن ٿين ٿا جن تي بيـﻫـاريل لفظ اسان جي ٻوليءَ ۾ عام طور ڪم اچن ٿا، جن جي وزنن بابت، اسان جو عام استاد، طالب علمن کي آگاهي نه ٿو ڏئي. مثلاً:

مصدرن جا اهم وزن:

اِفعال: اِخبار، اِحسان، اِصلاح، اِنصاف، اِيمان وغيره

تَفعِيل: تحقيق، تدريس، ترتيب، تصنيف، تبليغ وغيره

تفعُّل: تڪبّر، تفڪّر، تحرّڪ، تاثّر، تعصّب وغيره.

تَفاعُل: تعارف، تصادم، تعاون، تبادل وغيره.

مُفاعِلة/ مفاعله: مباحثه، مقابله، مخالفت، مخالفت وغيره.

اِفتِعال: ابتداء، امتحان، انتظار، انتظام، اتّفاق، احتياط وغيره.

اِستِفعال: استقلال، استعفاء، استحقاق، استشّراڪ، استفاده وغيره.

اِنفِعال: انحراف، انحصار، انفراد، انڪسار، اندراج وغيره.

فاعل جا اهم وزن:

مُفعِل: مُجرِم، مُحسِن، مسلِم، مصلح، مُنصِف، مُؤمِن وغيره.

مفعِّل: مُحقِّق، مُدبِّر، مُصنِّف، مُرتِّب، مُقرِّر، مُهذِّب وغيره.

مُتَفعِّل: مُتڪبّر، متوقِّع، مُتحرِّڪ، مُتڪلِّم، مُتوفّي وغيره

مُتفاعِل: مُتبادِل، مُترادِف، مُتعارِف، مُتعاوِن وغيره.

مُفاعِل: مجاهِد، مُحافِظ، مُخالِف، مُجاوِر، مُسافِر، مُهاجِر وغيره

مُفتَعِل: مُجتَـﻫـِد، مُنتظِم، مُمتحِن، مُتّفِق، مُحتاج، مُشتاق وغيره.

مُستَفعِل: مُستَشرِق، مُستَقبِل، مُستَحِقّ، مُستَفِيض، مُستَفِيد وغيره.

مُنفَعِل: مُنفرِد، مُنعقِد، مُنحرِف، مُنحصِر وغيره.

مفعول جا اهم وزن:

مفعَل: مُحسَن، مُلزَم، مُثبَت، محڪَم، مُبـﻫـَم، مُطلَع وغيره

مفعَّل: مُحرَّم، مخفَّف، مُسلَّم، مُرتَّب، مُقدَّس، مُڪمَّل وغيره.

مُفتَعَل: مُحتَرَم، مُختَصَر، مُستَنَد، مُنتَظَر، مُشتَمَل، منتَخَب، مُصطَفى وغيره.

مُستَفعَل: مُستَحڪَم، مُستَعمَل، مُستَرَد، مستَثنى، مُستَزاد وغيره.

تثنيه: (ٻن لاءِ، ’اَين‘ پڇاڙي لڳائڻ سان): والدَين، مشرِقَين، مغربَين، ڪونَين، دارَين، معوذتَين وغيره.

جمع جا وزن:

اَفعال: اَخبار، اَحڪام، اَحوال، اَخلاق، آثار، اَبيات، اَسباب، اَفراد، اَقوال، اَلفاظ، اولاد وغيره.

اَفعِلاء: اَوصِياء، انبِياء، اولِياء، اقرِباء وغيره

فُعَلاء: اُدَباء، اُمَراء، خُلَفاء، شُعَراء، شُـﻫـۡداء، فُقراء، عُلَماء، رُفَقاء وغيره.

فُعُول: اُصول، اُمُور، بُيُوت، حُدُود، حُرُوف، خُطُوط، نُجُوم، نُقُوش وغيره.

اَفاعِل: اَقارِب، اَڪابِر، اَوائِل، اَواخِر وغيره.

فَعائِل: تَراجِم، جَزائِر، دَفاتِر، دَلائِل، عَجائِب، فَضائِل، عَقائِد وغيره.

فَوائِل يا فَواعِل: قَوائِد، ڪَوائِف، لَوازِم، سَواحِل، سَوانِح وغيره.

مَفاعِل: مَدارِس، مَساجِد، مَذاهِب، مَسائِل، نَتائِج، وَسائِل، وظائِف وغيره.

اَفاعِيل: اَحادِيث، اَراڪِين، اَساليِب وغيره.

فَعاعِيل: تَصاوِير، خَواتِين، شَياطِين، قَوانِين، تَراوِيح وغيره.

مَفاعِيل: مَفاتِيح، مَڪاتِيب، مَناهِيج، مَلاعِين وغيره

فِعال: جِبال، خِصال، رِياض، عِباد، صِفات، دِيار، صِحاح وغيره.

فُعّال: حُجّاج، حُڪّم، خُدّام، ظُلّام، ڪُفّار، ڪُتّاب، عُشّاق وغيره.

اَفعِله: اسلِحه، اَدوِيه، اَدعِيه وغيره.

فِعَل: قِصَص، نِعَم، فِرَق، حِصَص وغيره.

فُعَل: اُمَم، سُنَن، حُجَج، اُخَر وغيره.

فُعُل: رُسُل، صُحُف، ڪُتُب، نُسُخ وغيره.

فَعالى: رَعايا، فَتاوى، بَقايا، صحارى وغيره.

چند ڇڙوڇڙ وزن: اِلزامات، حالات، عَوام، اَقرباء، آئمّه، مَوالي، قُضاة، لُغات، اساتِذه وغيره.

جمع جا جمع: اَسامي (اَسماء)، اڪابرين (اڪابر)، حوادثات (حوادث)، رُسومات (رُسوم)، وجوهات (وجوه)، عجائبات (عجائب) وغيره.

صفت جا درجا:

صفت خالص: سٺو (سنڌي) – خوب (فارسي)

صفت تفصيل: وڌ سٺو (سنڌي) – خوب تر (فارسي)

صفت مبالغو: سڀ کان سٺو (سنڌي) – خوب ترين (فارسي)

 

مٿين صفت جي درجن ۾ ٽي درجا ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ عام ليکڪ تفصيل ۽ تفضيل ۾ ڪو فرق ڪونه سمجھندا آهن. حقيقت ۾ اهي ٻئي صفت جا ئي درجا آهن، فرق صرف اهو آهي ته تفضيل انهن ٽنهي درجن کان اعلى ۽ اتم آهي. لفظ ’تفصيل‘ جو ڌاتو ’فصل‘ آهي جنهن جي معنى آهي ’ڪٽڻ‘. جيئن ڪنهن ڪتاب جي باب کي ڪنهن موضوع سان ڪٽي الڳ الڳ ڪجي تنهن لاءِ به لفظ ’فصل‘ ڪم آندو ويندو هو/ آهي. صفت تفصيل مان مراد ٻي صفت جيڪا خاصيتن/ خرابين ۾ پهرين صفت کي ڪٽيندي هجي يا وڌيڪ هجي. ’تفضيل‘ لفظ سڀني صفتن کان فضيلت ۾ اعلى ۽ اتم هجي ٿو. عربيءَ ۾ هن کي ’اسم تفضيل‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ فاعل جي معنى رکندو آهي؛ هيٺ ان جا صيغا / وزن مختصر طور تي ڏجن ٿا:

اسم تفضيل جا وزن:

واحد مذڪر: اَفۡعَل - واحد مؤنث: فعلى

تثنيه مذڪر: اَفۡعَلان - تثنيه مؤنث: فَعۡليان

جمع مذڪر: افعلون/ افاعل- جمع مؤنث: فعليات/ فعل

اَفۡعَل (مذڪر) جو وزن ۽ فُعلى (مؤنث) جو وزن

اَحۡمَد: وڌئون وڌ ساراهيل – مؤنث مروج ناهي.

اَجۡمَل: وڌيڪ سهڻو - مؤنث مروج ناهي.

احقر: وڌيڪ حقير - مؤنث مروج ناهي.

اَحڪم: وڏو حاڪم - مؤنث مروج ناهي.

اَرحم: سڀئون ٻاجھارو- مؤنث مروج ناهي.

اَرشد: وڌيڪ هدايت يافته - مؤنث مروج ناهي.

اَحسن: وڌيڪ سهڻو، خوب ترين – مؤنث: حُسنى

اَصغر: بنهه ننڍو – مؤنث: صُغۡرى

اَطهر: وڌيڪ پاڪ - مؤنث مروج ناهي.

اَظلم: نهايت ڏاڍ - مؤنث مروج ناهي.

اَعظم: تمام وڏو – مؤنث: عُظمى

اَعلى: وڌيڪ مٿاهون – مؤنث: عُليا

اَفضل: سڀئون عمدو - مؤنث مروج ناهي.

اَقرب: وڌيڪ ويجھو، نهايت عزيز- مؤنث: قُربى

اَڪبر: تمام وڏو – مؤنث: ڪُبرى

اَڪثر: تمام وڌيڪ، گھڻو هوندڙ- مؤنث مروج ناهي.

اَوّل: سڀ کان پهريون – مؤنث: اُولى

نوٽ: اَفعل جي وزن تي عربي ٻوليءَ ۾ ٻيا به لفظ مستعمل آهن، جيڪي لازمي ناهي ته اسم تفضيل ۾ ڳڻي سگھجن، اهي ڪنهن نقص يا رنگ ظاهر ڪرڻ لاءِ به ڪم آندا ويندا آهن؛ مثلاً:

نقص: اَبۡتر (لُنڊو، پڇ ڪٽيل، جنهن جو تخم نه رهي)، اَحمق (بد وقوف)، اَصمّ (ٻوڙو)، اَعمى (انڌو)

رنگ: اَبيض (اڇو)، اَحمر (ڳاڙهو)، اَخضر (سائو)، اَزرق (نيرو)، اَسوَد (ڪارو).

عربيءَ ۾ صفت جا قسم:

عربيءَ ۾ صفت طور ڪم ايندڙ لفظ هيٺ ڏنل وزنن تي بيهندا آهن:

فاعل: صادق – عادل – ڪاذب

فعيل: سعيد – ڪبير – صحيح

فَعوُل: غيور – صبور – مَلُوڪ

مفعول: محفوظ – معروف – مفتوح

فَعۡلان: فرۡحان – ڪسلان – سڪران

فعّال: جوّاد – فيّاض – ڪذّاب

اَفعل (تفضيل): اَحسن - اَڪرم - اَنوَر

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ اسم ظرف (هنڌ / جاءِ ) جي وزن ۽ اسم آله (اوزار) جي وزن جا لفظ به ڪم آندا ويندا آهن، تن جا مختصر لفظ وزنن جي خيال کان رکجن ٿا، مثلاً: مَسۡڪَن، مَجۡلِسۡ، مَدۡرَسه وغيره ’مَفۡعَلۡ، مَفۡعِلۡ ۽ مَفۡعَلَه جي وزن تي ايندا آهن.

اسم مڪان/ وقت:

مَفۡعَلۡ جو وزن:

مَجۡمَعۡ: گڏ ڪرڻ جي جاءِ

مَحۡشَرۡ: گڏ ٿيڻ واري جاءِ

مَخۡرَجۡ: نڪرڻ جي جاءِ

مَخۡزَنۡ: خزاني جي جاءِ

مَفۡعِل جو وزن:

مَجۡلِس: وهڻ جي جاءِ، جلسو

مَحۡفِل: گڏ ٿيڻ جي جاءِ، جلسو

مَسۡجِدۡ: جھڪڻ جي جاءِ

مَشۡرِقۡ: اڀرڻ واري جاءِ

مَفۡعَلَه جو وزن:

مَحۡڪَمَه: حڪم ڪرڻ جي جاءِ

مَدۡرَسَه: پڙهائڻ جي جاءِ

مَقۡبَرَه: قبر جي جاءِ

مَڪتَبه: درسگاه

 

اسم آله/ اوزار:

مِفعَال جو وزن:

مِثقَال: رتي (وزن)

مِسمار: ڪوڪو، ميخ

مِصبَاح: ڏيئو

مِفتَاح: ڪنجي

مِيزَان: تارازي

مِفۡعَل جو وزن:

مِحوَر: ڪلي، ڪِيرُ

مِغسَل: ڌوئڻ واري شيءِ

مِفۡعَلَه جو وزن:

مِروَحه: پکو

مِڪنَسه: ٻهارو

مِضرَبَه: مارڻ جي شيءِ

 

اسم تصغير:

اسم تصغير به عام اصطلاح آهي، سنڌيءَ ۾ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ’ڙو‘ يا ’ڙي‘ ڳنڍڻ سان لڳندو آهي؛جيئن: ڪتابڙو، ننڍڙو، وڏڙو، پتڪڙو، سٺڙو، ميزڙي، ڪتابڙي. اهڙي نموني عربيءَ ۾ به اسم تصغير ڪم آندو ويندو آهي، خاص طور تي ’فُعَيل‘ جي وزن تي!

لفظ: طفل - اسم تصغير (فُعَيل): طُفيل

لفظ: حسن - اسم تصغير (فُعَيل): حُسين

لفظ: عبد - اسم تصغير (فُعَيل): عُبيد

لفظ: عقاب - اسم تصغير (فُعَيل): عُقيب

مٿئين لفظ ۾ نالي ’عمرو‘ سان تاريخي لحاظ سان ڪافي نالا اچن ٿا جن جي درست پڙهڻي/ هِجي ۾ اڄ سوڌو مونجھارو محسوس ڪيو ويو آهي؛ مثلاً: عمرو بن عاص، عمرو بن عبدوَد.

مذڪوره ’عمرو‘ ۾ ’و‘ ويڇي طور لکيو ۽ ڀانيو ويندو آهي. ان لفظ/ اسم ۾ ’و‘ سببان/ بدران ’ع‘ تي زبر ڏئي پڙهيو ويندو آهي؛ جيئن: ’عَمۡر بن عاص‘، عَمۡر بن عبدوَد‘. حالت اها آهي ته درسي ڪتابن ۾ نالو لکيو ته درست نموني ويندو آهي، ليڪن ان جي درست پڙهڻيءَ جي معاملي ۾ اسان جا ڪافي استاد ڪؤرا آهن.

هيٺ خيال خاطر چند درسي ڪتابن مان لفظن جي اشتقاقن جو نمونو، عالمن آڏو تنقيدي خيال کان رکجن ٿا:

سنڌي ٻوليءَ ۾ مستعمل عربي لفظن جا اشتقاق:

 

مرڪب لفظ (جيڪي ٻن لفظن تي مشتمل هجن):

ابلاغي ذريعه: [اِبلاغ- اِفعال- مصدر (بَلَغَ = هو پهتو/ هن پهچايو، هن خبردار ڪيو) پهچائڻ، موڪلڻ، سڌ ڏيڻ + ذريعه (وسيلو، واسطو، معرفت، ڪارڻ، رستو)] سڌ سماءُ رسائڻ جا وسيلا: جيئن: اخبار، ريڊيو، فون، ٽيليويزن وغيره.

اتّحاد و اتّفاق: [اِتّحاد- اِفۡتِعال- مصدر (وَحَدَ = هو هڪ ٿيو) هڪ ٿيڻ، ٻڌي ڪرڻ + و (۽) + اِتّفاق- اِفۡتِعال- اِوتِفاق > اِتّفاق- مصدر (وَفِقَ = هو خواهش مطابق ٿيو) گڏيل گهرجن مطابق متفق ٿيڻ، موافق هجڻ] ايڪو ۽ موافقت پيدا ڪرڻ- ٻڌي ۽ مطابقت هجڻ.

احڪم الحاڪمين: [احڪم- اَفعَل- اسم تفضيل (حَڪَمَ = هن فيصلو ڪيو، هن حڪومت ڪئي) سڀ کان وڏو حاڪم + حاڪمين (حاڪم جو جمع) حڪم هلائيندڙ] حاڪمن جو حاڪم- شهنشاه.

ادب و انشاء: [ادب (اَدُبَ = هو مهذب ٿيو، هو لائق بڻيو، شائستو هجڻ) مهذب هجڻ، سٺي تربيت هجڻ، سٺو ۽ سيبائتو لکڻ + اِنشاء- اِفعال- مصدر (نَشَاَ = هو وڌيو ويجھيو) مضمون نگاري ڪرڻ] سٺو سيبائتو لکڻ ۽ مضمون نگاري ڪرڻ.

اَزواج مُطهرات: [ازواج- اَفعال- زوجه جو جمع ( زَاجَ > زَوَّجَ = نڪاح ڪرائڻ، ملائڻ) زالون + مطهرات (طاهرة جو جمع) پاڪائيءَ واريون] رسول اللهؐ جون گھرواريون.

اسم تصغير: [اسم (سَمَا = هن نالو رکيو، هن نالي سان سڏيو) نالو، سڃاڻپ + تصغِير- تَفعِيل- مصدر (صَغَرَ = هو ننڍو ٿيو)] ڪنهن اسم يا صفت کي ننڍڙو ڪرڻ؛ جيئن: ڪتابڙو، ڇوڪرڙو، ڀلڙو، ڍرڙو.

اسم حاليه: [اسم (سَمَا = هن نالو رکيو، هن نالي سان سڏيو) نالو، سڃاڻپ + حاليه (هلندڙ وقت وارو)] هلندڙ وقت وارو اسم، فعل جي اسمي صورت جا هلندڙ وقت ڏيکاري؛ جيئن: کيڏندو، لکندو، ويندو وغيره.

اُسوة حَسَنہ: [اُسوة- اسوه (اَسَا/ اَسّى = هن علاج ڪيو، هن تسلي ڏني) اهڙو نمونو جنهن جي پيروي ڪرڻ سان تسلي ملي؛ نظير، آدرش + حَسنہ (حَسُنَ = هو سهڻو ٿيو) سهڻو، ڀلو، سٺو، خاشو] سٺو مثال- خاشو نمونو- سهڻو آدرش.

ام المؤمنين: [اُم (ماءُ) + مؤمنين- مُؤمن جو جمع- مُفعِل- اسم فاعل (اَمِنَ = هو مطمئن ٿيو، هو امن ۾ رهيو) مڃڻ وارا، ايمان وارا، سُپت ڀريا)] مؤمنن جي ماءُ؛ بيبي خديجة الڪبرى جو لقب.

تجنيس تام: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + تام (تَاَمَ = هو جاڙو ڄائو، هن تاڃي توڙي پيٽي ٻنهي ۾ سوٽي اُڻيو) ڪنهن سان جاڙو ڄمڻ، ڪپڙي جي ٻنهي کَڻَن ۾ هڪجهڙو اڻڻ] علم بيان موجب ڪنهن شعر ۾ معنوي فرق سان ساڳين جاڙن لفظن جو استعمال؛ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ معنوي فرق رکندڙ اهڙا لفظ ڪم آڻڻ جيڪي لکت جي لحاظ کان پاڻ ۾ هوبهو جاڙا ۽ هڪجهڙا هجن، جيئن:

وارَ ڇوڙي جي مون تي وارَ ڪرين،

خـــــوش ٿيان جـــي هـزار وارَ ڪرين.

تجنيس حرفي: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + حرفي (اکري)] علم بيان موجب ڪنهن شعر جي هر لفظ جي منڍ ۾ ساڳين اکرن جو استعمال؛ جيئن:

’ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙيا، ڪاپاٽيا ڪن چير.‘

تجنيس خطي: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + خطي (خَطَّ = هن ليڪ ڪڍي، هن لکيو) لکڻي، لکيل صورت] علم بيان موجب ڪنهن شعر ۾ اهڙا مختلف لفظ ڪم آڻڻ جن جي لکيل صورت ساڳي هجي ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق هجي، جيئن: محبت، محنت، مخنث.

تجنيس قَلَب: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + قَلَب (قَلَبَ = هن اٿلايو پتلايو) ابتو ڪرڻ، موٽائڻ، دل تي هڻڻ] علم بيان ۾ اهڙو شعر جنهن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظن جي الٽ پلٽ ٿيل هجي، جيئن: محروم- مرحوم؛ پنجو- چنبو؛ همراه- هرماه.

تجنيس مرڪّب: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مُرڪّب- مُفَعَّل- اسم مفعول (رَڪَّبَ = جوڙڻ، ترڪيب ڏيڻ) جڙيل، ترڪيب ڪيل] علم بيان موجب ڪنهن شعر يا بيان ۾ اهڙا ٻه يا وڌيڪ لفظ ڪم آڻڻ جن ۾ هڪ ’مقرون‘ ٻيو ’مفروق‘ هجي، يعني هڪ نه ٽٽي سگھي ۽ ٻيو ٽٽي سگھي، جيئن:

۱۔ مۡڪڙي = جنڊ جي ڪِير مٿان ڪاٺيءَ جي ڦِرڪي.

۲۔ مۡڪڙي (مَ = نه + ڪَڙي = ڪوڙي)ڪوڙي ناهيان.

۳۔ مۡڪڙي (مَ = نه + ڪَڙي = ڦاٿي) ڪانه ڦاٿي.

۴۔ مۡڪڙي (مَ = نه + ڪَڙي = هٿ يا ٻانهن جي ڪڙي) بنا زيور.

تجنيس ناقص: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + ناقص- اسم فاعل (نَقَصَ = هن گھٽايو، هو ڳريو) گھٽائيندڙ، ڳاريندڙ] علم بيان موجب ڪنهن شعر يا بيان ۾ اهڙا معنوي فرق رکندڙ ساڳيا لفظ جن جي اعرابن ۾ فرق هجي، جيئن:

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو.

 

مفرد لفظ (جيڪي وزن تي ترتيبل هجن):

آثار: [آثار- اَفعال- اثر جو جمع (اَثَرَ = هن نقل ڪيو) اهڃاڻ، نشان، خاصيت، نتيجو] اثرَ، اهڃاڻ، خاصيتون، ويرانيءَ جا نشان.

ابجد: [ابجد = ا، ب، ج، د (عربيءَ جي شروعاتي ترتيبيل آئيويٽا)] ڳاڻاٽي جي ترتيب موجب عربي آئيويٽا- (عبراني) ابجد هوز حطي ڪلمن سعفص قرشت؛ (عربي) ثخذ ضظغ.

اِتِّحاد: [اِتِّحاد- اِفتِعال- اِوۡتِحاد > اِتِّحاد- مصدر (وَحَدَ = هو هڪ ٿيو، هو اڪيلو ٿيو)] ٻڌي ڪرڻ، ايڪو ڪرڻ، متحد ٿيڻ.

اِجازَت: [اِجازَت- اِفعال- اِجواز > اِجازة- مصدر (جَازَ = هو گذري ويو؛ جائز ٿيو)] جائز قرار ڏيڻ؛ موڪل ڏيڻ؛ نافذ ڪرڻ.

اِجتماع: [اِجتماع- اِفتِعال- مصدر (جَمَعَ = هن گڏ ڪيو)] گڏ ڪرڻ، مڙني ۾ اتفاق پيدا ڪرڻ.

اِحتراز: [اِحتراز- اِفتعال- مصدر (حَرَزَ = هن رکيو، هن گڏ ڪيو)] بچاءُ ڪرڻ، بچڻ، پناه ڏيڻ، حفاظت ڪرڻ.

اِحترام: [اِحترام- اِفتِعال- مصدر (حَرَمَ = هن منع ڪئي)] آبرو ڏيڻ؛ ادب ڪرڻ؛ ڪنهن تي چيچ يا هٿ وغيره کڻڻ يا ذاتي راءِ ڏيڻ جي منع هجڻ.

اِحتياط: [اِحتياط- اِفۡتِعال- مصدر (حَاطَ = هن هوشياريءَ سان ڪم ڪيو)] ڌيان سان ڪم ڪرڻ، حفاظت ڪرڻ، سنڀال ڪرڻ، بچاءُ ڪرڻ، دور انديشي ڪرڻ، چوڪسي ڪرڻ.

اِطمينان: [اِطمينان- اِفعِيلال- مصدر (طمن = هن مطمئن ڪيو، هن جھڪايو)] تسلي ڏيڻ، دلاسو ڏيڻ، خاطري ڪرائڻ،

اِحتِياج: [اِحتياج- اِفۡتِعال- مصدر (حَاجَ = هو گھرجائو رهيو)] ضرورت هجڻ، حاجتمند ٿيڻ، گھرجائو هجڻ.

اِحساس: [اِحساس- اِفعال- مصدر (حَسَّ = هن اثر ورتو)] ڪنهن به حواس ذريعي اثر وٺڻ، شعور حاصل ڪرڻ، تاثر وٺڻ، پروڙڻ، ڄاڻ حاصل ڪرڻ.

اِحسان: [اِحسان- اِفعال- مصدر (حَسَنَ = هو سٺو ٿيو) سٺو سلوڪ ڪرڻ؛ چڱيان سڃاڻڻ؛ ٿورا ڪرڻ؛ عطيو وغيره ڏيڻ.

اِختلاف: [اِختلاف- اِفتِعال- مصدر (خَالَفَ = هن اڻبڻت ڪئي، هن خلاف ورزي ڪئي)] اڻبڻت، ويڇو، مخالفت، نرالي راءِ.

اِختيار: [اِختيار- اِفتِعال- مصدر (خَارَ = هو صاحب خير ٿيو، هو وس وارو ٿيو)] زور، وس، مرضي، هلندي،

اَخلاق: [اَخلاق- اَفعال- خُلق جو جمع ( خُلقُ = سٺو رويو)] چڱا لڇڻَ، سٺيون خصلتون، ڀلا پرڪارَ.

اِدبار: [اِدبار- اِفعال- مصدر (دَبَرَ = هن پٺي ڏني، هو پوئتي ڀِرڪيو)] پٺي ڏيڻ، پوئتي ڀرڪڻ، سوچڻ، نڀاڳ هجڻ.

اُدباءُ: [اُدباءُ- فُعَلاء- اديب جو جمع (اَدُبَ = مهذب هجڻ، شائستو هجڻ) ادب اخلاق وارو؛ علم ادب وارو] اديبَ، مختلف ادبي صنفن تي ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو، علم ادب جا ڄاڻُو.

اِدغام: [اِدغام- اِفعال- مصدر (دَغَمَ = هو گڏجي ويو)] گڏجي ملي وڃڻ؛ علم لسان موجب آوازي ويجھڙائپ رکندڙ آوازن جو هڪٻئي ۾ ضم ٿيڻ، جيئن: ’وحد‘ جو ’افتعال‘ وزن ٿيندو: اِوۡتِحاد ‏‏‏‏‏> اِتۡتِحاد > اتّحاد، هن ۾ ’و‘ ’ت‘ جي اثر ڪري گم ٿي ’ت‘ ۾ شامل ٿي ويو.

مٿي ڪجهه عربي لفظ جيڪي اسان جي درسي ڪتابن ۾ ڪم اچن ٿا ان جي بنياد لهڻ لاءِ اشتقاق جا ڪي نمونا پيش ڪيا ويا، ان نموني اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسي جا لفظ پڻ پنهنجائپ جو روپ وٺي چڪا آهن تن لاءِ به ڪي رستا جوڙڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن.

 

سنڌي ٻوليءَ تي فارسيءَ جو اثر:

عربيءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ تي فارسي ٻوليءَ جو به باقاعده گھيرو/ راڄ رهيو آهي. اڄ توڻي اسان جي ٻوليءَ ۾ فارسيءَ جا لفظ پنهنجائپ جو روپ وٺي چڪا آهن؛ جيئن: آمدني، خوش آمديد، آمدورفت وغيره.

اسان جو نئون نسل انهن جي بنيادن کان گھڻي قدر اڻ واقف آهي، ان لاءِ بهتر ٿيندو ته، ٻيو نه، ته به فارسيءَ جون اهم مصدرون جن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ گھڻو استعمال ٿئي ٿو ان کان واقف ٿيون!

هيٺ فارسي ٻوليءِ جون چند مصدرون ڏجن ٿيون، جنهن سان ڪنهن لفظ جي بنيادي معنى کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. مٿي اڀياس ڪري آيا آهيون ته عربيءَ جون مصدرون مختلف وزنن سبب کوڙ ساٿريون آهن، جنهن سبب ان کي واريءَ جو ڪِلو چيو ويندو آهي، جڏهن ته فارسيءَ جي مصدرن کي گَپَ جو ڪلو چيو ويو آهي؛ ڇو ته ان جون چند مصدرون هڪ ته: فاعلي ۽ مفعولي ٻئي مفهوم به رکنديون آهن، جيئن: آويختن = لٽڪڻ، لٽڪائڻ يا آموختن = سکڻ، سيکارڻ. ٻيو ته: ان جي پڇاڙي ٻن پروس صرفين ’تن‘ ۽ ’دن‘ سان ٿيندي آهي. مثلاً: خود ڪشي لفظ عام طور سنڌيءَ ۾ ’خود ڪَشي‘ (ڪ تي زبر) ڪري اچاريو ويندو آهي، ڪي ڄاڻو ان لفظ کي ’خود ڪُشي‘ (ڪ تي پيش) ڪري اچاريندا آهن. اصل ۾ ’ڪَشي‘ يا ’ڪُشي‘ الڳ الڳ مفهوم رکندڙ آهن، ليڪن ’خود ڪشي‘ لفظ ۾ ٻئي مفهوم ٺهي سگھن ٿا؛ جيئن:

خود ڪُشي: (خود = پاڻ + ڪُشتن = اُڦٽ مارڻ) پاڻ کي اُڦٽ مارڻ، آپگھات.

خود ڪَشي: (خود = پاڻ + ڪَشيدن = ڇڪڻ) پاڻ کي ڦاهو ڏئي مارڻ( جِي ڪرڻ)؛ پاڻ ڇڪڻ.

ٻي معنى ائين آهي جيئن ’ڳاٽي ڀڳا ميندي لاوَڻ ڏي‘، اصل ۾ پهريون لفظ ۽ ان جي مصدر ئي درست آهي، پر سنڌيءَ ۾ عام طور ’خود ڪُشي‘ لفظ ’خود ڪَشيءَ‘ جي اچار سان ئي مستمل آهي. چند لفظن جا اشتقاق نموني خاطر ڏجن ٿا:

 

مرڪب لفظ (جيڪي ٻن لفظن تي مشتمل هجن):

آباد ڪاري: [آباد (سر سبز، شاداب) + ڪردن (ڪرڻ)] آباد ڪرڻ وارو عمل- ورسائڻ- ماڻهن کي سهوليتن سان آباد ڪرڻ.

آبادگار: [آباد (وسائڻ) + گار (ڪندڙ)] آبادي ڪندڙ- زمين جي پوکي راهي ڪندڙ- هر هاري- زميندار.

آب حيات: [(ف+ع) آب (پاڻي، جَر) + حيات (زندگي، حياتي)] حياتي بخشيندڙ پاڻي- امرت.

آبدار: [آب (پاڻي، جَر) + داشتن (رکڻ، سنڀالڻ، ڪرڻ)] پاڻي پيارڻ وارو- پاڻيءَ جي ورهاست جو ليکو چوکو رکندڙ- چمڪدار.

آبپاشي: [آب (پاڻي، جَر) + پاشيدن (ڇڻڪارڻ، وکيرڻ)] پاڻي ڇٽڪارڻ- زمين کي پاڻي ڏيڻ- زمين کي ريج ڪرڻ.

آب خوره: [آب (پاڻي، جَر) + خُوردن (کائڻ)] کائڻ پيئڻ جو پيالو.

 

آبدوز: [آب (پاڻي، جَر) + دوختن (سبڻ، ٽاڪڻ)] پاڻيءَ کي سِبيَل ڏيکاريندڙ- پاڻيءَ هيٺ آيل- هڪ بند جنگي ٻيڙي جيڪا پاڻيءَ جي اندران هلي.

آبرو: [آب (پاڻي، جَر) + رُو/ روءِ (منهن، چهرو)] منهن جي رونق- چهري جو نور- عزت- شان- شرف- شهرت- قدر و قيمت- حياءُ.

آبشار: [آب (پاڻي، جَر) + شاريدن (ڪِرڻ، ڪيرائڻ)] پاڻيءَ جو ڪِرڻ- اهو هنڌ جتان پاڻي ڪرِي نهر جي صورت وٺي.

آبڪار: [آب (پاڻي، جَر) + ڪردن (ڪرڻ)] پاڻيءَ جو ڪم ڪندڙ- پخالي- شراب جو پاڻي وڪڻندڙ- ڪلال.

آب ڪَش: [آب (پاڻي، جَر) + ڪَشيدن (ڇڪڻ)] پاڻي ڇڪيندڙ- ڏول.

آبڪَلاڻي [آب (پاڻي، جَر) + ڪَلان (وڏو، گھڻو)] پاڻيءَ جي گھڻائي- پاڻيءَ جي اٿل- درياءَ ۾ گھڻي پاڻي جي موسم.

آبياري: [آب (پاڻي، جَر) + بيار- آوردن جو امر (آڻڻ)] واه يا ڪسيءَ ۾ پاڻي آڻڻ- وڻن ٽڻن لاءِ پاڻي ورائڻ- پاڻيءَ سان زمين کي سائو رکڻ.

آبيانو: [(ف+ع) آب (پاڻي، جَر) + بيعانه (وڪرو يا خريد)] پاڻي وڪري/ خريد جي رقم- اها اجرت جيڪا زمين جي ريج لاءِ ڏني وڃي- پاڻيءَ جو محصول- ڍل.

آب و تاب: [آب (پاڻي، جَر) + و (۽) + تافتن (چمڪڻ)] چمڪ دمڪ- روشني- سونهن سوڀيا- زيب و زينت- آرائش- زيبائش.

آبهوا: [(ف+ع) آب (پاڻي، جَر) + هوا (واءُ، ساه)] پاڻي ۽ هوا جي ڪيفيت- انساني جسم ۽ ساه لاءِ اهم شيون پاڻي ۽ هوا- موسم- پاڻي ۽ هوا جا اهي جزا جيڪي انسان ۽ حيوان جي صحت ۽ بيماري يا زمين جي پيداوار سان واڳيل هوندا آهن.

آتش بازي: [آتش (باه) + باختن/ بازيدن (کيڏڻ)] باه سان راند کيڏڻ- باه وارا ڦٽاڪا ڦاڙڻ- گندرفي ڦٽاڪن سان کيڏڻ.

آتش پَرست: [آتش (باه) + پُرستيدن (پوڄا ڪرڻ)] اسم فاعل- باه جو پوڄاري.

آتش فشان: [آتش (باه) + فشاندن (هارڻ، ڇنڊڻ، ڇڻڪارڻ)] اسم فاعل- باه يا لائو ڪڍڻ يا وَسائڻ وارو- جيئن: آتش فشان جبل- ڦٽاڪو.

اِجاره داري: [(ع+ف) اِجاره (اختيار، ٺيڪو، ڪرايو) + داشتن (رکڻ، سنڀالڻ، ڪرڻ)] اختيار رکڻ- ڪنهن ڪم جي ٺيڪيداري- مقاطعو.

اِحسان فراموشي: [(ع+ف) اِحسان (ٿورا ڪرڻ، ڀلايون ڪرڻ) + فراموشيدن (ڀلجڻ، ڀلائڻ)] ڪنهن جون ڀلايون وساري ڇڏڻ- بي وفائي.

اداءِ شيرين: [ادا (ناز، انداز، رمز، اشارو) + شيرين (مٺو، مزيدار، فرحت بخش، خوشگوار، نرم)] مٺو انداز- وڻندڙ ناز انداز- خوشگوار اشارو- دل کي وڻندڙ انداز.

ادب نويسي: [(ع+ف) ادب (مهذبپڻو، ٻولي ۽ لکڻين جي لکت) + نَوِشتن (لکڻ)] لکڻيون لکڻ- نظم و نثر ۾ لکڻ- ادب رقم ڪرڻ.

آدم شماري: [آدم (ماڻهو، انسان، ننڍو توڙي وڏو) + شماردن/ شمردن (ڳڻڻ)] ماڻهن جي ڳڻپ ڪرڻ- ملڪ ۾ رهندڙ ننڍي توڙي وڏي جي انگ اکر کي درج ڪرڻ- مردم شماري.

اَرجمند: [ارج (قسمت، قدر، مرتبو، حد، اندازو) + ماندن (رهڻ)] صاحب قدر- رتبي وارو- وڏي قسمت وارو- پيارو- محبوب.

اَزان سواءِ: [اَزان (اَز = کان) انهيءَ کان + سواءِ (ڇڏي ڪري،ڌاران، علاوه)] انهيءَ کان علاوه- انهيءَ ڌاران- انهيءَ کي ڇڏي ڪري- انهيءَ کي نه ڳڻيندي.

اَزرُوي تنقيد: [(ف+ع) از (کان، پاران) + رُوٖي (چهرو، منهن، خيال، توجهه، اميد) + تنقيد (خوبيون ۽ خاميون ڄاڻڻ، پرک ڪرڻ)] تنقيد جي خيال کان- ڪنهن شيءِ/ لکڻيءَ کي پرکڻ بعد بيهندڙ راءِ موجب.

ازغيبي: [(ف+ع) اَز (کان، پاران) + غيب (گم هجڻ، ڍڪيل هجڻ، ڳجھو هجڻ)] ڳجھ کان- غيب کان- اڻ ڏٺي پاران.

 

سنڌي لفظن جي اشتقاق جا نمونا:

عربي فارسي کان علاوه سنڌي ٻولي ۽ هندي ٻولين جي پاڻ ۾ ويجھڙائپ ڪري ڪافي اڳياڙيون يا پڇاڙيون ساڳئي انداز ۾ ڪم اچن ٿيون جن لاءِ پڻ الڳ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن اسان جو طالب علم چڱيان واقف ٿي سگھي. هيٺ چند لفظن جا اشتقاق نموني خاطر پيش ڪجن ٿا:

آپگھات: [آپ (پاڻ، آتما، خود، پنهنجي سر) + گھات (مارڻ، ڪهڻ، قتل ڪرڻ)] پنهنجو پاڻ کي مارڻ- خودڪُشي.

آجڙوال: [آجڙ (ٻڪر؛ پهرو؛ ٻاڪرو مال) + وال (وارو)] ٻاڪرو مال رکندڙ- ٻڪرار- ڌنار.

آسپاس: [آيَس (کٻي) + پايَس (سڄي)] چوڌاري- چوطرف.

آشيرواد: [آشير (آسيس، دعا، راحت، آٿت) + واد (ڳالهائڻ)] آسيس- دعا- برڪت.

آئِي وٖيلَ: [آئي- ماضي (اچڻ = ڪنهن هنڌ يا وقت تي پهچڻ، ٿي وڃڻ) ٿي وڃڻ واري حالت + وٖيل (وقت، گھڙي، سمو، ويرم، دؤر)] ڪنهن وقت جو اچڻ- ڏکيو وقت- ضرورت جي گھڙي- قضا.

اَپار: [اَ (نه، سواءِ) + پار (درياه جو ٻيو پاسو، پَرين ڪنڌيءَ وارو)] ٻئي ڪناري کانسواءِ- جنهن کي ٻيو ڪپ نه هجي- بيشمار- اڻکٽ- اٿاه- بي انت- بيحد- تمام گھڻو- ناممڪن.

اُپسمنڊ: [اُپ (ننڍو، گھٽ، جهڙو، ذري گھٽ) + سمنڊ (اٿاه پاڻيءَ وارو علائقو، سمندر)] ننڍو سمنڊ- سمنڊ جو اهو حصو جنهن جي ٻن يا ٽن پاسن کان خشڪي هجي ۽ باقي وڏي سمنڊ سان ڳنڍيل هجي.

اُپگره: [اُپ (ننڍو، گھٽ، جهڙو، ذري گھٽ) + گره (ڳنڍ، آسماني سيارو جيڪو هڪ محور ۾ ٻڌل هجڻ جي صورت ۾ سج جي چوڌاري ڦيرو ڏئي)] ننڍو سَيارو- اهو ننڍو گره جيڪو ڪنهن وڏي گره جي چوڌاري ڦيرو ڏئي، جيئن: ڌرتيءَ جي چوڌاري ان جو اپگره چنڊ ڦيرو ڪاٽيندو آهي.

اپٽيل بلور: [اُپٽيل (اُپٽڻ = کُلڻ، ظاهر ٿيڻ، وائکو ٿيڻ) ظاهر ٿيل، کليل + بلور (شيشي جي گولي، چدو، ٿلهو ۽ شفاف شيشو)] اڀريل مٿاڇري وارو شيشو جيڪو پري وارين شين کي ڏسڻ ۾ هٿي ڏئي.

آتم ڪهاڻي: [آتم (خود، پاڻ، آتما، پنهنجي سر) + ڪهاڻي (ڪٿا، ڳالهه، احوال)] پنهنجي ڪٿا- ذاتي واقعن جو احوال- روحاني ڪٿا- پنهنجي زندگيءَ جي حقيقي چرپر جو تفصيل.

اجايو: [اَ (نه، سواءِ) + جاءِ (هنڌ، ماڳ، جڳهه)] اهو هنڌ جيڪو ڪنهن ڪم لاءِ مناسب نه هجي- بيڪار- بيسود- بيجا.

اَجهال: [اَ (نه، سواءِ) + جهل (جھلڻ جي قوت؛ سهپ؛ برداشت)] جنهن ۾ سهپ جي سگھ نه هجي- ڪمزور- جھريل- نستو.

اَجھاڳ: [اَ (نه، سواءِ) + جھاڳڻ (تانگھي پاڻيءَ مان هلڻ، پار پوڻ)] پار نه پوڻ جهڙو- بي انت- اٿاه- عميق.

احتياطي اپاءَ: [(ع+س) احتياطي (حفاظتي، سنڀال وارو، بچاءَ وارو) + اپاءُ (تدارڪ، حيلو وسيلو، بِلو، رستو، علاج)] بچاءَ وارو رستو- حفاظتي حيلو وسيلو.

ارب پتي: [ارب (ڏه ڪروڙ، سو ڪروڙ، هڪ ڳاڻيٽو) + پتي (حصو، ونڊي، ڀاڱو)] اڻ ڳڻئي ناڻي جي ونڊي رکندڙ- وڏي مال ملڪيت وارو.

ارهو: [اَ (نه، سواءِ) + رهڻ (گذارڻ، زندگي بسر ڪرڻ)] خوشيءَ سان زندگي نه گذارڻ وارو- ناخوش- غمگين- ڏکويل.

اَروٽ: [اَ (نه، سواءِ) + روٽ (پڪل ماني؛ ڍوڍو؛ ڊڳڙ)] ڪچو ڍوڍو- مجازاً: ڪچو- اڻ آزمودگار- ناتجربيڪار.

اَروڳ: [اَ (نه، سواءِ) + روڳ (مرض، تڪليف)] چاق چڱو ڀلو.

اَسونهون: [اَ (نه، سواءِ) + سونهون (دڳ لائيندڙ؛ رستو ڏيکاريندڙ؛ رهبر)] جيڪو دڳ لائي نه سگھي- غلط رستي لائيندڙ- راه ڀلائيندڙ.

اصلاحي سڌارا: [(ع+س) اصلاحي (سڌريل، سڌارو ڪندڙ، درست ڪيل) + سڌارا (درستگيون، ترميمون، بهتر طور طريقا)] سڌارو پيدا ڪندڙ درستگيءَ وارا عمل.

اِفرا تَفري: [(ع) اِفراط (گھڻائي ڪرڻ، حد کان تجاوز ڪرڻ + تفرِيط (ڪمي ڪوتاهي ڪرڻ، غفلت ڪرڻ)] اِفراط و تفريط جي بگڙيل صورت- گھڻائي ۽ گھٽتائي- ڪنهن ڪم ۾ حد کان وڌيڪ وڌاءُ ڪرڻ ۽ ڪنهن ڪم ۾ حد کان وڌيڪ گھٽاءُ ڪرڻ- بي اعتدالي- پريشاني- ڏڦيڙ.

اَڪارتو: [اَ (نه، سواءِ) + ڪاريه (ڪم، ڪرت)] بيڪار- بيسود.

اَکٽ ڀنڊار: [اَ (نه، سواءِ) + کُٽڻ (ختم ٿيڻ، گھٽجڻ) + ڀنڊار (سامان رکڻ لاءِ هنڌ، گدام، ڀانڊو)] نه کٽڻ وارو ڀانڊو- تمام گھڻي سامان سان ڀريل هنڌ.

اگوندر: [اَ (نه، سواءِ) + گوندر (غم؛ ڏک، درد؛ اهنج)] بي فڪر- بي خيال- بي غمو- بي پرواه.

اَگھو: [اَ (نه، سواءِ) + سگھ (طاقت، زور، ٻل، ڀر)] سگھ کانسواءِ- ڪمزور- نٻل- هيڻو- اڀرو.

اگھور: [اَ (نه، سواءِ) + گھُورڻ (ڏسڻ، جاچڻ، ڳولهڻ)] ڏسي نه سگھڻ وارو هنڌ يا وُٿ- اونهو- عميق- ڪُنُ.

اَلوپ: [آ (چوڌاري) + لوپ (دٻجڻ)] گم، غائب، مخفي.

امرت: [اَ (نه، سواءِ) + مرتيه (موت)] جنهن سان موت لاڳو نه هجي- سدا حيات- سدا جيئرو رکندڙ پاڻي يا ڪا شيءِ- اڪسير.

امهابو: [(س+ع) اَ (نه، سواءِ) + مهابو (محابّه = محبت ڪرڻ) لاڳاپو، واسطو، سڃاڻپ، صدقو] لاتعلقي- ڪو لاڳاپو نه هجڻ.

اناٿ: [اَ (نه، سواءِ) + ناٿ (مرشد، وڏو، مالڪ، سوامي)] يتيم- لاوارث- بي پِيرو.

آنجـﻫـاني: [آن (هو، هن، اهو) + جـﻫـان (دنيا، ملڪ، هنڌ)] هن جـﻫـان وارو- مٿين جڳ وارو رهاڪو- مرهيات- مرحوم.

 

اڀياسي ڪتاب:

ابڙو آفتاب (۱۹۹۲) سنڌي جونيئر اسڪول ڊڪشنري- سنڌي ڪتاب گھر ڪراچي-

ابڙو عبدالرحيم ارشد (۱۹۸۶) رفيق گرامر- انٽر نيشنل اڪيڊمي هالا.

ايم اي ڀٽي- امين اللغات (اردو)-

ٻوهيو الـﻫـداد، ڊاڪٽر (۱۹۷۸) سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.

پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊريءَ جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتاب.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ- جامع سنڌي لغات- (جلد: ۱- ۵) - سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ ڄامشورو- ڇاپا پهريان- ۱۹۶۰ع_ ۱۹۸۵ع.

غلام محمد سومرو (۱۹۹۷) سنڌي ٻولي ۽ ان جي سکيا- سڪرنڊ ضلع نواب شاه-

فيروز اللغات (عربي- اردو)- فيروز سنز لميٽيڊ لاهور- ۱۹۷۹ع

المنجد (عربي اردو)- دارُ الاشاعت ڪراچي- ۱۹۷۵ع

ميمڻ رحيم بخش (۱۹۵۰) تعليم مادري زبان- مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر (۱۹۸۷) - واحد سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن- عجائب اسٽورز سکر.

هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر (۲۰۰۷) سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون، جلد- ۱- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.

وسڻائي، جھمٽمل نارومل (۱۹۷۸) وئتپتي ڪوش، چوٿون ڇاپو - سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد-

No comments:

Post a Comment