پھاڪن جي پروڙ جو تاريخي ۽ تجزياتي اڀياس
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
شمس الدين تونيو لاڙڪاڻوي صاحب
جو، ھيءُ رسالو ڪتابي صورت ۾، ايڇ احمد اينڊ سنس بڪ سيلرس ۽ پبلشرس شاھي بازار
حيدرآباد سنڌ طرفان ڪرائون سائيز جي ۲۶ صفحن تي ڇپجي پڌرو ٿيو ھيو. ڇپائيءَ جو سال
ڪتاب ۾ ڏنل نه آھي. اندازو اھو آھي ته ھيءُ ڪتاب اوڻويھ سؤ سٺ واري ڏھاڪي ۾ ڇپجي
پڌرو ٿيل آھي.
اصل ڪتاب ۾ داخلائن جو تعداد
۴۵۲ آھي. ٽي داخلائون ورجايل آھن، جيڪي ھن ڇاپي مان خارج ڪيون ويون آھن. ان لحاظ
کان تعداد ۴۴۹ بيھي ٿو. در اصل مسودي ۾ نمبر ڏيڻ وقت ڪمپازيٽر کان سھو ٿي وئي آھي.
جنھن ڪري ۴۷۶ داخلا کان پوءِ وري اندراج ۴۷۳ کان ٻيھر شروع ڪيو اٿائين. انھيءَ
نسبت سان چار داخلائون اڃا وڌي ويون. جنھن ڪري ھاڻي داخلائن جو جوڙ ۴۵۳ وڃي بيھي
ٿو.




