سُگهڙن، مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن جي اهميت
عتيق ملاح
جي ڳوٺن
مان ڪچهريون موڪلائي ويون آهن. ماضيءَ ۾ مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن ۾ ٿيندڙ رهاڻن ۾ پيار،
محبت ۽ امن جون ڳالهيون ٿينديون هيون. پر هاڻ انهن اوطاقن جي اهميت کي جهڪو ڪري
جاگيردارن ۽ سردارن اوطاقن کي پنهنجي سرداري ۽ جاگيرداري جو ڏهڪاءُ برقرار رکڻ
لاءِ استعمال ڪيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سماج اندر بيچيني پکڙيل آهي ۽ امن وارو
ماحول تباهه ٿي ويو آھي. اهي اوطاقون، جتي اصلاح ۽ تربيت ٿيندي هئي، اتي اڄ رڳو
سازشن ۽ ٻين جون خرابيون جاچڻ وارو ڪم ٿيندي نظر اچي ٿو. اهو سنڌ جو لوڪ ادب ئي ھيو،
جنهن جي ڪري ڳوٺن ۾ مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن تي سُگهڙ پنهنجي فن ذريعي سماج کي سٺو
پيغام ڏيندي نظر ايندا هئا. سنڌ جو لوڪ ادب جنهن ۾ امن، پيار ۽ محبت سمايل آهي،
اهو هاڻ گهٽجندو پيو وڃي. موجوده دور ۾ سنڌ جي لوڪ ادب تي ايترو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.
جنهن جي نتيجي ۾، سنڌ جي ثقافت جي رنگن سان مالا مال هيءُ ادب، هاڻ ڪجهه سُگهڙن
تائين محدود ٿي ويو آهي ۽ اهي سُگهڙ پنهنجي وس آهر لوڪ ادب کي بچائيندا پيا اچن.
جتي لوڪ
ادب لاءِ اهڙو سگهارو ڪم نه ٿي رهيو آهي، جيترو ٿيڻ گهربو هو، اتي سُگهڙ اڄ به
پنهنجي لوڪ ورثي جي جياپي جو عزم رکي، پر اميد آهن ته؛ لوڪ ادب سنڌ جي ثقافت آهي.
پنهنجي ثقافت سان پيار ڪندڙ قومون پنهنجي ثقافتي ورثي کي نه وسارينديون آهن. ان ڪري
سنڌ جو لوڪ ادب زندھ رهندو. جيئن سنڌ جي ثقافت پٽڪو، اجرڪ ۽ ٽوپي زنده آهي، تيئن
ئي هي ثقافتي ورثو پڻ زندھ رهندو.
سُگهڙن،
شاعريءَ ۽ مچ ڪچهرين جي گهٽجي وڃڻ جو ڪارڻ، جاگيرداري نظام جي سگهاري ٿي وڃڻ کي
قرار ڏنو آهي. سُگهڙ چون ٿا ته؛ سنڌ ۾ ڳوٺاڻيون مچ ڪچهريون ان ڪري ختم ٿي ويون آهن،
جو اسان وٽ جاگيرداري نظام ٿي ويو آھي. سُگهڙ، سچ جي واٽ تي هلندا آهن ۽ اها ڳالهه
جاگيردارن ۽ وڏيرا-شاهيءَ کي ناهي وڻندي. ان ڪري سُگهڙن کي اڳتي اچڻ نه ڏنو ويو
آهي. پر هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر سُگهڙن کي پذيرائي ملي رهي آهي. اسان کي اميد آهي ته وري
جتي اوطاقون وسنديون، سُگهڙ هاڻ ٿورو انقلابي رستي تي به اچي ويا آهن، سُگهڙن جو
انقلاب اخلاقي هوندو آهي، سُگهڙ سماجي انقلاب آڻي سگهن ٿا، جيڪو علم، ادب، تاريخي ۽
ثقافتي ورثي تي ٻڌل هوندو.
ڪجهه ڏينهن
اڳ، حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سنڌ سُگهڙ پٽڪا ڪانفرنس ٿي هئي. جنهن ۾
سُگهڙن لوڪ ادب جا پهاڪا، ڏٺ پروليون، آجياڻو، ڳجهارتون، ڏهس ۽ سينگار جا گفتا ٻڌائي،
هال ۾ موجود ماڻهن کان ڀرپور داد حاصل ڪيو. نامياري سُگهڙ قاضي بدرالدين پنهنجي
انتهائي مشهور شاعري ٻڌائي. جنهن ۾ هڪ سٽ سنڌيءَ جي ۽ هڪ سٽ انگريزي ٻوليءَ جي آهي.
هن ڪانفرنس ۾ اڪثر، سُگهڙن سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن، دردن، وڏيرن، جاگيردارن جي ظلم ۽
چونڊيل نمائندن جي ناانصافين سميت قومي وجود جي حوالي سان پنهنجي فن ذريعي اندر جو
آواز ٻڌايو. ان موقعي تي سُگهڙ قاضي بدرالدين، سُگهڙ گل حسن گل، ڪراچي جي سُگهڙ
احمد علي چانڊيو، علي اڪبر اداسي، سلات جي جنرل سيڪريٽري استاد پٺاڻ فقير، سُگهڙ
علي گوهر مهر، سُگهڙ غلام محمد منگي، سُگهڙ محمد قاسم ڪلوڙ، رب نواز پريو، سُگهڙ
عبدالخالق عرف مولابخش شيدي، ارشاد علي ارزائي، سُگهڙ فيض محمد جسڪاڻي، ڪتاب چڪر
مال جو جي ليکڪ سُگهڙ محمد جمن ڀٽي، سگهڙ اختيار احمد عرف گل حسن لاشاري، لوڪ ادب
تي ٻن ڪتابن جي ليکڪ سُگهڙ محمد ايوب جوڻيجو، محسن علي ٻرڙو، نادر علي لاشاري ۽ ٻين
سُگهڙن چيو ته؛ ڳُجهارت ۾ سڌي سئين ڳالهه جي بدران ڳُجهه ۾ ڳالهه چئي ويندي آهي. ڪانفرنس
جي ابتدا ۾ هڪ سُگهڙ ڏهن ٻولين ۾ ڀليڪار چئي؛ ”ڪٿي منهن مريم جو، ڪٿي ٽنڊو الهيار“
جي ليکڪ خليل کوسي، ’اسين پنهنجا پٽڪا پاڻ ٻڌي ڄاڻون ٿا‘، ’واهه وڏيرا تنهنجا ڪم‘، ’هو جي وڏا کائو آهن‘، ’لينن نه مائو آهن‘، ’هتي فوٽو هُتي فوٽو‘ ٻڌايو. هڪ سُگهڙ شاهه
لطيف جي رسالي مان ڳجهارت ٻڌائي، ڪنهن عشق جو داستان ٻڌايو ته ڪنهن وري ڏهس ٻڌايو،
جنهن ۾ هن ڏهن ٻولين ۾ اکين جي ساراهه ڪئي. ڪنهن سُگهڙ مذاحيا بيت ٻڌايا ته ڏاهي ڏات
ڌڻي تمثيلي پهاڪو ۽ ڏهس ٻڌايو. ڏهس سمجهائيندي هرڻ، اکين ۽ نانگ جا ڏهه تمثيلي
نالن وارا بيت ٻڌايا. هڪ سُگهڙ قلندر جي مزار تي ٿيل ڌماڪي کانپوءِ ٿيندڙ تباهي ۽
بربادي جي پسمنظر ۾ درد ڪٿا ٻڌائي ته ”ڪا گونجار جي گونج سڻو، هي ٻار سڃاڻو ڪنهن
جو آ“، ڪنهن سُگهڙ وري ورهاڱي ۾ سنڌ ڇڏي ويلن جي ياد ۾ ”قسم ٿئي هلي آ پراڻن پٽن
کي ڏسي وڃ“، وارا بيت ٻڌايا. ڪانفرنس ۾ ٿر مان سُگهڙ ۽ شاهه جو گنج ترتيب ڏيندڙ
محمد قاسم راهمون مناظري وارا ۽ ٿر جي ۲۲ سئو ڳوٺن تي بيت ٻڌايا، جنهن ۾ هن ٿر جي ۲۲
سئو ڳوٺن جا نالا محفوظ ڪيا آهن. هن ڪانفرنس ۾ جتي لوڪ ادب تي سُگهڙ پنهنجي فن جو
مظاهرو ڪري رهيا هئا ته اتي سنڌ جي نامياري راڳي وچن سنڌي ابراهيم منشي جي شاعري ۽
انور سولنگي، حسن درس جي شاعري ٻڌائي، جڏهن ته عطا محمد ۽ ڀورل فقير مهر، نڙ تي
سانوڻ فقير جا بيت ٻڌايا. الغوزي نواز قادر بخش ٿهيم بين تي مشهور ڌن ٻڌائي ڀرپور
داد حاصل ڪيو ۽ راڳ جي محفل ۾ رفيق فقير، برڪت فقير، اسلم فقير، راحت فقير، وچن سنڌي،
انور سولنگي راڳ ڳائي داد حاصل ڪيو.
سُگهڙ ڪانفرنس
کانپوءِ سنڌ جي مختلف علائقن کان آيل سُگهڙن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته
سُگهڙ جي لفظي معنيٰ سو گهڙ آهي، مطلب سٺي گهڙ ڪرڻ وارو، جيئن واڍا ۽ ڪنڀار پنهنجي
هنر ۾ شين جي گهڙ ڪن ٿا، تيئن سگهڙ به لفظن جي گهڙ ڪندو آهي، سُگهڙ لفظ جي معنيٰ
سياڻو، سيبتو، سينگاريندڙ يا سلجهائيندڙ به آهي. سُگهڙ ڳجهارتون، سينگار ڏهس، ويهس
۽ ٻين بي شمار صنفن کي نفيس ۽ نج سنڌي ٻوليءَ جو ويس پهرائي عوام آڏو پيش ڪندا
آهن.
سُگهڙ ڪهچريون
اسان جي ثقافت جو حصو آهن، جيئن ٽوپي پٽڪو پائڻ به اسان جي ثقافت آهي ۽ ثقافت ڪڏهن
به ختم ناهي ٿيندي. لوڪ ادب ۾ ڳجهارت هڪ فن ضرور آهي، پر ڪنهن به ڪچهري ۾ موجود اڻ
پڙهيل ماڻهو به ڳجهارت کي ڌڪ ضرور هڻندو آهي، ان ڪري جو هي ڳجهارت وارو فن اسان جي
ثقافت آهي، ڌرتي ڌڻين جي دل ۾ اها شي موجود آهي، تنهن ڪري هي ثقافت ڪڏهن ختم نه ٿيندي،
پر مختلف مرحلا طئه ڪندي ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي پر آخر تائين اسان جي ثقافت جو هي
حصو زنده رهندو، اهو اسان جو يقين آهي. سُگهڙ چون ٿا ته سعودي عرب ۾ ڪپڙو مٿي تي ٻڌي
نوڙ ٻڌڻ وارو اهو سلسلو اتي صدين کان هلندو پيو اچي اڄ به اتان جا بادشاهه اهو ساڳيو
لباس پائي گهمن ٿا، اهڙي طرح اسان جو پٽڪو، ٽوپي ۽ اجرڪ آهي جيڪي اسان سان اڄ به
موجود آهي، ٽوپي، پٽڪي ۽ اجرڪ سميت اسان جي ثقافت جو ڪو به حصو ڪڏهن ختم ٿيڻو ئي
ناهي، اسان جا هاڻ نوجوان ننڍڙا سُگهڙ تيار ٿي رهيا آهن، جيڪي پنهنجي فن ذريعي مڃتا
به ماڻي رهيا آهن، ڀلي حڪومتون يا ادارا پنهنجي حصي جو ڪم نه ڪن، پر هن لوڪ ثقافتي
ورثي جا وارث پنهنجي ورثي جو تحفظ ضرور ڪندا.
سُگهڙ
ان ڳالهه تي متفق آهن ته لوڪ ادب ذريعي ئي اسان قبيلائي جهيڙا ختم ڪري سگهون ٿا،
هي ادب پيار ۽ محبت کي عام ڪري ٿو، ڳوٺن تائين هن ادب جي ذريعي ماڻهن سان ڪچهريون ڪري،
نئون جهان جوڙي سگهجي ٿو. ٻهراڙين ۾ اڳ مچ ڪچهريون هونديون هيون. اوطاقن ۾ ويهي ڪري
امن ۽ محبت جون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون. اڄ ڏسجي ٿو ته رڳو رت نظر اچي ٿو. ڪچهريون
اجڙي ويون آهن، ڪچهرين جي درست پيغام تي ڌيان نٿو وڃي، پر خرابين تي وڌيڪ توجهه
آهي.
سُگهڙ
چون ٿا ته؛ لوڪ ادب ذريعي سُگهڙن جي علم جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪهڙو ذهن
رکندڙ، ڪهڙن اعليٰ آدرشن جي ڳولا ۾ آهن. سندن چوڻ آهي ته؛ اها ڳالهه ته واضح آهي
ته لوڪ ادب ئي آهي جنهن ۾ نج سنڌي لفظ اڄ به موجود آهن. جيڪي اڄ عام طور تي اسان
کان وسري ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ جا تاريخي نج لفظ اڄ ڏينهن تائين سُگهڙن جي سيني ۾ زنده
آهن ۽ هميشه زنده رهندا. سندن چوڻ آهي ته؛ شين کي هيٺ مٿي ڪرڻ ۾ ميڊيا جو وڏو ڪردار
آهي. ڪجهه سال اڳ ٽوپي ۽ پٽڪو شهرن ۾ نه هوندو، پر جڏهن کان ميڊيا ان ڳالهه کي
کنيو ته هاڻ شهرن ۾ ٽوپي ۽ پٽڪو نظر اچي ٿو.
لوڪ
ادب جي بچاءَ ۽ ان جي واڌاري جي جيستائين ڳالهه آهي ته حڪومتي سطح تي ان لاءِ ڪو
خاص ڪم نه ٿيو آهي، پر سُگهڙ پنهنجي مدد پاڻ تحت جاکوڙي رهيا آهن، سنڌ سُگهڙ لوڪ
ادب تنظيم آهي، جيڪا پوري پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ان تنظيم لوڪ ادب جي حوالي
سان نوجوانن کي تربيت ڏني آهي، نوجوانن ۽ ٻارڙن ۾ لوڪ ادب جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪچهريون
منعقد ڪري رهي آهي، نوجوان ۽ ٻارڙا ڪچهرين ۾ مناظري جا بيت پڙهي ٻڌائين ٿا، پر
ثقافت کاتي جي لوڪ ادب جي حوالي سان ڪا وڏي مدد ناهي ڪئي، اڄ ڏينهن تائين صرف ڪجهه
سُگهڙن کي ٿورو گهڻو وظيفو ملي ٿو.
ضرورت
ان ڳالهه جي آهي ته هن لوڪ ورثي کي بچائجي ته جيئن لوڪ ادب ذريعي سماجي براين،
ناانصافين، قومي حقن جي حاصلات ۽ اخلاقي انقلاب جي لاءِ رستو ٺاهي سگهجي، سنڌ جا
سُگهڙ جيڪي سنڌ جي ثقافت جي ترجماني ڪري رهيا آهن انهن جا هٿ مضبوط ڪجن ته جيئن
وري ڳوٺن جون اوطاقون پنهنجي اصل روپ ۾ موٽي اچن، پيار، محبت ۽ امن جي ڳالهه ٿئي،
قبيلائي تڪرار ۽ خوني جهيڙا ختم ٿين، امن جا پکي ٻيهر اوطاقن ڏانهن موٽي اچن. ڪلچر
هڪ اڻکٽ اظهار خيال، جذبي ۽ عمل جو نالو آهي، جهڙي طرح سج جي روشني حيات شين لاءِ
لازمي هوندي آهي، ان ڪري سنڌ جي ڪلچر جي سمورن پاسن کي بچائڻ قوم جي وجود کي بچائڻ
لاءِ هڪ قدم سمجهيو ويندو، ٻولي ۽ ثقافت جو بنياد تڏهن کان مضبوط ٿيو جڏهن کان وٺي
ڪچهريون قائم ٿيون ۽ ڪچهرين تڏهن رنگ لاتو جڏهن سياڻا ۽ سگهڙ ماڻهو انهن ڪچهرين ۾
آيا، جن ڪچهرين کي اصلاح جو رستو وٺرائي سماجي قدرن کي اڳتي وڌايو.
No comments:
Post a Comment