سُگهڙن، مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن جي اهميت
عتيق ملاح
جي ڳوٺن
مان ڪچهريون موڪلائي ويون آهن. ماضيءَ ۾ مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن ۾ ٿيندڙ رهاڻن ۾ پيار،
محبت ۽ امن جون ڳالهيون ٿينديون هيون. پر هاڻ انهن اوطاقن جي اهميت کي جهڪو ڪري
جاگيردارن ۽ سردارن اوطاقن کي پنهنجي سرداري ۽ جاگيرداري جو ڏهڪاءُ برقرار رکڻ
لاءِ استعمال ڪيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سماج اندر بيچيني پکڙيل آهي ۽ امن وارو
ماحول تباهه ٿي ويو آھي. اهي اوطاقون، جتي اصلاح ۽ تربيت ٿيندي هئي، اتي اڄ رڳو
سازشن ۽ ٻين جون خرابيون جاچڻ وارو ڪم ٿيندي نظر اچي ٿو. اهو سنڌ جو لوڪ ادب ئي ھيو،
جنهن جي ڪري ڳوٺن ۾ مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن تي سُگهڙ پنهنجي فن ذريعي سماج کي سٺو
پيغام ڏيندي نظر ايندا هئا. سنڌ جو لوڪ ادب جنهن ۾ امن، پيار ۽ محبت سمايل آهي،
اهو هاڻ گهٽجندو پيو وڃي. موجوده دور ۾ سنڌ جي لوڪ ادب تي ايترو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.
جنهن جي نتيجي ۾، سنڌ جي ثقافت جي رنگن سان مالا مال هيءُ ادب، هاڻ ڪجهه سُگهڙن
تائين محدود ٿي ويو آهي ۽ اهي سُگهڙ پنهنجي وس آهر لوڪ ادب کي بچائيندا پيا اچن.