پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو فرق
سمجهڻ گهرجي
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
تازو هڪ
يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي هڪ ايم فل شاگردياڻيءَ ’پهاڪن جو سماجي ڪارج‘ تي
سيمينار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. تياري نه هجڻ سبب سيمينار رد ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت ڪندڙ
ڊين فيڪلٽي آف آرٽس، هلندڙ سيمينار جي وچ ۾ سوال ڪيو ته ”اوهان جو موضوع پهاڪن جي
سماجي ڪارج تي آهي، ٻڌايو ته پهاڪي ’ٻه ته ٻارهن‘ جو سماجي ڪارج ڇا آهي؟“ جواب
مليو ته ”ٻه ته ٻارهن.“ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس وراڻيو ته ”ائين نه ٿيندو، تياري ڪري
پوءِ اچو.“
جيڪڏهن
اها شاگردياڻي رڳو ان پهاڪي جي مراد کي چوڻيءَ ’ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي‘ ۾ تبديل ڪري ئي ٻڌائي
ڇڏي ها ته به ڪم سؤلو ٿي پوي ها؛ پر اسان جي شاگردن جا بنيادي تصور ئي ايڏا مضبوط ڪو
نه ٿا ٿين جو ڪنهن کي مطمئن ڪري وجهن. اصل ڳالهه ڪم جي طريقي ڪار/ ميٿاڊالاجيءَ جي
آهي، جنهن تي ڪو خاص توجه نه ٿو ڏنو وڃي. ايم فل يا پي ايڇ ڊي مان عام مراد هڪ ڀلو
ڪتاب ئي لکڻ سمجهيو وڃي ٿو؛ حالانڪ موضوع جي چونڊ ’مسئلو‘ سمجهي ڪئي ويندي آهي ۽
ان کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ رستي جو تعيّن ڪيو ويندو آهي. آخر ۾ ان مسئلي جي حل نسبت ڪي
معيار جڙي پوندا آهن. اهي معيار ئي اصل ۾ حاصل مطلب يا نتيجو سڏبا آهن، جيڪي آئنده
لاءِ مشعل راه بڻبا آهن.
بهرحال
هن موضوع ۾ اهم ٻه معاملا سامهون اچن ٿا، هڪ: پهاڪو ڇا ٿيندو آهي؟ ٻيو: پهاڪي جو
سماجي ڪارج ڇا آهي؟
اڄ سوڌو
جيڪي به ٿيسزون ڏٺيون ويون آهن، تن ۾ پهاڪي جي دائري بابت ڪا به وضاحت نه ملي سگهي
آهي. ڪافي عالمن پنهنجن ٿيسزن ۾ پهاڪا ڏنا آهن، ليڪن انهن اڳيان اهو واضح نه رهيو
آهي ته پهاڪو ڇا ٿيندو آهي؟ يعني جيڪڏهن پهاڪن جي عنوان ۾ مواد ڏيڻو آهي ته چوڻيون
۽ پهاڪا، کٽاڻ ڪري وڌا ويا آهن. ان لاءِ ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل، سيپٽمبر ۲۰۰۹ع ۾ منهنجو لکيل رسرچ پيپر پڙهيو وڃي.
مختصر
ته جيڪڏهن اهو واضح ڪرڻو آهي ته ’پهاڪو ڇا ٿيندو آهي‘ ته ان لاءِ پهاڪي سان گڏ ان
جي جوڙ جيس جو اصطلاح ’چوڻي‘ به ڏسڻو پوندو. جيستائين ’پهاڪي ۽ چوڻي‘ جو تقابلي اڀياس
نه ٿو ڏنو وڃي يا نه ٿو ڪيو وڃي، تيستائين ’پهاڪي‘ جو واضح ٿيڻ ممڪن ڪونهي.
انهن
اصطلاحن جي تقابلي وضاحت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘ (۱۹۹۶) ۾ تمام سهڻي انداز سان ڪئي آهي. ان کان اڳ جن به پهاڪن بابت لکيو آهي، تن
مڙئي کنڊ کائي پنهنجي دل خوش ڪئي آهي ۽ لکڻ ۾ پٽاڙ جو مظاهرو ڪيو آهي.
ڊاڪٽر
مرليڌر جيٽلي صاحب پهاڪي بابت لکيو آهي: ”اهو مروج استعمال جيڪو... اکري معنى
بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنى ڏيندو آهي، انهيءَ کي ’پها ڪو‘ چئبو آهي.“
چوڻيءَ
بابت لکيو اٿائين: ”اهو مروج استعمال جيڪو... پنهنجي اکري معنى ۾ ئي ڪتب ايندو
آهي، انهيءَ کي ’چوڻي‘ سڏبو آهي.“ (ص: ۲۴ ۽ ۲۵)
انهن ٻن
اصطلاحن کي ساڳئي مفهوم جي ٻن جملن/ مثالن سان آسانيءَ سان پرکي سگھجي ٿو:
پهاڪو:
ٻه ته ٻارهن. (مراد: اتحاد ۽ اتفاق ۾ طاقت آهي)
چوڻي: ٻڌيءَ
۾ برڪت آهي. (مراد: اتحاد ۽ اتفاق ۾ طاقت آهي)
پهاڪي
۾ اهو ڄاڻايل آهي ته: هڪ ۽ هڪ ٿيا ٻه، جڏهن ٻه ٿيا ته اهي وڃي ٿيا ٻارهن! ڪنهن به
ليکي چوکي واري منطق ۾ اهڙو ڳاڻيٽو ممڪن ناهي؛ کڻي ائين فرض ڪجي ته هڪ ۽ هڪ هڪٻئي
جي ڀر ۾ رکجن ته سي به يارهن (۱۱) ٿين ٿا،
ٻارهن ڪو نه ٿا ٿين. مقصد اهو ته ڪنهن به منطق ۾ اهڙو ڪو ليکو ڪونه ٿو بيهي جنهن
سان ٻه، ٻارهن ٿيندا هجن. ان لاءِ اهڙي مروج جملي جي سڌي سنئين معنى کان هٽي ڪري
اها مراد ورتي ويندي آهي، جنهن جو مفهوم ’ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي‘.
جڏهن
ته چوڻيءَ ۾ ڄاڻايل جملو سڌي سنئين مراد ’اتحاد ۾ برڪت يا طاقت آهي‘ واري آهي. اهو
بحث يا ٻوليءَ جي اصطلاحن: ’پهاڪي ۽ چوڻيءَ‘ جي لغوي يا معنوي اکيڙ جي نڪتل نتيجن
تي مڙني عالمن ۽ اديبن جو اتفاق آهي. افسوس ٿيندو آهي ته ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي
دائري بيهارڻ بعد به ڪافي عالمن يا اديبن ڪم ڪيو آهي، ليڪن انهن جي ڪمن ۾ پوءِ به
جهولَ محسوس ٿين ٿا.
پهاڪن
۽ چوڻين يا اصطلاحن ۽ ورجيسن تي ساهتي پرڳڻي جي اديب انجنيئر عبدالوهاب سهتي ڪافي ڪم
ڪيو آهي ۽ ڪافي ڪتاب سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ ڏنا آهن. ذاتي طور نوجوان محققن کي اهڙي
گذارش ڪندم ته سهتي صاحب جي ڪتابن تي تحقيقي ڪم ڪيو وڃي. خاص طور سندس ڪم آندل ٻوليءَ
جي اصطلاحن (پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن، ورجيسن وغيره) جا معيار جوڙي، سندس پوري ڪم کي
جوڙيل يا بيهاريل علمي پيراميٽرن ۾ توريو وڃي ته جيئن تحقيقي ميدان ۾ هڪ نرالو ڪم
سامهون اچي.
ياد
رهي ته ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ پهاڪا ۽ چوڻيون يا اصطلاح ۽ ورجيسون گڏ ڪري ڪو ڪتاب لکي،
ڊگري نه وٺبي آهي، بلڪ انهن کي گڏ ڪري، ورڇبندي ڪبي آهي ۽ ان بنياد تي ڪي معيار جوڙبا
آهن ۽ بعد ۾ انهيءَ گڏ ڪيل مواد جي، انهن معيارن جي بنياد تي ڇنڊڇاڻ ڪبي آهي. ان
رستي سان نتيجةً ڪي معيار جڙي پوندا آهن. اهي معيار اهڙا ٺهي بيهندا آهن جيڪي ٻين
لاءِ پڻ رستو هوندا آهن.
روزاني
سوڀ اخبار جون ۰۳، ۲۰۱۸ع
مهرباني سائين
ReplyDeleteسائين منھنجا! قرب اوھان جا جو اسان جي بلاگ لاءِ اوھان پنھنجو مواد ۽ رايو فراھم ڪيو. اميد ته ھن بلاگ کي پنھنجو بلاگ سمجھي اڳتي وڌاييندا رھندا.
Deleteمھرباني
خلوص منجھان
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
بيشڪ
ReplyDeleteتمام بھترين معلوماتي مواد مليو
ReplyDeleteمحمد سليم نظاماڻي
اسلام عليڪم،
ReplyDeleteاڃان ان ڏِس ۾ تمام گهڻي ڪم جي ضرورت آھي جنهن ۾ پهاڪي ۽ چوڻيءَ تي تحقيق ڪري ان ۾ واضع فرق لاءِ ڪي قاعدا ۽ قانون جوڙيا وڃن.
چَوِڻِي يعني چيل ڳاله جيڪا سِڌِي سنئين ٻوليءَ ۾ خوبصورتي پيدا ڪرڻ لاءِ چئي وڃي تہ جيئن وقر بچائي وڏي ڳاله کي ننڍن جملن ۾ پيش ڪيو وڃي. جنهنکي سمجگڻ لاءءِ تقطيع يا ڀڃ ڊاه جي ضرورت نہ پوي.
مثال طور: ”جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.“
ڇا ان جملي کي سمجهڻ لاءِ گهڻو سوچڻ جي ضرورت درڪار آھي؟
جيڏانهن پير تيڏانهن خير.“
چم ڪونہ وڻي ڪم ٿو وڻي.“
اڳيان باه پٺيان پاڻِي“
جڏھن تہ پهاڪو هڪ قسم جو اصطلاح يا محاورو ٿئي ٿو جيڪو هڪ جملي جي صورت ۾ ٿئي ٿو. جيڪو اسانجي سماجي ڪمن ريتن رسمن روز مره جي واقعن سان تعلق رکي ٿو ۽ جنهن ۾ ڪجه لُڪ ٿئي ٿي.
جنهنکي سمجهڻ لاءِ غور فڪر ۽ تدبر جي ضرورت پوي ٿي.
مثال طور: اڇا وار اٽو خراب
ان جي ظاهري معنيٰ جدا ۽ باطني معنيٰ جدا آھي يعني پيريءَ ۾ ڪنهن نوجوان ڇوڪريءَ ۾ اکيون وجھڻ.
ٻِليءَ جي خواب ۾ ڇِيڇڙا.
ڪارو ٻَڌُ ڪمري سان رنگ نہ مٽي اوساڻ وَٺي.
اهڙيءَ ريت ڪيترا ئي پهاڪا آھن جن جو مطلب غور فڪر کان پوءِ سمجه ۾ اچي ٿو.
شاعر ديدار شھباز.