چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي. پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئئ. ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي. اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
Thursday, October 23, 2014
نيرن کائو بادشاھن وانگي (طبي، چوڻي)
Sunday, October 12, 2014
جيءُ آهي ته جهَانُ آهي - سميرا مختيار
Sunday, October 5, 2014
جڏهن تڏهن سنڌڙي تو کي قنڌارئون جوکو - ڊاڪٽر نواز علي شوق
Saturday, August 30, 2014
عقل وڏو يا مينهن؟ - مٺل جسڪاڻي
عقل وڏو يا مينهن؟
مٺل جسڪاڻي
اوهان
وانگر آئون به ننڍي هوندي کان اهو سوال ٻڌندو پيو اچان ته ”عقل وڏو
يا مينهن؟“.
اوهان
وانگر ئي، آئون به ڪڏهن سوال جي جواب ۾ مُرڪي ٽارڻ جو منظر ڏسندو اچان، ته ڪڏهن وري
عقل، يا ڪڏهن جواب ۾ مينهن ٻڌندو اچان. جيڪي جواب ۾ عقل چون، انهن تي به پڇندڙ ۽ ٻيا
ٻڌندڙ کلندي نظر ايندا رهيا آهن، ته جن جواب ۾ مينهن چيو، انهن تي به ساڳئي ٽوڪ مسخري
مون به پئي ڏٺي ۽ ٻڌي آهي.

