جڏهن تڏهن سنڌڙي تو کي قنڌارئون جوکو
ڊاڪٽر نواز علي شوق
چوڻيون ۽ پهاڪا سنڌي زبان، ادب ۽ تاريخ جو قيمتي
سرمايو آهن. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته هر چوڻيءَ جو ڪو نه ڪو تاريخي،
تهذيبي، سماجي يا لساني پس منظر نظر ايندو. ڪن چوڻين ۾ ڪي دلچسپ تاريخي، سياسي يا سماجي
واقعا لڪل هوندا آهن. جن جي ذريعي اسان قديم سياسي، سماجي ۽ تاريخي حقيقتون معلوم ڪري
سگهون ٿا. اهڙي هڪ چوڻي سنڌ ۾ صدين کان مشهور آهي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: