Sunday, April 12, 2026

وھي کاتي جا اصطلاح - روحل

وھي کاتي جا اصطلاح

وھي کاتي بابت دڪاندارن ۽ واپارين جي استعمال ايندڙ ليکي چوکي ۽ ڪاروباري اصطلاحن جو ٿيسارس (Thesaurus) الف-ب وار ۽ موضوعي ترتيب سان

ترتيب ۽ تحقيق : روحل



وهي-کاتو جنهن ۾ 'وهي' جي معنيٰ ڪتاب ۽ 'کاتو' جي معنيٰ حساب آهي، هڪ ٻٽي داخلا وارو روايتي ڏيهي ڏيتي ليتي يا اڪائونٽنگ جو نظام آهي، جيڪو صدين کان ڏکڻ ايشيا جا واپاري، هٽار ۽ ننڍن ڪاروبارن جا مالڪ استعمال ڪندا اچن ٿا.

بنيادي اصول ۽ بناوت

ڏيتي ليتيءَ وارو طريقو: هر مالي وهنوار کي ٻن کاتن ۾ لکيو ويندو آهي ته جيئن حسابي برابري (اثاثا = اوڌر+ سيڙپ) برقرار رهي.

جَمَعُ ۽ نام (نائين): کاتي ۾ ٿيندڙ داخلا کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي؛ جَمَعُ (رقم جي وصولي يا آڳت وارو پاسو) جيڪو کاٻي پاسي هوندو آهي، ۽ نام يا نائين پاسو (اوڌر يا ڏيڻي وارو حصو) جيڪو ساڄي پاسي هوندو آهي.

تھ ڪيل پنا: هنن وهين جا وڏا ۽ بنا ليڪن وارا صفحا ڪالمَن بدران عمودي طور اٺن حصن (شالُن) ۾ تھ ڪيا ويندا آهن. حساب جو ڪُل جوڙ (Total) بلڪل اتي لکيو ويندو آهي جتي لکت ختم ٿئي، نه ڪي ڪنهن مخصوص لڪير تي.

Tuesday, March 31, 2026

لفظن جُون اڳياڙيُون ڳنڍڻ سان ٺھندڙَ ڪي نوان ٻولَ - ياسر قاضي

لفظن جُون اڳياڙيُون ڳنڍڻ سان ٺھندڙَ ڪي نوان ٻولَ

ياسر قاضي


گذريل هفتي واري ڪالم ۾ اسان لفظن جِي جوڙجڪ جي لحاظ کان ڪن لفظن ۾ ڪي پڇاڙيُون (Suffixes) ڳنڍي ڪجهه لفظ ٺاهيا هياسي. اڄوڪي ڪالم ۾ اسان سنڌيءَ جي ڪجهه لفظن ۾ ڪي اڳياڙيُون (Prefixes) ڳنڍي، ڪي لفظ ٺاهينداسين ۽ اهو سمجهنداسين ته ضرورت آهر اهڙا لفظَ جوڙي سگهجن ٿا.

Tuesday, March 24, 2026

لفظن جُون پڇاڙيُون ڳنڍڻ سان ٺھندڙَ ڪي نوان لفظَ - ياسر قاضي

لفظن جُون پڇاڙيُون ڳنڍڻ سان ٺھندڙَ ڪي نوان لفظَ

تحرير: ياسر قاضي


لفظن جِي جوڙجڪ ۾ اڳياڙين (Prefixes) ۽ پڇاڙين (Suffixes) جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. لفظن جي اڳياڙيءَ کي اردوءَ ۾ ’سابقه‘ (اڳيان ايندڙ) ۽ پڇاڙيءَ کي ’لاحقه‘ (بعد ۾ ايندڙ) چيو ويندو آهي. اها اڳياڙي يا پڇاڙي پاڻ هڪ ٻول (لفظ) هوندو آهي، پر اهو ٻئي اسم، صفت يا فعل سان ملي هڪ ڌار لفظ جوڙيندو آهي. ان طرح سان هر ٻوليءَ جي لغت يا ڪوش ۾ اڻ ڳڻيا اھڙا لفظ موجود هوندا آهن، جيڪي ان ئي ٻوليءَ يا سندس ڪنھن ڀيڻ ٻوليءَ (جنھن جا لفظ منجهس موجود هوندا آهن) جي ٻين مختلف لفظن سان ملي، بيشمار نوان لفظ جوڙيندا آهن. اهڙا اڻ ڳڻيا ٻولَ اسان به روز ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾ استعمال ڪندا آهيون. اھي اڳياڙيُون ۽ پڇاڙيون ذاتين، عھدن، تعليمي لياقتن ۽ لقبن ۾ به هونديون آهن، جيڪي ماڻهن جي نالن سان لڳي انھن کي نئين سُڃاڻ ڏينديون آهن. جيئن ’ڊاڪٽر‘، ’انجنيئر‘، ’پروفيسر‘، ’ايڊووڪيٽ‘، ’بئريسٽر‘، ’ڪامريڊ‘، ’رئيس‘، ’خواجه‘، ’مرزا‘، ’مخدوم‘، ’آخوند‘ وغيره سڀ نالن جُون اڳياڙيُون آهن. پر اڄ اسان عام اسمن، صفتن ۽ فعلن سان لڳندڙ ڪجهه پڇاڙين جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي مختلف ٻولن سان ملي نوان لفظن جوڙين ٿيون.

Thursday, February 19, 2026

سوين آسرا، مونجھارا. ھڪ آسرو، سھارو. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سوين آسرا، مونجھارا. ھڪ آسرو، سھارو.

(لوڪ ڪھاڻي، چوڻي)

.

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو


لومڙيءَ ۽ ٻليءَ پاڻ ويٺي ڪچھري ڪئي. لومڙيءَ ڊاڙ ھڻندي ٻڌايس؛ ”مان ڏاڍي ڦرتيلي آھيان. دشمن کان بچڻ جون، سوين ترڪيبون ڄاڻان. مون کي دشمن ھرگز پڪڙي نه سگھندو.“

ٻليءَ ميمڻي ميسڻي ٿي وراڻيس؛ ”مان ته فقط ھڪ ئي ڏانءُ آ.“

اوچتو، ڪتن جو ڊنب نروار ٿيو ۽ اچي مٿن ڪڙڪيو.

Sunday, December 21, 2025

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’پير‘ سان سلھاڙيل اصطلاحن جو جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’پير‘ سان سلھاڙيل اصطلاحن جو جائزو

 

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



مولوي احمد ملاح، علمي ۽ ادبي ماڻھو هو، ان ڪارڻ سنڌي ٻوليءَ تي وڏي گرفت هيس. سندس شاعريءَ ۾ جيڪڏهن صنايع بدايع جي خيال کان علم بيان ڏسجي، صنعت لفظي ۽ معنوي ڏسجي، ته سندس جوڙ جيس جو ڪو شاعر نه ٿو ملي. ٻئي پاسي سندس سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڏسجي ته اهڙن لفظن جي گهڙاوت ۽ جڙاوت به ڪري ٿو، جيڪا بنھه نرالي ۽ نون لفظن تي مشتمل آهي. ان حوالي سان ان جي شاعريءَ تي ڪم ڪرڻ جي نھايت گهڻي ضرورت آهي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ڪم آندل اهڙن اصطلاحن جو اڀياس مقصود آهي، جيڪي ’پير‘ (foot) سان سلھاڙيل هجن. ’ڪليات احمد‘ ۾ لفظ ’پيرُ/ پيرَ‘ (واحد توڻي جمع) ڇاهتر (۷۶) ڀيرا ڪم آندل آهي، جڏهن ته گرداني صورت (inflected) ۾ ’پيرن‘ ٻاويھه (۲۲) ڀيرا ڪم آندو اٿس ۽ حرف جر جي ميلاپ سان ’پيرين‘ چار (۴) ڀيرا سامھون اچي ٿو. هن لفظ سان سلھاڙيل لفظ ’پيرو/ پيرا‘ به ملي ٿو؛ البت، لفظ ’پيروي‘ کان پاسو ڪيو ويو آهي.

Saturday, December 20, 2025

سنڌي محاورا سنڌي ٻولي جو حُسن آهن - شڪسته مزاري

سنڌي محاورا سنڌي ٻولي جو حُسن آهن

شڪسته مزاري


محاورا يا اصطلاح ٿورن لفظن ۾ چيل اهي ڳالهيون آهن، جن ۾ ڪنهن ڳالھ، موضوع يا بحث جي پوري ڇِنڊ ڇاڻ ۽ وضاحت ٿيل هوندي آهي. محاورا اڪثر ٻٽن لفظن کان شروع ٿي هڪ سِٽ، ڏيڍ سِٽ، ٻن يا ٽِن سِٽن تائين به هوندا آهن. جن ۾ هڪ پوري سمجهاڻي سمايل هوندي آهي ۽ هڪ پوري معنويت هوندي آهي. اِهي محاورا مزاحيه، اصلاحي، سماجي موضوعن وغيره تي چَيل هوندا آهن، جن ۾ ڇَتي ڪوريءَ واري ڊيگھ ناهي هوندي، بس مختصر لفظن ۾ ”سمجهدار لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي“ واري ڳالھ لِڪل هوندي آهي. اسان جي عام زندگي ۾ محاورن جي ڏاڍي اهميت آهي.

Monday, October 27, 2025

گھل گھوڙا يا گھوڙا ڙي گھوڙا - ڪليم الله لاشاري

گھل گھوڙا يا گھوڙا ڙي گھوڙا

(ورجيس)

ڪليم الله لاشاري



ورجيس ٺھڻ جو بڻياد ۽ اصل سبب.

اسان وٽ هتي ڪنهن به مصيبت وقت روئڻ پٽڻ ۾ هڪ لفظ استعمال ٿيندو آهي، ”گھل گھوڙا“ يا ”گھل گھاڙ“ بهرحال، ڏکڻ ڏي ٻڌو آهي ته چوندا آهن ”گھوڙا گھوڙا“ يا ”گھوڙا ڙي گھوڙا“. جنهن لاءِ اسان وٽ چيو ويندو آهي ته اڳئين وقت ۾ جڏهن ڦورو يا لٽيرا گھوڙن تي چڙهي ايندا هئا ته انهن کي ڏسي ماڻهو دانهون ڪندا هئا ته ”گھوڙا ڙي گھوڙا.“

Friday, October 17, 2025

ڪمائي آچر، کائي خچر. (سرو، پھاڪو) اقبال جمالي

ڪمائي آچر، کائي خچر.

(سرو، پھاڪو)

اقبال جمالي



آچر نالي هڪڙو هاري، پنهنجي پوکيل واڙيءَ جون ڀاڄيون ۽ بيٺل باغ جا ميوا، پنھنجي ڌاريل خچر تي کڻي شھر وڪڻڻ لاءِ ويندو هيو. سندس خچر، جڏھن سفر ۾ کيس بي خيالو ڏسندو ھيو ته ڪنڌ ورائي، پٺيءَ تي لڏيل ميون يا ڀاڄين ۾ چڪ هڻي وٺندو ھيو. منڊيءَ ۾ پھچندي پھچندي، چڱو زيان ڪري وٺندو هيو.

Sunday, September 28, 2025

جتي ھاٿين جي تور ٿيندي، اتي گڏھ ڪاڻِ ۾ ويندا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جتي ھاٿين جي تور ٿيندي،

اتي گڏھ ڪاڻِ ۾ ويندا. (لاڙ، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڪاڻِ؛ گھٽتائي.

تارازيءَ جا ٻئي پُڙَ وزن ۾ برابر رکبا آھن. ڳنيءَ کان سندن مفاصلو، ھڪجيترو ۽ ھم وزن رسين سان جوڙبو آھي ته جيئن تور وقت، تارازي کڙي ڪجي ته ٻئي پُڙَ ھموار ٿين. پوءِ ھڪ پاسي تورا يا وٽ وجھبا آھن ۽ ٻئي پاسي شيءِ يا جنس رکبي آ ته جيئن وزن جي تڪ تور صحيح معلوم ٿئي.

Sunday, September 7, 2025

ٽڦڻين سان لابارو ڪرڻ - مير حسن مري

ٽِڦڻين سان لابارو ڪرڻ

(ورجيس/ اصطلاح)

مير حسن مري



اسان مري ٻروچن جا وڏا جڏهن سنڌ آيا، ته کين چيو ويو ته: ”ڪڻڪ جا داڻا کپن ته لابارن جي مُند آهي، هلي لابارو ڪيو.“

ٻروچن کي ٻيو ڪو اوزار گھر ۾ ڪو نه هيو. ماني اٿلائڻ لاءِ فقط ٽڦڻيون هين. سي کڻي اچي لابارن تي پھتا.

Tuesday, August 12, 2025

لوڪ ڏاھپ جي ڪجھ ڌنڌلائجي ويل منظرن جي اُپٽار - امان الله جوکيو

لوڪ ڏاھپ جي ڪجھ ڌنڌلائجي ويل منظرن جي اُپٽار


امان الله جوکيو



راڄ ڀاڳ جو اصطلاح، اسان جي اجتماعي زندگيءَ طرف اشارو ڪري ٿو. انسان آھي ئي گڏ رھڻ واري مخلوق. ھي ھزارين سالن جو جيڪو اسين سفر ڪري اڄ ھن منزل تي اچي پھتا آھيون، سو بتدريج تبديلين جي مرحلن مان گذري رھيو آھي. انھيءَ صدين جي سفر اسان جي، ۽ دنيا جي قومي، ثقافتي ۽ لساني اڪاين وچ ۾، سَنڌا سِيڙھا قائم ڪري انھن کي الڳ الڳ سڃاڻپ عطا ڪئي آھي، جنھن تي ھر قوم فخر ڪرڻ ۾ حق بجانب آھي. ثقافتون جامد رھي نٿيون سگھن. معاشي تنگي، مذھبي حالتن ۽ سياسي اٿل پٿل سبب ٿيندڙ لڏ پلاڻ انھن تي اثر انداز ٿيندي رھي ٿي. انھيءَ ڪري ڪيترائي منظر، وقت گذرندي ڌنڌلائجي وڃن ٿا. ھن وقت زندگيءَ جون ضرورتون، تبديل ٿيل آھن. اڄ کان سٺ ستر سال اڳ، صورت حال ٻي ھئي. اچو ته ماضيءَ ۾ لياڪا پائي ڪجھ ڌنڌلائجي ويل منظرن جي اُپٽار ڪريون.

Saturday, February 8, 2025

بي ضرر ٿيءُ، پاڻ آزاراءِ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بي ضرر ٿيءُ، پاڻ آزاراءِ! (چوڻي)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪ ڀيري ھڪڙو ڪانءُ، ڪٿان اڏامندو آيو ۽ اچي ٻنيءَ ۾ چرندڙ ھڪڙي ٻڪريءَ جي پٺيءَ تي ويھي رھيو. ٻڪريءَ، ڪانءَ کي ليکيو ئي ڪو نه ۽ نه ئي ڪو اکر ڪڇيائينس. ٻڪريءَ جي ماٺ تي ڪانءَ جي دل ھيڪاري وڌي وئي ۽ ويٺس پٺيءَ ۾ ٺونگا ھڻڻ. اھو به ڪنھن وقت تائين ٻڪري پئي سٺس. پر جڏھن ڪانءُ اڃا مڇڏ ٿي تنگ ڪرڻ لڳس ته ٻڪريءَ چيس؛ ”اڙي ڪانءَ! تو کي مزو ڪھڙو ٿو اچي مون کي ائين ستائڻ ۾؟ مان بي ضرر مخلوق آھيان. مان ڪنھن کي به تنگ نه ڪندي آھيان ۽ مان پنھنجي پاڻ کي ھر شيءِ کان لاتعلق رکندي آھيان. اڃا به تو کي ڪو سبب آھي ڇا مون کي پٺيءَ ۾ ٺونگن ھڻڻ جو؟ تون ٽرين ڇو نه ٿو؟ وڃي ڪنھن ڪتي يا ٻلي جي پٺيءَ تي ٺونگا ڇو نه ٿو ھڻين؟“

Tuesday, January 28, 2025

نه ڪنھن کي عقل منجھايو آ- انجنيئر عبدالوھاب سھتو.

نه ڪنھن کي عقل منجھايو آ، نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آ.

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙو پروفيسر گاڏيءَ ۾ ويٺو ته سندس اڳيان ھڪڙو ھاري ويٺو ھيو. بوريت محسوس ڪندڙ پروفيسر دل ۾ ٽليو ته ساڻس ڪا راند ڪري دل وندرائي ۽ وقت ٽپائي.

”مان تو کان سوال پڇندس.“ پروفيسر چيس؛ ”جيڪڏھن تون جواب نه ڏئي سگھئين ته مون کي تون پنج ڊالر ڏيندين. ان کان پوءِ تون سوال پڇندين. جيڪڏھن مان جواب نه ڏئي سگھيس ته مان تو کي پنج سؤ ڊالر ڏيندس. تون ڇا ٿو چوين؟“

ھاريءَ ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

جپاني پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جپاني پھاڪا ۽ چوڻيون


ترجمو ۽ تشريح: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



پھاڪو، مختصر ضرور ھوندو آ، ليڪن منجھس سالن جو تجربو لڪل ھوندو آ. اھو، ڪتابن جو اھڙو نچوڙ ھوندو آ، جنھن کي ھڪ سِٽ ۾ بيان ڪري ڇڏبو آ. گھڻا دفعا ته ھڪ سٽ، زندگيءَ ۾ اھڙي تبديلي آڻيندي آ، جيڪا ھزارين صفحا نه ٿا آڻين.

ھڪڙو ڪتاب لکيو ويو آ  Japanese Proverbs  جنھن جو ليکڪ آ David Gales. ھيءُ ڪتاب ٻه سؤ مشھور جپاني پھاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو آھي. انھيءَ ڪتاب جو غور سان مطالعو ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ پندرھن کن اھڙا پھاڪا ۽ چوڻيون چونڊيا ويا آھن، جيڪي اگر دماغ جي ڳڙکي کولي پڙھجن ته حيران ڪندڙ طريقي سان سوچ کي مٽائي ٿا سگھن.

Saturday, November 9, 2024

بوٽ ۽ ماڻھو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بوٽ ۽ ماڻھو

اوھان کي اگر تڪليف ٿا ڏين ته پوءِ اوھان جي ڊول جا ناھن ٻئي؛

جوتا ڀي، ماڻھو ڀي. (اردو، چوڻي)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھيءَ چوڻي ان ڳالھ طرف اشارو ٿي ڪري ته جڏھن ڪا شيءِ يا ڪو شخص اسان جي اميد جي مطابق ڪم نه ڪندو ھجي يا اسان کي تڪليف ڏيندو ھجي ته ان جو سبب اھو ٿي سگھي ٿو ته اھو اسان لاءِ موزون ناھي.

بوٽ جو مثال ٿا سمجھون؛

Wednesday, November 6, 2024

پهاڪا ۽ اصطلاح - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

پهاڪا ۽ اصطلاح

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ اصطلاحن جي استعمال سان ٻوليءَ جي وسعت ۽ هڪ مڪمل ادبي زبان هئڻ جي خبر پوي ٿي. جڏهن به ڪنهن قوم يا ملڪ جي ماڻهن ۾ ڪي تاريخي واقعا ۽ ڳالهيون عام خاص جي زبان تي اچي وڃن ٿيون ته ان ۾ موقعي مطابق چيل گفتا ۽ جملا مشهور ٿي ٿا وڃن ۽ انهن چوڻين کي پهاڪا چئبو آهي.

پهاڪو معنى عقل ۽ ڏاهپ جو اهو نڪتو جنهن مان ڪا حقيقت ٿورن پر وڻندڙ لفظن ۾ ڄاڻايل هجي جيئن “بک لڇڻ وڃائي، ڏمر عقل وڃائي” يا نياڻيءَ کي مائٽ لاڳ ڏيندا ڀاڳ نه ڏيندا. وغيره پهاڪو سماج جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو. سنڌي پهاڪو سنڌي عوامي زندگيءَ جو آئينو آهي، سنڌ جي تهذيب و تمدن، ريتن ۽ رسمن، مذهبي خيالاتن، معاشري جي طور طريقن ۽ قديم تاريخي اهڃاڻن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. سياڻن، سگهڙن ۽ عاقلن جا مختصر پر جامع قول معنى خيز ۽ پر مقصد آهن، جيڪي سماجي حقيقتن تان نقاب لاهي وائکو ڪن ٿا.

Saturday, September 28, 2024

گِدڙ چڙهيو گهوڙي، لومڙ لوڏي ٻانهن - وزير علي سرڪي

گِدڙ چڙهيو گهوڙي، لومڙ لوڏي ٻانهن!

جوڪ در جوق

وزير علي سرڪي



هائو ٻيلي ٻلي هلي آهي هرڻي جو شڪار ڪرڻ. ڇو نه ڪري، ننڍڙو شينهن جو ٿي. ٻلي هوبهو اھڙي آهي جهڙو شينهن. جيئن چئبو آهي فلاڻي کي اهڙو هم شڪل پُٽ ڄائو آهي، ڄڻ نڪ مان چيري ڪڍيو هجئين. شينهن چيو؛ شڪر ٿيو جو قد نه ٿو وڌيس، سو منهنجي منهن مقابل نه ٿيندي ۽ چڱو ٿيو جو ٻلو ناهي، نه ته منهنجو خير نه هجي ها. سوچيائين هن سان ڪو رشتو جوڙجي، چيائينس؛ مائي ٻلي! منهنجي امڙ ڪونهي “ماءُ نه ويائي، ماسي ويائي” اڄ کان تون منهنجي ماسي آهين. ٻلي سوچيو؛ ههڙي سگهاري سردار جي جو مان ماسي ٿيان ته واهه واهه. شينهن چيس: گهڻو غور ڪري گُهوري نه نهار. ڀاڻيجا شينهَن کي به پيارا ٿيندا آهن. منهنجي مائٽي مڃ، ڊِڄ نه. اهو ٻڌي ٻلي کڻي ماٺ ٿي.

Friday, July 5, 2024

لفظ ’پھريون‘ ۽ ان سان سلهاڙيل ٻين صورتن جو اڀياس - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

لفظ ’پھريون‘ ۽ ان سان سلهاڙيل ٻين صورتن جو اڀياس

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



• اڀياس جو پس منظر

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي لفظ، نحوي صورت ۾ شڪل تبديل ڪندا آهن، اهڙي تبديليءَ جو بنياد ڳالهائڻ واري ٻولي آهي. مثال طور: ’مان ڪنڊياري وڃان ٿو‘ يا ’مان موري کان ٿي آيو آهيان‘ وغيره. عام طور ڪافي سنڌي ڳالهائيندڙ اهو ئي سوال ڪندا آهن ته انهن جملن جي اهم لفظن کي هيئن به ته پڙهي سگهجي ٿو: ’ڪنڊيارِي‘ يا ’مورِي‘ وغيره. هتي بيشڪ معياري لھجي جو معاملو سامهون اچي ٿو، جنھن موجب ڳالهايو ۽ لکيو ويندو آهي. ان جملي ۾ جيڪڏهن ’ڪنڊيارِي‘ يا ’مورِي‘ لفظَ مؤنث هوندا ته انهن سان ’ءَ‘ يعني آخري مؤنث واري زبر /اَ/ لازمي لڳندي. ان صورت ۾ جملا بيھندا: ’مان ڪنڊياريءَ وڃان ٿو‘ يا ’مان مورِيءَ کان  ٿي آيو آهيان‘؛ جيڪڏهن اهي لفظ ’ڪنڊيارو‘ ۽ ’مورو‘ آهن ته جملي جي بيھڪ سان ’ڪنڊياري‘ ۽ ’موري‘ بيھندو. ياد رهي ته انهن مٽيل صورتن ۾ ’حرف جر‘ به سمايل آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو مسلّم اصول آهي. جيئن ته اترادي لھجي (Utradi dialect) جي ڪن اپلھجن (accents) ۽ لاڙي لھجي (Larri dialect) ۽ حيدرآباد جي آسپاس جي اصلوڪن ماڻهن وٽ آخري سُر حذف ڪرڻ جي ڪار آهي، ان صورت ۾ ’ءَ‘ جو استعمال گهٽ ڪيو وڃي ٿو، جنھن سبب لفظ جي اصل حيثيت بدلي وڃي ٿي. ساڳي ڪار ’هي‘ لفظ سان به ڪئي وڃي ٿي، جيڪو واحد مذڪر ۾ ’هيءُ‘، واحد مؤنث ۾ ’هيءَ‘ ۽ جمع- واحد توڻي مذڪر- مؤنث ۾ ’هي‘ ڪم آڻڻ گهرجي. نحوي حالت ۾ ڪافي لفظ اهڙا ٿين ٿا، جيڪي اصولي طور حرف علت (vowel letters) يا اعراب (diacritical mark) سان صورت تبديل ڪن ٿا، هتي صفت لفظ ’پھريون‘، واحد- جمع يا مؤنث- مذڪر سبب ۽ حر ف جر لڳڻ جي حالت ۾ جملي جي نوعيت سان جيڪي صورتون وٺي ٿو، ان جو اڀياس ڪيو ويندو ۽ صورتن جا معيار کڻي، چند لکڻين کي سامهون رکي، جاچيو ويندو.