گِدڙ چڙهيو گهوڙي، لومڙ لوڏي ٻانهن!
جوڪ در جوق
وزير علي سرڪي
هائو ٻيلي ٻلي هلي آهي هرڻي جو شڪار ڪرڻ. ڇو نه ڪري، ننڍڙو
شينهن جو ٿي. ٻلي هوبهو اھڙي آهي جهڙو شينهن. جيئن چئبو آهي فلاڻي کي اهڙو هم شڪل پُٽ ڄائو آهي، ڄڻ نڪ مان چيري ڪڍيو هجئين.
شينهن چيو؛ شڪر ٿيو جو قد نه ٿو وڌيس، سو منهنجي منهن مقابل نه ٿيندي ۽ چڱو ٿيو جو
ٻلو ناهي، نه ته منهنجو خير نه هجي ها. سوچيائين هن سان ڪو رشتو جوڙجي، چيائينس؛
مائي ٻلي! منهنجي امڙ ڪونهي “ماءُ نه ويائي، ماسي
ويائي” اڄ کان تون منهنجي ماسي آهين. ٻلي سوچيو؛ ههڙي سگهاري سردار جي جو
مان ماسي ٿيان ته واهه واهه. شينهن چيس: گهڻو غور ڪري گُهوري نه نهار. ڀاڻيجا شينهَن کي به پيارا ٿيندا آهن. منهنجي مائٽي
مڃ، ڊِڄ نه. اهو ٻڌي ٻلي کڻي ماٺ ٿي.
شينهن ٻليءَ کي چيو اچ ته ڪو ٻيلو
ڳولهيون، ڪٽي پهاڙي کان هليا، اڳيان ٻلي، پويان شينهن. ڊوڙندا لانڍي ٽپي، پِپري
پاسي وڻڪار ڏٺائون. هڪڙي گِدڙ ڏٺو ته شينهن ٻلي پويان پيو آهي ته وٺي ڀڳو. شينهن هڪل
ڪئي: اڙي بيهه، ماسي ٻلي مونکي دڳ پئي ڏيکاري.
گِدڙ چئيَن: سنڌ جي مک ڪولاچي ٻيلي ۾ اوهان کي ڀليڪار. بُک ۾ پاهه پئي ٿيا،
ٻلي هڪ ڪوئو ڏٺو، پڪڙي کائي رڄ ڪيائين. ڀاڻيجي کي چيائين: ابا ڪجهه کاءُ، هي گاهه
پٺو بيٺو ٿي. گِدڙ وچ ۾ پئي چيو: نه ماسي، شينهن مري
به، ڊڀ نه چري. ٻلي ڀوءَ کان ڦڙتي سان وڻ تي چڙهي وئي. شينهن به ٽپو ڏئي چڙهيو.
ٻه ٽي چڪر ڪِريو پر آخر چڙهي ويو ۽ ٻلي کي چنبو اُلاريائين. ماسي چيس، “ٻلي شينهن پڙهايا، ول ٻلي ڪون کاوڻ آيا”. شينهن چيس
ته نه ماسي توکي سلام ٿي ڪيم جو تو وڻ تي چڙهڻ سيکاريو. خير شينهن ٻيلي جو بادشاهه
ٿي ويٺو. ماسي کي مشير ۽ گِدڙ کي وزير ڪيائين. گِدڙ چيو سڀ صبح کان بکيا آهيون.
آئون ڪو شڪار ڪري اچان. هڪ هند سُتل اُٺ ڏٺائين، مُئل سمجهي نوسيائين، سوچيائين
جيئرو نه هجي، سندس پُڇ سان پنهنجو پُڇ ٻڌي اونايون ڪرڻ لڳو. آواز تي اُٺ جاڳي اُٿي
بيٺو ۽ گول ڦرڻ لڳو. شينهن ۽ ٻلي ٻئي اچي اُتي پهتا. گِدڙ کان پڇيائون اِهو ڇاهي؟
چيائين: پاڻ ڏاڍي سان پُڇ اٽڪائڻ جو انجام.
شينهن سوچيو اهڙن واقعن جي روڪ ٿام
لاءِ مونکي پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻي پوندي. گِدڙ کي چيائين: وڃ ٻيلي جي سڀني جانورن
کي اسان جي ٿاڪ تي ڪَٺو ڪر. ڪوئي کان هاٿي ۽ سيهڙ کان سان تائين سمورا اچي گڏ ٿيا.
شينهن چيو: هاڻي هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو، طاقتور جي بقا وارو نظريو ۽ جهنگ وارو
قانون هلندو. توهان سڀ مڃو ٿا منهنجي حڪومت؟ چيائون: سائين! سرِ تسليم خم. شينهن پڇيو:
هتي ٻيا ڪهڙا ٻيلا آهن؟
چيائون: چئو طرف ٻيلا ئي ٻيلا
آهن. لسٻيلو، ساڌ ٻيلو، جانو ٻيلو، خانو ٻيلو، مکي ٻيلو، لکي ٻيلو، جنگو ٻيلو،
پنگو ٻيلو ۽ ٻيا. چيائين: ڪو قاصد موڪليو. سوچيائون: سِرڻ سج لاهيندي، ڳِجهه ڳاري
لاهيندي، ڳيرو اڌ رات ئي کڏ ۾، ڪانءُ ڪمان کان به ڊڄي، ٻگهلو هڪ ٽنگ تي جتي بيٺو
ته ڇُٽو. تنهن ڪري ڪبوتر ۽ باز کي ڪجهه جانورن سان ٿا موڪليون. هنن سڀني ٻيلن جي چڱن
مڙسن کي ميڙاڪي جي ڪوٺ ڏني.
سوچيائون؛ آيا آهيون ته ڀرسان
واري وطن جو واءُ سواءُ به وٺجي. اُتي انساني آبادي تي هڪ ڪاغذي شينهن جي حڪومت
هئي. هن ديس ۾ باز ۽ ڪبوتر سان گڏ ٻنهي جي حفاظت لاءِ آيل ٻيا جانور داخل ٿيا. باز
رات جي وڳڙي ۾ محل مان بادشاهه جو تاج چورايو. ملڪ ۾ واويلا مچي وئي ته بادشاهه
سلامت جو تاج گُم آهي. بادشاهه چيو: منهنجو هِي قيمتي تخت به نه کڄجي وڃي، وارو ڪيو
تاج ڳولهي لهو. وٺ پڪڙ ڪئي وئي، ڪنهن چيو ڀولڙن کي ڪوٺن تان ٽپندي ۽ گهرن ۾ گهري
لُٽ مار ڪندي ۽ رات باز کي محلات مٿان لامارا ڏيندي ڏٺم. بادشاهه چيو: باز جي اها
مجال جو شاهه-باز جو وراثتي تاج چورائي! اڻ ڪوٺيل پرديسي مهمانن منجهه ڦڙڦوٽ پئجي
وئي. پکي ته اڏامي وڃي جهنگ پهتا پر جانورن کي پڪڙيو ويو. شينهن چين ته موڪلي ته
لوڌ هيم، هڪ اڌ ڇو موٽيا آهيو؟ چيائون: جانورن کي چڙيا گهر جي پِڃرن ۾ بند ڪيو ويو
آهي.
شينهن چيو: جهرڪيون ته نه هيون،
ٿُلها ٿنبرا حيوان هئا. چِٻري چيو: خبر ملي آهي ته شهري سرڪار هر ڪٽنب کي چار ٻڪريون،
ھڪ ٻڪر، نو ڪُڪڙيون، ھڪ ڪُڪڙ مفت پئي ڏي. درياءَ ۾ مڇيءَ جي ٻِج بهاني الائي ڪهڙا ڪيميڪل
پئي اُڇلائي، ڏسجو ڏنڀرن ۽ پلن سان گڏ، انڌي ٻُلهڻ، لُڌڙا، دريائي گهوڙا، شارڪ، واڳون
۽ مانگر مڇ به پيدا ٿيا ته اسان تي چڙهائي ڪندا ته پوءِ ڇا ٿيندو. رُٺل ظراف،
زيبرا، پاڏن ۽ توڏن کي پرچائڻ جا جتن ڪيائون. انهن جواب ڏنو ته، ويھ ويھ وحشي
حيوان اسان اڪيلن تي حملا ڇو ڪندا آهن؟ باز سردار شينهن کي چورايل تاج پارايو ۽
کيس ببر شير جو لقب ڏياريو ۽ ائين تاج سردار ببر شير وٽ ٻيلي ۾ ۽ قيد ڪيل جانور ڪاغذي
شينهن وٽ ماڻهن جي ميلي ۾ رهجي ويا.
سڀني ٻيلن جا جانور وقت تي ببر
شير وٽ حاضر ٿيا ۽ هن جو هٿ ورتائون. ببر شير چيو ته، هاڻي هلو ته ڦاٿل ساٿين کي ڇڏرايون.
گدڙ چڙهيو گهوڙي، لومڙ لوڏي ٻانهن، سمورا
روانا ٿيا، اُتي پهچي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيائون. نتيجي ۾ ببر شير کي به قيد ڪيو ويو.
محل جي وفد جون ڌرڻي وارن سان ڳالهين جو نتيجو نه نڪتو، نعرا لڳا ته قائد ۽ ڪارڪنن
کي آزاد ڪريو نه ته جهانگارا باجارا کان ڇانگا مانگا تائين رستا بند ڪنداسين. چيو
ويو هليا وڃون نه ته ڪافي پِڃرا اڃان خالي آهن. جانورن جهنگل ۾ اچي صلاح ڪئي ته ويڙهه
ڪجي.
گينڊي چيو: اسان وٽ نيزو به
ناهي، هنن وٽ ميزائيل آهن. بگهڙ چيو: اسان جا چنبا ۽ ڏند به هٿيار آهن. سانڊي ۽
گوريلي کي چيائون: گوڊزلا ۽ ڪنگ ڪانگ کي سڏيو. پڇيائون: ڊائيناسار ڪٿي آهي. اُٺ
چيو: آنن تي آرو پئي ڪري. سياسي چال طور اعلان ڪرايو ويو ته، جهنگل کي باهه ڏئي ساڙايو
ويندو. دونهين سان دم گهٽجڻ ۽ سڙي خاڪ ٿيڻ جي خوف کان جانور ٽڙي پکڙي وڃي پنهنجن ٻيلن
۾ لِڪا. اها ڳالهه افواهه ثابت ٿي ته وري واپس اچي منظم ٿيڻ لڳا.
انساني آبادي ۽ حيواني برادري
جي ڇڪتاڻ ڪلهه به هئي، اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به رهندي. توهان بيھي ملاکڙي جو تماشو ڏسو
ته ٻي ملهه ڪير ٿو ماري. ٻنهي ڌرين جو مقابلو جاري آهي، هر ڌر جي دعويٰ آهي ته فتح
اسان جي ٿيندي. ڏيو مُنهن!
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ سيپٽمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment