چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي. پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئئ. ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي. اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
Monday, November 25, 2019
Saturday, November 23, 2019
دھشت چڙھي ته وحشت ٿي وڃي
دھشت چڙھي ته وحشت ٿي
وڃي
عارب نالي ھڪڙو
نوجوان ڳوٺاڻو ھيو، جنهن کي هڪ ڀيري، ڪنھن شاديءَ جي موقعي تي ڳوٺ وارن ايلاز ڪري،
اسٽيج تي ڳالهائڻ ۽ مسخري وجھڻ جو موقعو ڏنو.
عارب، مسڪين ماڻهو ھيو
۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيج تي آيو ھيو. ان ڪري ڳالهايائين گهٽ پئي ۽ ڏڪيو وڌيڪ پئي.
آخر، ڏڪندي ڏڪندي،
هن پنهنجي حوصلن ۽ اوسانن کي يڪ-جاءِ ڪيو. پوءِ به سندس سڪل نڙيءَ مان فقط هڪڙو
جملو ئي اُڪليو؛ ”مان ڇا ڳالهايان! مون کي هيترا ماڻهو ڏسي وحشت چڙهي وئي آهي.“
Friday, November 22, 2019
دشمنَ-مئي خوش نه ٿجي، سڄڻ به مري ويندو آ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو
دشمنَ-مئي خوش نه ٿجي، سڄڻ به مري ويندو آ
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
هڪ ڏينهن ڪئي ڏٺو ته
هاري ۽ ھارياڻي، شھر مان ڀري آندل ٿيلهي مان ڪجھ ڪڍي رهيا هئا. سمجھيائين؛ کاڌي
پيتي جو سامان آهي. توجھ سان ڏسڻ بعد خبر پيس ته اھا ڪوڙڪي آھي. خطرو محسوس ڪندي،
گهر جي پويان رهندڙ ڪبوتر کي وڃي ٻڌايائين؛ ”گهر ۾ ڪوڙڪي اچي وئي آهي!“
ڪبوتر چٿر ڪندي
چيس؛ ”مون کي ڇا؟ مون کي ڪهڙو ان ۾ ڦاسڻو آ؟“
مايوس ڪوئو، اها ڳالھ
ڪڪڙ کي ٻڌائڻ ويو.
ڪڪڙ به مذاق اڏائيندي
کيس چوڻ لڳو؛ ”ڀائو! اهو مسئلو منهنجو ناهي.“
Thursday, November 21, 2019
مريضن جي آويءَ آياسين، دوا ٿي وياسين.
مريضن جي آويءَ آياسين، دوا ٿي وياسين.
هڪ ماري بندوق کنيو ٻنيءَ تي واھت ڪري رھيو ھيو. تنهن جي مٿس نظر
پئجي وئي. ڀري دونالي ڌوڙيو ڏنائيس، ته اچي پٽ تي پيو.
گدڙ سوچيو؛ ”جي اٿي
ڀڄندس ته وري بندوق هڻندو.“ سو ڇند ڪري، ستو رھيو.
ماري، بندوق کنيو مٿانئس اچي بيٺو. ايتري ۾ هڪڙو همراھ
آيو ۽ ماري کي چيائين؛ ”گدڙ ماريو اٿئي ڇا؟“
Saturday, November 9, 2019
تماشو تڏهن لڳندو آهي جڏهن ان کي تماشو لکبو - اطهر هاشمي
تماشو تڏهن لڳندو آهي جڏهن
ان کي تماشو لکبو
اطهر هاشمي
اڄڪلهه هر طرف هڪ
تماشو لڳل آهي، اڄڪلهه ڇا، تماشو نٿو ٿئي! هڪ شاعر پنهنجي غزل ۾ سوال به ڪيو ته
”هي تماشو ڪڏهن ختم ٿيندو؟“ تماشي کي اخبارن ۾ ”تماشو“ به لکي ڇڏيندا آهن. شايد اهڙي
طرح تماشي جي شدت يا اهميت گهٽ ڪرڻ مقصود هجي پر هي تماشو عربي مان آيو آهي ۽ عربي
۾ ”تماشو“ جو مطلب آهي گڏجي پنڌ هلڻ.
Sunday, November 3, 2019
جڏهن تڏهن سنڌڙي، تو کي قنڌارئون جوکو - نواز علي شوق
جڏهن تڏهن سنڌڙي، تو کي
قنڌارئون جوکو (تاريخي، چوڻي)
نواز علي شوق
چوڻيون ۽ پهاڪا سنڌي
زبان، ادب ۽ تاريخ جو قيمتي سرمايو آهن. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته هر چوڻيءَ جو ڪو
نه ڪو تاريخي، تهذيبي، سماجي يا لساني پس منظر نظر ايندو. ڪن چوڻين ۾ ڪي دلچسپ
تاريخي، سياسي يا سماجي واقعا لڪل هوندا آهن، جن جي ذريعي اسان قديم سياسي، سماجي
۽ تاريخي حقيقتون معلوم ڪري سگهون ٿا. اهڙي هڪ چوڻي سنڌ ۾ صدين کان مشهور آهي، سا
آهي، “جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو!”
Subscribe to:
Posts (Atom)