Friday, February 8, 2013

آزمائي کي آزمائي سو نيٺ خطا کائي - ماڪن شاهه رضوي

آزمائي کي آزمائي سو نيٺ خطا کائي
ماڪن شاهه رضوي
ٻيلي! هي جيڪو پاڻ وارو زمانو پيو هلي، ان کي ڏاها، تو پارا اڪابر چون ٿا ته؛ هي صفا نئون زمانو آهي. پل پل جي خبر گهر ويٺي پوي پئي؛ فوٽو وارو ريڊيو، چُوندين، هي ڪاڳرن جون ڇپيل اخبارون چُوندين. اڃان به ڪا فوٽو واري ريڊئي جهڙي ٻي بلا آهي؛ جيڪا ٿئي، ٿيندي جي خبر پئي ڏئي. انهن سڀني گڏجي اسان پارن جي دماغ کي ڦيري ڏئي ڇڏي آهي، رڳو چڱن مَٺن جا حال حوال ڪو نه ٿا ٻڌون. ڪي وري صفا بتال همراهه به جيڪي ڦُوڪون ڏيو ڇڏين، اُهي به بَر وقت پاڻ تائين پڄيو وڃن ۽ ڪنن تي تاڪَ چاڙهيو ڇڏين. هاڻي وري بِنهه نئين نڪور خبر ٻڌي اٿئون، ته ڪو انگريزي نالي وارو  جٿو آهي، نينگرن پئي ٻڌايو ته ’پاڪستان فارمرز الائينس،‘ اهو آهي ڇا؟ اها ته پاڻ کي ڪَل ڪانهي، پر اُنهيءَ وري ڦُوڪ ڏني، ته ’ڪاري باغ‘ جي مخالفت ۾ڳالهائڻ وارا سڀ هندستان جا مُلهه خريد آهن. اُتان انهن کي ڏوڪڙ پيا ملن ۽ وري پير ٻڌي ڪوڙ هنيائون ته سؤ مان پنجاسي پتي رڳو پاڻ وارو پنجاب ٿو ڪمائي ڏئي.

بس ابا!... چئون ڇا؟ اڳ ئي تو پارا چئي ويا ته، هڪڙو ڏاڍو اُهو، جيڪو منهن تي مڃائي، ٻيو ڏاڍو نَڪ جو پَڪو اُهو، جيڪو درياهه پراڙ بيهي بدشد ڳالهائي، پر هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڪهڙي؟ هاڻي ڀانئين ٿا ته، ڪاري باغ وارو ڳَنڍو ڏيئي، رهيل سنڌ به سُڪايون. جي ڪو سچ چوڻ وارو هجي ته، منهن  تي چئي ڇڏين، ته ابا! پهرين ته اها چِٽي ڪريو ته، جي اوهين سُکيا آهيو ته پوءِ هي سنڌ جا ٻئي بندرگاهه، سمنڊ وارا رستا به اوهين ٿا کڻو، مٿان وري منگلو، تربيلو، راولو، وارا ڳنڍا ڏَيو، پاڻي به اوهين پيو، ٻيو ڪو چشمو واهه ڪڍيَو، پهرين چيائون ته؛ ڇَنڊڻ ٿا ٺاهيون، هاڻ اهو سدائين لاءِ وهايو ويٺا. وري چون ٿا ته، پنجاب چاهي ته سنڌ جو پاڻي ڇهن مهينن تائين روڪي سگهي ٿو؟! پر هونئن سڄي ڳالهه برابر آهي ته، هو ته پاڻ واري سنڌو بادشاهه کي آڳاٽو ڳنڍو ڏيو ويٺا آهن ۽ پنهنجا همراهه به رڳو اوٻاسيون ڏيو، واويلا ڪريو، ماٺ ٿيو وڃن.
چون ٿا ته، لاهور واري ڪورٽ سڳوري به چئي ٿي ته؛ ڪاري باغ وارو تلاءَ ٺاهيو، ته هُو رائيونڊ وارو مِيون، هتي اچيو چوي ته؛ نه ڪارو باغ، ڪو نه ٺاهبو. هُتي وڃيو چوي ته؛ جيڪا مرضي ادا جي! پنهنجي يارن کي رڳو ’ڪاٺ گدرن‘ جي چوڻ تي ٺاهيل ٻٽو قاعدو ياد آهي، جو هڪڙا جلسا ڪريو دنگ ڪن ته ٻيا شروع، پر رڳو ان اُبتي قاعدي سان گڏ ’حُقائين‘ کي به جواب ڏيندا اچن ته ڪر چڱو. پاڻ ته سچي ڳالهه اها آهي ته، مُنجهي پيا آهيون. هتي ’ڪاٺ گدرن‘ جون اُڇلون. پنهنجي سهڻي سائين جي هوندي اوڀائي ملاح جي نياڻي مرهيات مورڙي جي ڀيڻ، مائي ڪلاچيءَ جي نالي تي ٻڌايل شهر ۾ ته روز پندرهن سورهن مڙس جهرڙيا پيا آهن. رستي روڊ تي نڪربو ته کيسي وارو فون، ڏوڪڙن کان ويندي ڦٽڦٽيءَ تائين به ڦُرجيو وڃي. سڄا سارا ماڻهو چورائجيو وڃن. امن پري ٿيو، رڳو غمن مان جِند ڇٽي، سو اهو ته نه اُوهارو نه سهارو، پر هي جيڪي پاڻ وارا ڌرتي ڌڻي مڙس آهن، انهن مان به ڪي ته وڃي، رائيونڊ واري راجا جي جهوليءَ ۾ ويٺا. هاڻ ڪنهن تي اعتبار ڪجي؟ هيڏانهن پاڻي هوڏانهن باهه، انڌو وڃي ڪهڙي واهه؟ سو جي هاڻ ووٽ ٿا ٿين ته پوءِ ووٽ ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي؟
هيڏانهن وري انهن پنجن ندين واري پار جو ڪو مولوي به ڪاهي پيو آهي. چون ٿا ته انهيءَ رائيونڊ واري همراهه جي اَبي اُن کي ٻچو ڪري نپايو. اتي مسيت سڳوريءَ ۾ ٻانگ ڏيندو هو. پر جڏهن پنهنجي پيرن ڀر بيهي، وڃي ولايت وسايائين ته اتان وري انهن جي پاڙ ڪڍڻ لاءِ اچي پُڳو. ڪير چئي ته ٻيلي! واه جو نيمڪ ملهايو اٿئي. پر پاڻ ۾ ڄاڻن. پاڻ ڳالهه ڪريون پنهنجي. هاڻ ته چون ٿا ته؛ ووٽن جا ڏينهن به چِٽا ڪري ڇڏيا اٿن. اجهو ٿيون موٽرون ڊوڙن. هي جيڪي اڳ پڳون ٻڌيو ويٺا آهن. اچي اهي به کُٽڪي ۾ ويا آهن. مڃين نه مڃين، پر دل ۾ پڪ چوندا هوندا ته؛ ٻيلي هيل چاڙهو چڙهڻ آهي ڏکيو. ڪهڙو منهن کڻي ماڻهن ڏي هلون؟ الائي پاڻ واري تَرَ ۾ ڪهڙا مئا، ڪهڙا بچيا، ڪهڙيون فاتحائون رهيل آهن، ڪهڙيون ڪُنيون مانيون رهيون، جن تي ڪو نه پڳاسين، پر سانڍيل ’وانٺا‘ وري به ليکو ڏيئي، اهڙو دلاسو ڏيندُن، جو پل پهر لاءِ ته خوش ٿي ويندا. ائين جيئن پاڻ واري شهر جا مير صاحب خوش ٿيندا هئا. اتي رڳو اهي ناظمي وارن ووٽن جا نياءَ به رستي جي مورين تي ويهي همراهه اڳيان پنهنجي اباڻي ٻولي ۾ چوندا هئا ته؛ ”ننهي خان! چي؛ جي ڇوٽي خان. چي؛ ڀئي بات وهي هي، جو اپن ني ڪرڪي رکي هي. پر ووٽ ديني هين مير صاحب ڪو.“ بس مير صاحب خوش. خبر تڏهن پوي، جڏهن ٻئي ڏينهن پيتيون کُلن ته ولايتي وري به سرسي ڪري ويا. سو هيل مڙيئي پنهنجا پير پڪا ڪجن ته ڪر چڱو، نه ته چڱا اڳ ئي چئي ويا آهن ته آزمائي کي آزمائي سو نيٺ خطا کائي.  

No comments:

Post a Comment