Monday, July 29, 2019

ڪٽيائون گھٽ، گھليائون گھڻو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ڪٽيائون گھٽ، گھليائون گھڻو
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي اناڙي چور کي، چوري ڪندي، ڀاڳين سڳ سوڌو سوگھو ڪري وڌو. مال ڇڏائي وڌائونس. مار ڏيڻ بدران، ڪارو منھن ڪيائونس. گڏھ تي ويھاري ڊينڍو ڪيائونس. سڄي ڳوٺ ۾ گھمايائونس. ڪٿي گڏھ گھ پئي ڪيو ته لاھي پنڌ پئي ڪرايائونس. اگر ھن گيھ پئي ڪئي ته گھليائونس پئي. شام تائين ٺاھوڪو بڇڙو ڪري، ھٿ کڻي ڪڍيائونس.
اھا جٺ سھي، جڏھن ڳوٺ پھتو ته دوستن يارن، ھڪ رات ۽ ھڪ ڏينھن، گم ھجڻ جو سبب پڇيس. تن کي ٻڌايائين؛ ”چوريءَ ۾ ڀاڳين وٽ جھلجي پيو ھيس.“

Wednesday, July 24, 2019

اٺ پکيءَ وارا بھانا


اٺ پکيءَ وارا بھانا
امر فياض ٻرڙو
Image result for ostrich is neither camel nor bird
”نالو ڇا اٿئي؟
”اٺ پکي!“
”اٺ آن؟ ته ھيءَ ٻوري کڻ؟
”مورک! پکي وزن کڻندا آھن ڇا؟
”پکي آن؟ ته اڏري ڏيکار!“
”چريا! اٺ به اڏرندا آھن ڇا؟!؟!“

مطلب؛ ۱. اٺ پکي؛ نه اٺ، نه پکي.
۲. لنوائڻ واري وٽ، سؤ عذر.

Image result for ostrich is neither camel nor bird
(امر فياض ٻرڙو جي فيسبڪ وال تان کنيل)

Thursday, May 30, 2019

ماڻھوءَ جي زندگي، عمر جي حساب سان


ماڻھوءَ جي زندگي، عمر جي حساب سان
(ضرب المثل نقل يا نظير)
شيخ محمد خان، سپروائيزر
الله سائين هڪڙا چار جيءَ پيدا ڪيا، ماڻهو، ڍڳو، ڪتو ۽ ڳجهه...
جھان ۾ ترسڻ لاءِ، مڙني کي ۴۰- ۴۰ سال عمر جا ڏنائين...
انسان ته کڻي آمنا صدقنا ڪئي، پر ٻين عرض رکيو ته؛ ”اها ۴۰ سال عمر، اسان جي چوڙڻ کان گهڻي آهي..“

سر نسريا ڪانھن اُتر لڳا آءُ پرين


سر نسريا ڪانھن اُتر لڳا آءُ پرين
ڀٽ ڌڻي
Image result for seasons of the yearموسمن جا به عجيب لقاءَ ٿين ٿا.
فطرتي طور تي، مندون بدلجن ٿيون. انھن جي مٽجڻ سان پوکن، وڻن، ٻوٽن ۽ سبزين کي ڦٽڻ واري مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو.
سيارو، اونھارو، بھار، پن ڇڻ، سرءُ ۽ چِٽَ جھڙيون تبديليون اينديون رھن ٿيون.

مڙس مري يا بچي، ملي جا پنج سؤ کرا


مڙس مري يا بچي، ملي جا پنج سؤ کرا
نامعلوم

هڪڙي مائي ملان ڏي وئي ۽ چيائينس ته؛ ”مونکي اهڙو تعويذ لکي ڏي جو مڙس کي وجھان ته مڙس مري وڃي.“
ملان چيس؛ ”اهو ڇا ٿي چوين؟“
مائيءَ چيس؛ ”مان ان مان بيزار آهيان، ڏاڍو سخت آ! مري ويندو ته سڄي دولت به منهجي ٿيندي، مان به آزاد ٿي ويندم.“
ملان کيس تعويذ ڏئي چيو؛ ”هي سمهڻ واري کٽ جي هيٺان رکي ڇڏجانءِ.“
ڪجھ ڏينهن کان پوء مائيءَ جو مڙس مري ويو.
ڏاڍي خوش ٿي.....

Wednesday, May 29, 2019

نيم حڪيم، خطرھ جان - مجيد زرداري


نيم حڪيم، خطرھ جان
مجيد زرداري
ھڪ سرائي کي حڪيم ٿيڻ جو شوق ٿي پيو. جنھنڪري ھڪ حڪيم جي شفاخاني تي وڃي حڪمت سکڻ لڳو.
ھڪ ڏينھن ڪي مالوند ماڻھو، ھڪڙي ڏاچي ڪاھي آيا. چيائون؛ ”بيمار آ! کائي پيئي به ڪا نه ٿي.“
حڪيم، ڏاچيءَ جو معائنو ڪري، پڇڻ لڳو؛ ”اوھان جي گھر جي ٻاھران گدرن جي واڙي آھي ڇا؟
چيائون؛ ”ھائو! بلڪل آھي.“
طبيب مٿئون پڇين؛ ”ڏاچي اوڏانھن چرڻ ويئي ھئي ڇا؟“
”ھا!“ وڏي ٻڏتر کان پوءِ ٻڌايائون.

Saturday, May 25, 2019

چونڊ سنڌي چوڻيون- وحيد محسن


چونڊ سنڌي چوڻيون- تبصرو
تعارف ۽ تبصرو؛ وحيد محسن
تاليف ۽ تصنيف؛ ڪيرت مھر چنداڻي
ترتيب ۽ تدوين؛ انجنيئر عبدالوھاب سھتو
”چونڊ سنڌي چوڻيون“ ڪتاب، جيڪو چوڻين ۽ پھاڪن، اصطلاحن ۽ ورجيسين تي مشتمل آهي ۽ انهن کي تشريح سان گڏ حاصل مطلب ڪڍيو ويو آهي. جنهن مان تمام گهڻي ڄاڻ ملي ٿي ۽ لوڪ ڏاھپ جي پرک پڻ ٿئي ٿي. ڪتاب جي سھيڙيندڙ ان جو انتساب پنهنجي دوست تعليم دان؛ خوبصورت نثر نويس عاشق منگي جي نانء ڪيو آهي. جنهن کي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر فيبروري ۲۰۱۷ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھو ان جو پبلشر نوٽ رياضت ٻرڙي لکيو آهي ۽ ھي ڪتاب ۱۱۲ صفحن تي ڦھليل؛ جنهن جو ملھ ۱۴۰ روپيا رکيو ويو آهي ۽ ھن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل عزيز منگي لکيو آهي.