ماڻھوءَ جي زندگي، عمر
جي حساب سان
(ضرب المثل نقل يا نظير)
شيخ محمد خان، سپروائيزر
الله
سائين هڪڙا چار جيءَ پيدا ڪيا، ماڻهو، ڍڳو، ڪتو ۽ ڳجهه...
جھان ۾
ترسڻ لاءِ، مڙني کي ۴۰- ۴۰ سال عمر جا ڏنائين...
انسان ته
کڻي آمنا صدقنا ڪئي، پر ٻين عرض رکيو ته؛ ”اها ۴۰ سال عمر، اسان جي چوڙڻ کان گهڻي آهي..“
ڍڳي
چيو ته؛ ”هي انسان، ۴۰ سال
پيو مون کي ڳاهيندو. ان لاءِ مون کي ۲۰ سال ڏني
وڃي...“
کانئس
پڇيو ويو؛ ”پوءِ باقي، تنھنجي حصي جا ۲۰ سال ڪنهن
کي ڏجن؟“
ڍڳي عرض
ڪيو؛ ”اهي انسان کي ڏنا وڃن...“
انسان
کان پڇيو ويو. انسان حڪم اکين تي رکيو.
اتي ڪتي
به دانهن ڪئي؛ ”پوءِ مون ڪهڙو ڏوھ ڪيو؟ منهنجا به انسان کي ڏنا وڃن...“
اتي ڳجهه
به اهڙو ئي عرض رکيو ۽ انسان آمنا صدقنا ڪندو رهيو...
هاڻي
انسان کي، دنيا اندر چوڙڻ لاءِ حد عمر ۱۰۰ سال ٿي وئي. جڏھن ته ڍڳي، ڪتي ۽ ڳجهه جي ۲۰- ۲۰ سال ٿي وئي...
انسان ۴۰ سالن تائين ته نارمل عمر گذاري ٿو. جو اھا سندس پنھنجي عمر آھي.
ان بعد
۶۰ تائين کيس ڍڳي واري عمر گذارڻي
پوي ٿي... يعني ذهني/ دماغي طور تي ڍڳو ٿي پيو هلندو آهي...
جڏهن ۶۰ کان چڙهندو آهي ته پوءِ ڪتي واري عمر گذاريندو آهي. يعني گھر ۾ پيو ڀتين
سان به وڙهندو ۽ گار گند پيو ڪندو. مطلب ته ڳياڙي پئي لڳندس...
آخر ۾ ۸۰ کان پوءِ، ڳجهه وانگر پئي ڳچي لڳندس...
مطلب: ۱
. انسان جي جهڙوڪر فطرت، مٿي ڄاڻايل عمر تحت بڻائي وئي آھي.
۲ . جيڪو
ڄاڻايل عمر ۾ پاڻ تي ضابطو رکندي ڀلا ڪم ڪندو، اهو ئي بهتر انسان رهندو...
(ڊاڪٽر
الطاف جوکيو جي فيسبڪ وال تان ٿورن سان کنيل)
No comments:
Post a Comment