ڪٽيائون گھٽ، گھليائون
گھڻو
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي اناڙي چور کي، چوري ڪندي، ڀاڳين سڳ سوڌو سوگھو ڪري وڌو. مال ڇڏائي
وڌائونس. مار ڏيڻ بدران، ڪارو منھن ڪيائونس. گڏھ تي ويھاري ڊينڍو ڪيائونس. سڄي ڳوٺ
۾ گھمايائونس. ڪٿي گڏھ گھ پئي ڪيو ته لاھي پنڌ پئي ڪرايائونس. اگر ھن گيھ پئي ڪئي
ته گھليائونس پئي. شام تائين ٺاھوڪو بڇڙو ڪري، ھٿ کڻي ڪڍيائونس.
اھا جٺ سھي، جڏھن ڳوٺ پھتو ته دوستن يارن، ھڪ رات ۽ ھڪ ڏينھن، گم ھجڻ جو
سبب پڇيس. تن کي ٻڌايائين؛ ”چوريءَ ۾ ڀاڳين وٽ جھلجي پيو ھيس.“
”پوءِ
ته ڏاڍي ڦيھ ڪڍي ھوندائون ۽ ٿاڻا گھمرايا ھوندائون.“ دوستن پڇيس.
”نه!
ٿاڻو ته ويجھر ۾ ھيو ڪو نه! باقي،“ چور ٿيل جٺ بابت ٻڌائيندي چين؛ ”ڪٽيائون گھٽ،
گھليائون گھڻو.“
مطلب؛ ۱. پڪڙيل چور کي، ٿڪ بجي سان بڇڙو ڪجي.
۲. گدري جي چور کي ٻه لپاٽون ھڻجن.
۳. ھلڪي چور کي، ھلڪي سزا ڏئي، چوريءَ تان دل کڻائي ڇڏجي.
۴. ڪٽڻ گھٽ، گھلڻ گھڻو. (ورجيس)
No comments:
Post a Comment