نيم حڪيم، خطرھ جان
مجيد زرداري
ھڪ ڏينھن ڪي مالوند
ماڻھو، ھڪڙي ڏاچي ڪاھي آيا. چيائون؛ ”بيمار آ! کائي پيئي به ڪا نه ٿي.“
حڪيم، ڏاچيءَ جو
معائنو ڪري، پڇڻ لڳو؛ ”اوھان جي گھر جي ٻاھران گدرن جي واڙي آھي ڇا؟“
چيائون؛ ”ھائو! بلڪل
آھي.“
طبيب مٿئون پڇين؛ ”ڏاچي
اوڏانھن چرڻ ويئي ھئي ڇا؟“
”ھا!“ وڏي ٻڏتر کان
پوءِ ٻڌايائون.
ان جواب تي، حڪيم
صاحب، ڏاچي جي ڳچي تي ھٿ ڦيري، ھڪ جاءِ تي ڳوڙھو محسوس ڪندي، ٻنھي ھٿن سان زوردار
مڪ ھنئي. ڏاچيءَ کيکروٽ ڪري اوڳر ورايو.
”ڏاچي گدرن جي واڙيءَ
۾ ريڀڙيون کائيندي، ھڪڙي سڄي ڳھي ويئي ھئي. جيڪا مڪ سان ڀڃي ڇڏي اٿم.“ حڪيم صاحب
کين بيماريءَ جي سبب ۽ پنھنجي ڪيل علاج کان آگاھي ڏيندي چيو؛ ”ھاڻي گاھ ڏيوس.“
ڏاچيءَ کي گاھ ڏنائون،
ته بک کان کائڻ لڳي.
اھو لقاءُ ڏسي،
ڏاچيءَ جا ڌڻي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ حڪيم کي مٺائي ڏئي، پنھنجي ڏاچي ڪاھي ويا.
ھڪ ڏينھن حڪيم مطب ۾
ڪو نه آيو. سرائي اڪيلو ويٺو ھيو. ڪي ماڻھو ھڪ عورت مريض کي وٺي آيا ۽ حڪيم جو پڇڻ
لڳا. سرائيءَ کين چيو؛ ”حڪيم مين آپ آن! مائي ڪون ڪيا ٿيا اي؟“
مريض جا عزيز چوڻ لڳا؛
”بيمار آ! ڪجھ ڏينھن کان کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو اٿس.“
سرائي، پنھنجي تجربي
۽ عقل آڌار پڇڻ لڳن؛ ”ڀلا تساڏي گھر دي ڀرنال گدريان دي واڙي ھي؟“
جواب ڏنائونس؛ ”ھا.“
”ڀلا اي اٿان ويندي
ھئي؟ سرائيءَ، عورت مريضه ڏي اشارو ڪندي، کانئن پڇيو.
چيائونس؛ ”ھا!“
سرائي، ٻنھي سوالن
جي جواب کان پوءِ ان نتيجي تي پھچي ويو، جيڪو حڪيم صاحب، ڏاچيءَ جي بيماريءَ ويل
ڪڍيو ھيو. ان ڪري عقل جي ڊوڙ ڪندي، دير ئي نه ڪيائين. ڪراڙيءَ جي ڳچيءَ تي ھٿ
ڦيري، تاڙي، ھڪ ھنڌ ٺڪاءُ مڪ ڪرايائينس.
مريض، اڳيئي ڪراڙي،
ويتر مرضن جي نھوڙيل، مٿئون جو ڪنڌ واري مڪ لڳس ته پيالا ڪري ويئي.
”اھن دي نڙي وچ، ريڀڙي
ڦاس پي ھئي. اھا ته مين ڀن ڇوڙي. مرض دي ته پاڙ پٽيج ڳئي.“ سرائي کين بيماريءَ جي
رفع جي دلداري ۽ موت جي آگاھي ڏيندي چوڻ لڳو؛ ”باقي حياتي ته ميڏي ھٿ ۾ ڪونھي.
ڏينھن پوري ھيس. جتلا کاوڻا ھيس کاڌس. ھڻ ڌرتي دي امانت ھي، اٿان پڄائوس.“
(مجيد زرداري جي
فيسبڪ وال تان ٿورن سان کنيل)
Great
ReplyDeleteI think more writers should take care to write with passion like you. Even informational articles like this can have personality. That’s what you have interjected in this informative article. Your views are very unique. Sindhi News
ReplyDelete