Friday, July 21, 2017

هاٿيءَ وارا ڏند- مير اعظم علي ٽالپر

هاٿيءَ وارا ڏند
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا جي ٻين ملڪن جي خبر نه آهي، پر اسان ۽ اسان جي معاشري ۾ ڪي ڳالهيون اسان جي سماج جو حصو بڻجي ويون آهن، جيئن ’ڏند‘- ڏندن جي ڪري هيڏو سارو ’هاٿي‘ بدنام آهي، انهي هاٿي جي قد بت سبب ڪيترن ئي ’انسانن‘ کي جيڪي حقيقت ۾ ’انسان‘ ۽ ’انسانيت‘ وارا هوندا آهن يا نه پر ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جي شڪل وارا ضرور هوندا آهن، ان لاءِ به اهو چيو ويندو آهي. ڏسو ته سهي ”مڙس هاٿي لڳو پيو آهي.“ هاڻي اها خبر نه آهي ته هاٿي پنهنجن ٻن ڏندن سبب پهرين ڪيئن ۽ ڪٿي بدنام ٿيو ۽ ان مٿان اهو بدنامي جو ڪنڀار وارو ’ٺڪر‘ ڪنهن ڀڳو؟ حالانڪه ڏندن لاءِ جيجي زرينه بلوچ ڳايو آهي ته، ”ڏند ته موتي هيرا لال جواهر“ پر اهي ڪي ٻيا ڏند هوندا. اهڙي ريت بيمار ۽ اگهو ’شينهن‘ ڀلي ڪجهه به ڪري سگهي، فقط جهنگ ۾ سُتي، سُتي گجگوڙ ڪندو ته به ستن ڪوهن تي سندس اها گجگوڙ ٻڌي چئبو ته هائو ٻيلي جهنگ ۾ اڃا به ’شير‘ عرف شينهن موجود آهي. ان وانگر ويچارو اُٺ هلڻ ۾ هلاڪ جُهور هوندي به اهو چئبو آهي ته پُوڙهو اٺ وري ٻه ڪنواٺ لهي. بهرحال هر ڳالهه، هر ڪم ۽ هر فيصلي ۾ هاٿي وارا ’ڏند‘ ضرور ڪم اچن ٿا، جيڪي ’اصل‘ ۽ ’نقل‘ سان گڏوگڏ رک رکڻائي به ڪن ٿا. ان وانگر سُتل شير ۽ شينهن جي ٺلهي رڙ به ڊيڄارڻ جو ڪم ڏئي ٿي ۽ اٺ رڙي يا نه رڙي پوءِ به سائين منهنجا ’ريگستان جو جهاز‘ آهي.

Sunday, July 16, 2017

حساب برابر ٿيو


حساب برابر ٿيو
هڪ بادشاهي محفل ۾ ڪنهن ڳائڻي ڳائڻ شروع ڪيو.
بادشاهه خوش ٿي هزار روپين جي انعام جو اعلان ڪيو.
وري ڳائڻي دل سان ڳائڻ شروع ڪيو.
بادشاهه، ان تي وري هيرن جواهرن جي پيٽي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
ڳائڻي اڃا ويهن آڱرين جو زور لڳائي ڳايو.

Tuesday, July 11, 2017

غيرن کي پيرين پئبو ئي پيرن ڪڍڻ لاءِ آ.

غيرن کي پيرين پئبو ئي پيرن ڪڍڻ لاءِ آ. (چوڻي)
ھڪڙي ڀت، سرن، گاري ۽ گچ سان ڏاڍي مضبوط اڏيل ھئي. رازي به دل سان ٺاھيو ھيس. شاھل ۾ پڻ ٽُڪ سڌي ھئي. ان سڌائيءَ جي ڪري قداور ۽ شاندار پئي لڳي.
ڀر وارو رستو ٿورو ھيٺ ڀرو ھيو. ھڪ ڏينھن برساتي پاڻي، ڍوري ڪري، اچي ڀت جي پاڙ ۾ بيٺو. ڀت جي پاڙ کي آلاڻ محسوس ٿي ته کانئس پڇيائين؛ ”ھي ڇا ٿو ڪرين؟

Saturday, July 8, 2017

اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جي روايت - حسنين جمال/ انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جي روايت
حسنين جمال
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
۱
اسان جو عام ماڻھو، جيترو ڪتي-شناسيءَ جي معاملي ۾ جڏو ثابت ٿيو آھي ۽ ڪتي يا ڪتي جي ذات پرکڻ ۾ جيترو وقت وڃائي ٿو، ان کان مايوس ٿي مون اردو ادب منجھ ڪتا-شناسيءَ جي روايت تي تحقيق لاءِ، اونداھي کوھ اندر ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ڄڻ ڏول لاٿو آھي. بس ارادو ڪرڻ جي دير ھئي، اردوءَ جي اعلى ادب منجھان ڪتن جي باري ۾ حوالا ۽ اقتباس ائين ڊوڙندا سامھون اچي بيٺا جو مون کان بي ساخته نڪري ويو؛
المدد شوق کہ بس آ پہنچے
سامنے کوچہ رسوائی ہے
اٺاويھين سيپٽمبر، سڄي دنيا ۾ ڪتا-مار مھم جي طور عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي. رات جو يارن دوستن سان ڪچھري ھلي پئي ته اسان جي ھڪڙي مھربان دوست تمام گھڻا شعر، ڪتن جي صفت بابت ٻڌايا ۽ محفل ڄڻ لٽي ويو. انھيءَ عالم ۾ ڏنل ٽٻيءَ  منجھان اڃا نڪتو نه ھيس جو مون کي دل ۾ آيو ته ھاڻي ان امر جو به جائزو ورتو وڃي ته اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جا امڪان ڪيتري حد تائين آھن. ائين ته سڄي دنيا جي ادب منجھ ڪتن تي تمام گھڻو ادب تخليق ڪيو ويو آھي. ليڪن اردوءَ جي چند مکڙين تي قناعت ڪرڻ جو مقصد، اسان جي ڪالم جي ننڍي جھولي ھئڻ سبب سمجھندا. ٻيو ته ٿورو لکيو، گھڻو سمجھندا.

Thursday, July 6, 2017

چڱائي به اصيل سان ڪجي.

چڱائي به اصيل سان ڪجي.


هڪ ڏينهن ھڪڙو باز، زخمي حالت ۾، جھنگ ۾ تڙپيو پئي. کيس هڪ هرڻيءَ زخمي حالت ۾ تڙپندي ڏٺو ته کڻي اچي هڪ وڻ پويان شڪارين کان لڪايائينس. سندس ٽھل ٽڪور ۽ چيٺ ڪيائين ته اڏامڻ جھڙو ٿي پيو. اڏامندي، هرڻيءَ کان پڇيائين؛ ”ٻڌاءِ! مان تنهنجو اهو احسان ڪيئن لاھي سگھندس؟!“
”منھنجو اھو احسان ائين لاھي سگھندين،“ هرڻيءَ چيس؛ ”مصيبت پئي جي، مدد ڪر!“
هڪ ڏينهن باز اڏامندي هڪ ڪئي کي ٿڌي پاڻيءَ واري جهاڙيءَ اندر ڦاٿل ڏٺو. کيس مصيبت پيو سمجھي، اتان ڪڍيائين.

Sunday, July 2, 2017

پهاڪن جي پيڙهه اکوڙڻ بابت چند رايا - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

پهاڪن جي پيڙهه اکوڙڻ بابت چند رايا

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

اوهان ڪيترا پهاڪا ٻڌا هوندا ۽ انهن جو مطلب به سمجهندا هوندا. جن پهاڪن جو ذڪر هن مضمون ۾ ڪرڻو آهي سي تمام ناميارا ۽ گڏوگڏ بدنام آهن. معنيٰ به سولي اٿن پر هنن جي سچائيءَ ۾ مون کي شڪ پئجي ويو آهي. اُن جو هڪڙو سبب پهاڪن جي جهونائي به آهي. ڪٿي ڪٿي ته ڪم ئي نٿا اچن. هن هيٺ اهڙن غلط پهاڪن مان سورهن پهاڪا چونڊي انهن جو بنياد پٽڻ لاءِ ڪجهه عرض ڪريان ٿو.

Tuesday, June 27, 2017

اها ئي زبان کٽ تي ويهاري، اھا ئي زبان پَٽ تي ويھاري

اها ئي زبان کٽ تي ويهاري، اھا ئي زبان پَٽ تي ويھاري

حضرت بهلول رح پنهنجي دور جو مشهور داناءُ ۽ الله-لوڪ-ماڻهو هيو.
هڪ ڏينهن صحرا اندر، پنهنجي مستيءَ ۽ موج ۾ ويٺو ھيو جو سندس شهر جو هڪ تاجر اتان اچي گذريو. تاجر جي دل ۾ بهلول لاءِ وڏي عزت هئي. گهوڙي تان ويٺي ويٺي، کانئس مشورو وٺڻ لاءِ پڇيائين؛ ”اي داناءَ! مان تجارت جي لاءِ وڃان پيو. مشورو ڏي ته ھن دفعي ڇا جو واپار ڪريان، جنهن مان مون کي گھڻو منافعو ملي.“
”ھن دفعي،“ بهلول، کيس مشورو ڏيندي چيو؛ ”ڪاري ڪپڙي جو واپار ڪر..“