هاٿيءَ وارا ڏند
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا
جي ٻين ملڪن جي خبر نه آهي، پر اسان ۽ اسان جي معاشري ۾ ڪي ڳالهيون اسان جي سماج
جو حصو بڻجي ويون آهن، جيئن ’ڏند‘- ڏندن جي ڪري هيڏو سارو ’هاٿي‘ بدنام آهي، انهي هاٿي
جي قد بت سبب ڪيترن ئي ’انسانن‘ کي جيڪي حقيقت ۾ ’انسان‘ ۽ ’انسانيت‘ وارا هوندا
آهن يا نه پر ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جي شڪل وارا ضرور هوندا آهن، ان لاءِ به اهو چيو
ويندو آهي. ڏسو ته سهي ”مڙس هاٿي لڳو پيو آهي.“
هاڻي اها خبر نه آهي ته هاٿي پنهنجن ٻن ڏندن سبب پهرين ڪيئن ۽ ڪٿي بدنام ٿيو ۽ ان
مٿان اهو بدنامي جو ڪنڀار وارو ’ٺڪر‘ ڪنهن ڀڳو؟
حالانڪه ڏندن لاءِ جيجي زرينه بلوچ ڳايو آهي ته، ”ڏند ته موتي هيرا لال جواهر“ پر
اهي ڪي ٻيا ڏند هوندا. اهڙي ريت بيمار ۽ اگهو ’شينهن‘ ڀلي ڪجهه به ڪري سگهي، فقط
جهنگ ۾ سُتي، سُتي گجگوڙ ڪندو ته به ستن ڪوهن تي سندس اها گجگوڙ ٻڌي چئبو ته هائو ٻيلي
جهنگ ۾ اڃا به ’شير‘ عرف شينهن موجود آهي. ان وانگر ويچارو اُٺ هلڻ ۾ هلاڪ جُهور
هوندي به اهو چئبو آهي ته پُوڙهو اٺ وري ٻه ڪنواٺ لهي.
بهرحال هر ڳالهه، هر ڪم ۽ هر فيصلي ۾ هاٿي وارا ’ڏند‘ ضرور ڪم اچن ٿا، جيڪي ’اصل‘
۽ ’نقل‘ سان گڏوگڏ رک رکڻائي به ڪن ٿا. ان وانگر سُتل
شير ۽ شينهن جي ٺلهي رڙ به ڊيڄارڻ جو ڪم ڏئي ٿي ۽ اٺ رڙي يا نه رڙي پوءِ به
سائين منهنجا ’ريگستان جو جهاز‘ آهي.





