Sunday, June 19, 2016

ٿر جي سڪار ۽ ڏڪار بابت پهاڪا ۽ چوڻيون - مشڪور ڦلڪارو

ٿر جي سڪار ۽ ڏڪار بابت پهاڪا ۽ چوڻيون
مشڪور ڦلڪارو
انسان جي فطرت آهي ته هو مشاهدي جي دوران اگر ڪو اهڙو مشاهدو ڪري ٿو، جنهن جو عڪس هن جي دماغ تي چٽجيو وڃي، ته پوءِ هو اڪيلائيءَ ۾ انهيءَ ڳالهه تي ويهي پهه پچائيندو ۽ سوچيندو آهي. ڇاڪاڻ ته انساني دماغ  پنهنجي سوچڻ جو عمل ڪنهن به حالت ۾ بند نه ڪندو آهي. انسان جو دماغ جڏهن سوچڻ بند ڪندو آهي ته ان جو موت واقع ٿي ويندو آهي. ننڊ ۽ موت ۾ فرق صرف اهو آهي ته، ننڊ ۾ انسان جو دماغ سوچيندو آهي ۽ موت اچڻ بعد دماغ سوچڻ بند ڪندو آهي. ماڻهو جڏهن پهه پچائيندي، ڪنهن نتيجي تي پهچندو آهي ته پنهنجي پر ۾ مطمئن ٿيڻ بعد هو اها ڳالهه زبان تي آڻي ٻين کي ٻڌائيندو آهي. ائين ڳالهه وڌندي پهه کان پهاڪي ۾ تبديل ٿيندي آهي. ائين ئي پهاڪي جي وصف وڃي ائين بيهندي ته، پهاڪو اهڙي جملي کي سڏيو ويندو آهي؛ جيڪو ڪنهن واقعي يا حالت کان متاثر ٿي چيو وڃي. پوءِ اهڙي حالت جي بار بار اچڻ تي اهو جملو دهرايو وڃي. ائين هلندي هلندي اهو هر ماڻهوءَ جي زبان تي اچي وڃي.

Saturday, April 30, 2016

شهري ڪهاڻيون - منظور ڪوھيار

شهري ڪهاڻيون

منظور ڪوھيار

ڪراچي
اونڌاين جو شهر ۽ چمڙن جو راڄ

حيدرآباد
هڪ حصو آباد
۽ ٻيو برباد

سکر
هڪ فريب، ٻيو مڪر
هيٺان درياه. مٿي ٽڪر

Saturday, April 9, 2016

ڪھاوتون - علامه نياز فتحپوري/ انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪھاوتون
علامه نياز فتحپوري
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
دنيا منجھ، ڪا به اھڙي ٻولي ناھي، جنھن ۾ ڪھاوتون يا چوڻيون نه ھجن ۽ ان ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ، اھي استعمال نه ڪندا ھجن. جڏھن ته نه رڳو ڳاڻيٽي جي حساب سان بلڪ نوعيت جي لحاظ کان به ايترو ته ججھي انداز ۾ ملن ٿيون جو انساني زندگيءَ جو ڪو اھڙو پاسو نه ٿو رھي جنھن تي حاوي نه ھجن. عورتن جون چوڻيون، ٻارن لاءِ پھاڪا، ڪمين ڪاسبين بابت ضرب الامثال. اھڙيءَ طرح امير ۽ فقير، جاھل ۽ عالم، شاھ ۽ گدا، ڏاھو ۽ بيوقوف، مڙني طبقن جون ڪھاوتون اسان کي ادب ۾ ملن ٿيون. حيرت ان ڳالھ تي وٺيو ٿي وڃي ته ايڏو وڏو ذخيرو ڪيئن وسريل رھيو آھي. ھاڻي اسان ان کي، ادب جي ڪھڙي صنف ۾ جاءِ ڏيون.

Tuesday, March 29, 2016

پھاڪا پراڻا، ارٿ نوان - پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي

پھاڪا پراڻا، ارٿ نوان
سنڌي ٻوليءَ جي شاھوڪاري
پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي


پھاڪا ۽ محاورا، ڪنھن به ٻوليءَ جا، ڳھڻا ھوندا آھن. جيئن زيور يا ڳھڻا عورت جي سونھن ۽ شخصيت کي وڌيل نکاريندا ۽ سنواريندا آھن، تيئن بيان ۽ اظھار ۾، جيڪڏھن انھن جو صحيح ۽ پورو اُپيوگه ڪجي تهپھاڪا به وڌيڪ اثر ۽ رس پيدا ڪن ٿا.
سنڌيءَ سميت ھر ھڪ شاھوڪار ڀاشا ۾ انھن پھاڪن ۽ چوڻين جو وڏو خزانو سانڍيل آھي. صدين کان اھي پھاڪا ۽ اصطلاح ٻوليءَ ۾، پاڻ مرادو، انام مگر ڏاھن ماڻھن جي آزمودي مان اھي املھ ماڻڪ ايندا رھيا آھن. اسان جي سنڌي زبان ۾ اھڙن پھاڪن جو اڻ ميو خزانو آھي. اندازي موجب سڀ کان پھرين ۱۸۹۲ع ۾ روچيرام گجومل گڏ ڪري ٻن ڀاڱن ۾ ”سنڌي پھاڪا“ ڪتاب پڌرو ڪيو. ٻنھي ڀاڱن ۾ اٽڪل اٺ سؤ کن پھاڪا معنى سان ڏنل آھن. ديوان ڪيولرام سلامتراءِ جو سنگرھ ”گل شڪر“ ۱۹۰۵ع ۾ شايع ٿيو ته ڀيرومل جو ڪتاب ”گل قند“ وري ۱۹۲۸ع ۾ محاورن جو آھي. ساڳيءَ طرح سنڌي زبان جي آفتاب مرزا قليچ بيگ ”پھاڪن جي حڪمت“ ۱۹۲۵ع ۾، اٺ سؤ کن پھاڪا سھيڙيا آھن. ھيءُ ڪجھ چونڊ ڪتاب آھن. ائين ته ٻين به گھڻن اڀياسين ۽ ماھرن پھاڪن جا ڪتاب شايع ڪرايا آھن. خاص طور ھتي ڀارت ۾ سترامداس ’سائل‘ ۽ ليکراج عزيز جا سنگرھ به اھم آھن. پر ھتي مقصد منھنجو پھاڪن ۾ سمايل حڪمت (سياڻپ) جو جوھر پڌرو ڪرڻ کان سواءِ ڪونھي. اڄ ھزارين سال جھوني سنڌي ٻوليءَ جي انھن پھاڪن جي معنى ۽ اھميت تي ٿوري روشني وجھڻ سان گڏ، اڄ زماني جي تبديل سان انھن جي ارٿ ۾ آيل نواڻ ۽ بدلاءُ يا ماڳھين مختلف ارٿ کان، ٻوليءَ جي چاھڪن کي واقف ڪرڻ جو آھي. ظاھر آھي ٻولي، ان جا لفظ، فقرا خود سماج مان پاڻ مرادو جنم وٺندا آھن. سپجندا آھن ته وقت جي رفتار سان سماج جي سوچ ۾ تبديل، سمجھ جي وڪاس سان گڏ انھن ۾ به بدلاءُ اٽوٽ آھي.

Saturday, March 12, 2016

Wednesday, February 24, 2016

چپٽين جو پورهيو ڇڏي، رڪ سان راند نه ڪجي - منظور ڪوھيار

چپٽين جو پورهيو ڇڏي، رڪ سان راند نه ڪجي
منظور ڪوھيار
هڪڙو هو حجم. سو لاباري جي مند ۾ پنهنجي آهتين ڏانهن سنبريو، ته جيئن سندن وار سنوار به ڪري اچي ۽ ڪجھ ان، ڌن ۽ سيڌو سامان به وٺي اچي. زال کي چيائين ته ٻن هفتن کانپوءِ موٽندس. سو جيڪو چوندينءَ ته تنهنجي لاءِ اهو به وٺيو ايندس، جو هيل ملڪ ۾ فصل به ڀلو لٿو آهي.

Thursday, February 4, 2016

سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ


سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي!

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

هيءُ هڪ مشهور پهاڪو آهي ته ”سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي“ معنيٰ ته چڱي صحبت ۾ فائدو ۽ بريءَ صحبت مان نقصان حاصل ٿئي ٿو.