پنهنجي گهر اڳيان گِهٽي صاف رکڻ سان،
سڄو شهر پاڻمرادو صاف ٿي ويندو. (جپاني، چَوڻِي)
انجنيئر عبدالوھاب
سھتو
صفائي، نصف ايمان
آھي. صحت جو مکيه ۽ بنيادي محرڪ يا اصول آھي. ان جي برعڪس، گندگي، بيماريءَ جو محرڪ،
آماجگاھ ۽ مسڪن آھي. ھڪ ھنڌ صاف سٿرو ۽ ڪارائتو تڏھن ٿيندو، جڏھن ان جي آس پاس صاف
سٿري ھوندي. اگر گھر صاف ڪبو ۽ گھٽي گندي ڇڏبي ته گھٽيءَ جي گندگي آھستي آھستي صاف
سٿري گھر تي به اثر انداز ٿي ويندي. ڀلي سمورا پاڙن وارا، پنھنجا گھر صاف ڪن ۽
گليون اڻ صاف ٿيل ڇڏي ڏين ته به محنت جو ڪو نتيجو نه نڪرندو.