چند ڪشميري چوڻيون
مير عبدالعزيز
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڪشمير،
پھاڪن ۽ چوڻين جو ملڪ آھي. ھن زبان ۾، بيشمار پھاڪا ۽ چوڻيون ملن ٿا. اڻ پڙھيل کان
وٺي پڙھيل ماڻھوءَ تائين به، پنھنجي ڏھاڙيءَ جي ڳالھ ٻولھ ۾، پھاڪو يا ورجيس ضرور
استعمال ڪندو، سا به وقتائتي. فارسي زبان جون ڪھاوتون ۽ شعر نما ڪھاوتون پڻ، اڪثر
استعمال ٿيندا آھن. چند معائني خاطر ڏسو.
