ڇڊي پوک، ٿُلها سنگ، گهاٽي
پوک، سنها سنگ.
(زرعي، چوڻي)
مٺل جسڪاڻي
وونئڻن سميت ھر فصل ۾ في ايڪڙ ٻوٽن
جو تعداد وڏي اھميت رکي ٿو. ان ڪري ھر فصل لاءِ ڌار ڌار، ٻوٽي کان ٻوٽي ۽ قطار کان
قطار جو مفاصلو، انيڪ تجربن جي نتيجن جي روشني ۾ طئي ڪري ٻڌايو ويندو آھي.
ھڪ ايڪڙ ۾، جيترا به واڌارو، يعني وڌيڪ ٻوٽا ھوندا، اوترو ئي ٻوٽن کي ھوا، پاڻي، خوراڪي جزا ونڊجي، ورڇجي، ٿوري مقدار ۾ ملندا، ته ٻوٽا ڪمزور به ٿيندا ۽ انھن ۾ نقصانڪار جيتن ۽ جراثيمن جي پرورش ۽ پالنا به گهڻي ٿيندي. نتيجي طور، جيتن ۽ بيمارين کان بچڻ تي، في ايڪڙ خرچ ۽ محنت ته وڌندي. جڏھن ته في ايڪڙ مجموعي پيداوار به گهٽ لھندي.
