ننڍڙي مري نه ماءُ، ٻڍڙي
مري نه جوءِ،
ڪنت چڙيلي نا مري، مت جھڻڪ
وھيڻي ھوءِ.
(اڻٽر سچائي، چوڻي)
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
ڏکين لفظن جي
معنيٰ. ڪنت؛ نوجوان مڙس. چڙيلي؛ نوجوان عورت. مت؛ متان. جھڻڪ؛ طعنو، مھڻو. وھيڻي؛ ڀاڙيندڙ
پھرين سٽ ۾ ٻن
عورتن جو بيان آھي. ھڪڙي ماءُ، جيڪا پنھنجي ابھم / ننڍڙي ٻچڙي/ ٻارڙي جي سنڀال ڪندي
آھي. جڏھن اھو ٻارڙو ڄائو ته اھا عورت مري وئي. ھاڻي ٻار تي ڇا وھندو واپرندو، ان صدمي
جو اندازو، ان يتيم ٻار کي ياعمر ذھن تي طاري ھوندو. ڇو جو اھا عمر اھڙي آھي جو ان
عمر ۾ ان عورت جي مدد جي کيس سخت ضرورت ھئي. ان صدمي جي، خبر ان ماڻھوءَ کان وٺڻ
گھرجي، جنھن جي ماءُ، کيس ڄڻي، گذاري وئي ھئي.
