Showing posts with label لِک نصير جي کَنڌي، ڏيتي ليتي، پھاڪو، علي محمد لغاري،. Show all posts
Showing posts with label لِک نصير جي کَنڌي، ڏيتي ليتي، پھاڪو، علي محمد لغاري،. Show all posts

Thursday, July 14, 2022

لِک نصير جي کَنڌي - علي محمد لغاري

لِک نصير جي کَنڌي.

(ڏيتي ليتي جو پھاڪو)

علي محمد لغاري



چون ٿا نصير نالي ڪو ھمراھ ھو. جيڪو ڳوٺ مان دڪاندارن کان اوڌر تي سامان کڻي ويندو ھو. پاڙي ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺ جي واسطيدارن ۽ واقفڪارن کان روڪڙا پئسا اوڌر وٺي يا اوڌر تي چوپايو مال وٺي، وڪڻي کائي ويندو ھو ۽ پوءِ انھن کي واپس ڪو نه ڏيندو ھو. تڏھن ڪجھ حياءُ ۽ لحاظ به ھو. ان ڪري اڄ وانگر ماڻھو لھڻو وٺڻ لاءِ ان سان وڙھي به نه سگهندا ھئا. ان ڪري ماڻھن جا پئسا کائي ويندو ھو. پوءِ مٿس پھاڪو ٺھيو ته؛ ”لک نصير جي کنڌي.“