لِک نصير جي کَنڌي.
(ڏيتي ليتي جو پھاڪو)
علي محمد لغاري
چون ٿا نصير نالي ڪو
ھمراھ ھو. جيڪو ڳوٺ مان دڪاندارن کان اوڌر تي سامان کڻي ويندو ھو. پاڙي ۽ ڀر پاسي
جي ڳوٺ جي واسطيدارن ۽ واقفڪارن کان روڪڙا پئسا اوڌر وٺي يا اوڌر تي چوپايو مال وٺي،
وڪڻي کائي ويندو ھو ۽ پوءِ انھن کي واپس ڪو نه ڏيندو ھو. تڏھن ڪجھ حياءُ ۽ لحاظ به
ھو. ان ڪري اڄ وانگر ماڻھو لھڻو وٺڻ لاءِ ان سان وڙھي به نه سگهندا ھئا. ان ڪري ماڻھن
جا پئسا کائي ويندو ھو. پوءِ مٿس پھاڪو ٺھيو ته؛ ”لک نصير جي کنڌي.“
اڄ به ڪو ڪپتيو ڪنھن
سان ٺڳي ڪري پئسا کايو وڃي يا اوڌر تي پئسا يا چوپايو مال وٺي ويو ته ماڻھو طنز ڪري
چوندا؛ ”لک نصير جي کنڌي.“ [1]
مطلب؛ ۱. مري
پنھنجي موت، لک نورشاھ جي کنڌي.
۲. چھڙن جي دعائن
سان، مينھون ڪو نه ٿيون مرن. مرندي ھر ڪا پنھنجي مرڻيءَ پر لکبي فائدي وٺڻ وارن جي
کنڌي.
No comments:
Post a Comment