سنڌي لوڪ چوڻيون
نارائڻ ڀارتي
لوڪ ساهتيه جا مکيه ٽي انگ آهن. (1) لوڪ گيت (2) لوڪ ڪٿائون ۽ (3) لوڪ چوڻيون. عام طرح هر هنڌ، هر ڳوٺ ۾، هر پرانت يا هر ديش ۾ اتي جا رهاڪو ڳالهائيندي ڪي نقطا به چوندا آهن. انهن کي اسان چوڻيون ڪوٺيندا آهيون ۽ پهاڪا به اهڙي قسم جا آهن. ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ اهي چوڻيون ڪتب آڻڻ سان لکڻي يا ٻولي وڌيڪ مايدار لڳندي آهي ۽ پڙهڻ يا ٻڌڻ ۾ لطف ايندو آهي. جهڙيءَ طرح لوڻ بنا کاڌو بي مزي لڳندو آهي، اهڙيءَ طرح ئي ٻوليءَ جي کيتر ۾ بنا چوڻين ۽ پهاڪن جي اثر ڪندڙ ڳالهيون اهڙيون دلچسپ نٿيون لڳن. نه فقط ايترو بلڪ “گهاگهر ۾ ساگر” ڀرڻ جو گڻ به انهن لوڪ چوڻين مان ظاهر آهي. وقت جا مسئلا ۽ آزمودا هنن ننڍن ۽ چٽڪيلن جملن ۾ سمائجي هميشه لاءِ هلندا ٿا اچن ۽ اهي هر وقت سڀيه توڙي اسڀيه، سڀني شخصن ۾ پرچلت آهن. جيون جو سڀاو سان تمام گهرو سنٻنڌ آهي. اُتساه ۽ زنده دلي انهن لوڪ چوڻين جي جڳت ۾ سهايڪ ٿئي ٿي. ان ڪري ئي شايد لوڪ ساهتيه ۾ لوڪ چوڻين جي ڪافي اهميت آهي. آزمودن جي پٺيان زندگيءَ جون گهٽنائون ڪم ڪنديون رهن ٿيون.
لوڪ_ چوڻيون پنهنجي پراچينتا جي لاءِ لوڪ ساهتيه جي گهڻن ئي انگن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت واريون آهن. انهن مان سڌ پوي ٿي ته جنهن ملڪ ۾ اهي چوڻ ۾ ٿيون اچن، تنهن جي ماڻهن جا مذهبي خيال، پنگتي رسمون ۽ ٻيا دستور ڪهڙا آهن.
