Showing posts with label سنڌي، لوڪ، چوڻيون، نارائڻ، ڀارتي،. Show all posts
Showing posts with label سنڌي، لوڪ، چوڻيون، نارائڻ، ڀارتي،. Show all posts

Sunday, March 20, 2011

سنڌي لوڪ چوڻيون - نارائڻ ڀارتي


سنڌي لوڪ چوڻيون
نارائڻ ڀارتي
لوڪ ساهتيه جا مکيه ٽي انگ آهن. (1) لوڪ گيت (2) لوڪ ڪٿائون ۽ (3) لوڪ چوڻيون. عام طرح هر هنڌ، هر ڳوٺ ۾، هر پرانت يا هر ديش ۾ اتي جا رهاڪو ڳالهائيندي ڪي نقطا به چوندا آهن. انهن کي اسان چوڻيون ڪوٺيندا آهيون ۽ پهاڪا به اهڙي قسم جا آهن. ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ اهي چوڻيون ڪتب آڻڻ سان لکڻي يا ٻولي وڌيڪ مايدار لڳندي آهي ۽ پڙهڻ يا ٻڌڻ ۾ لطف ايندو آهي. جهڙيءَ طرح لوڻ بنا کاڌو بي مزي لڳندو آهي، اهڙيءَ طرح ئي ٻوليءَ جي کيتر ۾ بنا چوڻين ۽ پهاڪن جي اثر ڪندڙ ڳالهيون اهڙيون دلچسپ نٿيون لڳن. نه فقط ايترو بلڪ گهاگهر ۾ ساگر ڀرڻ جو گڻ به انهن لوڪ چوڻين مان ظاهر آهي. وقت جا مسئلا ۽ آزمودا هنن ننڍن ۽ چٽڪيلن جملن ۾ سمائجي هميشه لاءِ هلندا ٿا اچن ۽ اهي هر وقت سڀيه توڙي اسڀيه، سڀني شخصن ۾ پرچلت آهن. جيون جو سڀاو سان تمام گهرو سنٻنڌ آهي. اُتساه ۽ زنده دلي انهن لوڪ چوڻين جي جڳت ۾ سهايڪ ٿئي ٿي. ان ڪري ئي شايد لوڪ ساهتيه ۾ لوڪ چوڻين جي ڪافي اهميت آهي. آزمودن جي پٺيان زندگيءَ جون گهٽنائون ڪم ڪنديون رهن ٿيون.
لوڪ_ چوڻيون پنهنجي پراچينتا جي لاءِ لوڪ ساهتيه جي گهڻن ئي انگن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت واريون آهن. انهن مان سڌ پوي ٿي ته جنهن ملڪ ۾ اهي چوڻ ۾ ٿيون اچن، تنهن جي ماڻهن جا مذهبي خيال، پنگتي رسمون ۽ ٻيا دستور ڪهڙا آهن.