Showing posts with label خيرپور، چوڻيون، پھاڪا، انجنيئر، عبدالوهاب، سھتو،. Show all posts
Showing posts with label خيرپور، چوڻيون، پھاڪا، انجنيئر، عبدالوهاب، سھتو،. Show all posts

Monday, January 31, 2011

خيرپور جا چوڻيون پھاڪا- انجنيئر عبدالوهاب سھتو



خيرپور جا چوڻيون ۽ پھاڪا
انجنيئر عبدالوهاب سھتو

اپريل ۲۰۰۱ع ڌاري، قاسميه لائبريري ۾ سائين محمد ادريس سومرو صاحب، ڪچهري ڪندي ٻڌايو: “ماستر عبدالرحمان چنا، پيرڳوٺ واري کي اوهان سان ملڻ جو ڏاڍو شوق آهي! مون کان اوهان جي لاڙڪاڻي واري ايڊريس گهريائين. مون وٽ ڪانه هئي، تنهنڪري ڪانه ڏنيمانس!”
“پر! مان ته کيس سڃاڻان ئي ڪونه!” حيرت مان ورندي ڏنيمانس.
“هتي آيو هيو!” سائين ڳالهه کي اڇو ڪندي ٻڌايو؛ “کيس پهاڪن وغيره گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. گڏ به ڪيا اٿائين! اوهان جي شوق بابت کيس ٻڌايم ته ملاقات ڪرڻ لاءِ اشتياق ڏيکاريائين. ايڊريس به طلب ڪيائين. مون وٽ نه هئڻ جي ڪري، پنهنجي ايڊريس ڏئي ويو آهي.”
سائين سندس ايڊريس ڏيندي تاڪيد ڪيو؛ “لاڙڪاڻي پهچي کيس خط ضرور لکجو!”
لاڙڪاڻي پهچي، حڪم جي تعميل ڪيم. ستت ئي جواب پهتو. ملاقات ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني هئائين.
خط و ڪتابت هلندي رهي. هر خط ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ دعوت ۽ ڇپيل ڪتابن بابت معلومات پوي ڪيائين. انھي دوران، ڪھاڻين جو ڇپيل مجموعو: هٿ جي وڍي، کيس موڪليم. پڙهڻ پڄاڻان، ڪتاب جي تعريف به ڪيائين ۽ پهاڪن/ چوڻين جي ڪتاب جي تقاضا به ڪيائين. پهاڪن بابت ڪو به ڪتاب ڇپيل صورت ۾ موجود نه هئو، جنهنڪري کيس موڪلي نه سگهيس.
جون ۲۰۰۱ع جي شروعاتي تاريخن ۾، رتيديري مان فون آئي. ڳالهائيندڙ بنا تعارف ڪرائڻ جي چيو: “اوهان سان عبدالرحمان چنا صاحب ڳالهائڻ چاهي ٿو.”
“ملايو!” کيس چيم.
“ڪراڙپ ۽ ضعف اٿم” عليڪ سليڪ کان پوءِ عبدالرحمان چنا صاحب فون تي چوڻ لڳو، “ايڏانهن اچي نه ٿو سگهان، هتي ويجهو پهتو آهيان. ضرور ٿي وڃو.”
رتوديرو، منهنجي حد نه هئي. فرصت به ڪانه هئي. تنهنڪري وڃي نه سگهيس.
جولاءِ ڌاران فون ڪيائين؛ “مان مڙهو، پاڻ کڻائي لاڙڪاڻي اچان ٿو، ڪٿي ملندئو!” گهر جي ايڊريس ڏئي چيو مانس: “اتي واري آفيس ۾ احمد علي مگسي وٽ پهچو.” ساڻس ملاقات ۽ ماني لاءِ هڪ ڪلاڪ، ٽين کان چئين تائين، نڪري سگهيو. روبرو پهرين ملاقات هئي. ڪهچري به ٿي ۽ پهاڪن /چوڻين جي لغت وارو قلمي مسودو به کيس ڏيکاري سگهيس. ڏسڻ بعد چيائين؛ “اکر تمام سنها آهن. فوٽو اسٽيٽ ۾ چٽا نه ايندا. نه ته جيڪر فوٽو ڪاپي ڪرائي کڻي وڃان ها. افسوس! عمر جي آخري حصي ۾ نظر چٽي ناهي.”
اسي سالن جي عمر هئڻ جي باوجود بنا چشمي جي هليو چليو پئي. ڄنگهه ۾ ٿورو لَڱُ هيس، جنهنڪري هلڻ ۾ تڪليف هيس.
خيالن جي ڏي وٺ دوران خبر پئي ته پاڻ به ڪي ڪتاب سهيڙيا اٿائين، جيڪي ڇپجي نه سگهيا اٿس. ڏسڻ جي خواهش ڏيکاريمانس ته خوش به ٿيو ۽ دعوت ڏيندي چيائين؛ “اوهان منهنجي محنت جو معائنو ضرور ڪيو. ان لاءِ وقت به ڪڍو! ڪي ٻه چار راتون مون وٽ هلي ڪنگري ۾ رهو. منهنجي دعوت به قبول ڪيو”.
“ايڏو وقت ڪڍڻ مشڪل آهي!” کيس پنهنجي مجبوري ظاهر ڪندي ٻڌايم: “باقي جڏهن هاڻي ٻيهر پير ڳوٺ وڃو ته هٿ وارا قلمي نسخا ضرور کڻي اچجو. رتيدري ۾ ئي ڏسي وٺندا سين.”
ان لاءِ آماده ٿيو ۽ موڪلائي هليو ويو.
ڏهن ڏينهن کان پوءِ رتيديري فون ڪيم. سندس ڀائٽيي محمد يوسف کنئي. تعارف ڪرايومانس ته يڪدم سهڪندي ٻڌايائين؛ “چاچا کي اوهان سان ملڻ جو ڏاڍو شوق هيو. ڪتابن جو ٻورٽو به پير ڳوٺ مان کڻي آيو هيو. اوهان کي فون ڪرڻ لاءِ آياسين پئي ته اوچتو دل ۾ سور پيس. پنج منٽ ٿيا جو ٽيڪسي ڪري کيس سکر موڪليو اٿم. اتي مهنهجو ڀائٽيو محمد رمضان چنا ڊاڪٽر آهي، ان جي دوا لڳندي اٿس. شام تائين جيڪو احوال مليو، اوهان کي ٻڌائينداسين!”
ٻه ڏينهن رکي ٽيپو لائبريري ڪنگري واري سرنامي تي خط لکيو مانس. موٽ ۾ فون ڪيائين.
ٻيهر فون ڪيم ته سندس ڀائٽين ٻڌايو؛ “چاچي جي آخري خواهش آهي ته اوهان مولوي محمد ادريس سان گڏجي هڪ رات لاءِ پير ڳوٺ اچو! اوهان کي اکين سان ڏسڻ چاهي ٿو ۽ ڪچهري ڪرڻ گهري ٿو”.
سائين ادريس صاحب سان ڪنڊيارو رابطو ڪيم، رتيديري ۾ محمد يوسف سان ۽ سکر ۾ ڊاڪٽر محمد رمضان چنا سان پڻ رابطو ٿيو.
پروگرام طئي ڪري، ٻئي ڏينهن شام جو سکر پڳاسين. سائين ادريس صاحب نه ملي سگهيو. وڌيڪ نه ترسياسين ۽ نڪري پيا سين. رات ڌاري پير ڳوٺ پهتاسين. محترم عزيزالله بروهي صاحب، جنهن جو ڪتاب خالق جون سائنسي ڪاريگريون به ڇپيل آهي، رات جي نماز تي موجود هيو. ساڻس محمد پور اوڍو ۾ ملاقات پڻ ٿيل هئي. جتي خبر پئي ته سائين عبدالرحمان چنا صاحب جو اصل ڳوٺ به محمد پور اوڍو، تعلقو ڳڙهي خيرو، ضلعو جيڪب آباد هيو. ماني بعد عزيزالله صاحب ته آرامي ٿيو. يارهين ڌاري سائين ادريس صاحب سکر مان ٽيڪسي ڪرائي پڳو. اڌ منو ڪلاڪ گڏيل ڪچھري ھلي. بعد ۾ سائين عبدالرحمٰن چنا صاحب سان رات جو ٽين بجي تائين نويڪلي ڪچهري هلي ۽ سندس هٿ لکيل ڪتابن تي ٽيڪاٽپڻي پڻ ٿي.
ساڍين پنجين بجي فجر نماز لاءِ اٿيا سين. چانهه پيتيسين. لائبريري ڏسڻ لا زور ڀريائين. جيڪا گهر جي ڪوٽ ۾ هئي. پردو ڪرائڻ پڄاڻان، اندر وياسين. ڇهين ڌاري چانهن پي موڪلايوسين. سائين ادريس صاحب سڌو خيرپور ويو. اسان رتيديري پهتاسين جتان ويگن ۾ لاڙڪاڻي اچي پهتم.
هفتي کان پوءِ جمعي جي صبح جو ڇهين بجي ڌاري، رتيديري کان محمد يوسف فون ڪئي؛ “چاچو عبدالرحمان چنه صاحب خدا تعالي کي پيارو ٿي ويو آھي. انالله وانا اليه راجعون، جمعي نماز کان اڳ جنازي نماز ٿيندي. اوهان کي اطلاع هجي.”
افسوس! عدم فرصت سبب وڃي نه سگهيس. سندس ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ، سندس ئي چوڻين واري نوٽ بوڪ تان ڪجهه چوڻيون ۽ پهاڪا الفابيٽ ترتيب ڏئي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ پيش ڪجن ٿا.