اتم کيتي، وڌندڙ واپار ۽
نيچ نوڪري.
(سنڌ، چوڻي)
امتياز احمد
عرساڻي
اتم کيتي، وڌندڙ
واپار ۽ نيچ نوڪريءَ جي چوڻي ته اسان سنڌ واسين کي برزبان ياد آھي، ان بيان تي ھر
ھڪ متفق به آھي، مگر ان جي تفصيل ۾ وڃي وضاحت ڪرڻ واري روش ھميشه سرسري رھي آھي.
کيتي کي اتم ڇو ٿو چيو وڃي، واپار وڌندڙ ڇو آھي ۽ نوڪري نيچ ڪيئن آھي؟ جھڙا سوال
حل طلب ان ڪري به آھن جو نوڪريءَ کي گھٽ سمجھيو ويندو آھي، پر تڏھن به ڪيترا ئي
نوجوان نوڪريءَ کي ئي پنھنجي مستقبل لاءِ چونڊيندا آھن. ”کيتيءَ کي اپنائڻ، واپار
کي پنھنجو ڪرڻ يا وري نوڪريءَ سان نڀائڻ“ مان اسان جي اڪثريت جو نوڪريءَ کي پسند ڪرڻ
پٺيان ڪھڙو منطق لڪل آھي؟ اچو ته ان جي کوج ڪري ڏسون ته کيتي اتم ڇو آھي؟ واپار وڌندڙ
ڪيئن آھي ۽ نوڪري نيچ ھئڻ باوجود ھر آئيندي جي ضرورت ڇو بنجي پئي آھي؟
