پهلا پهر سڀ
ڪوئي جاڳي، دوجا ڀوڳي هوءِ،
تيجا پهر تسڪر
جاڳي، چوٿا روڳي هوءِ.
(ھندي، دوھو)
رات کي چئن حصن ۾ ورھايو ويو آھي. ھر حصو ٽن ڪلاڪن جو آھي ۽ ھر ھڪ کي پھر سڏيو ويو آھي. مٿئين دوھي ۾ ٻڌايو ويو آھي ته پهرئين پهر ۾ هر ڪو ئي جاڳندو آهي. ٻئين پهر ۾ شهواني خواهشون رکندڙ جاڳن ٿا. ٽئين پهر ۾ چور ۽ ڪاٽڪو جاڳندا آهن ته جيئن واردات ڪري سگھن. جڏھن ته چوٿين پهر ۾ انھن جو آرام ڦٽل ھوندو آھي، جيڪي بيمار ھوندا آھن.
مطلب:
رات جي پوئين پھر ۾ بيمارن جي ئي ننڊ ڦٽل ھوندي آھي.
No comments:
Post a Comment