دھل وڄي، دوسو بيھي.
(ساھتي، پھاڪو)
(مشهور پھاڪي جو ڪردار؛ دوسو ماڇي)
انو سولنگي
دوست محمد دوسن/
دوسو، ذات جو ماڇي (سولنگي سردار به سڏائيندو ھو) اصل ڳوٺ کاھ جاگير، لڳ درٻيلو،
ضلعو نوشھروفيروز جو ويٺل ھو. ٺاروشاھ ۾ گهڻو ڏسبو ھو. ظريف، خوش طبع، رلڻو ملڻو ۽
سھپ وارو انسان ھو. پنهنجي ڳوٺ کاھ جاگير لاءِ چوندو ھو؛
جيڪو وڃي کاھ، تنھنجو نالو ئي کڻي لاھ!
سندس شخصيت ضرب
المثل بڻجي ويل آھي. اڄ به چوندا آھن؛ دھل وڄي، دوسو بيھي؛ کوڙو ئي نٿو لڳي.
مرڻ گھڙي تائين،
دھل ۽ دوسو، لازم ملزوم رھيا. دھل جي ناتي سان زياده تر سڃاتو ويندو ھو. پاڻ ڪو
دھل ڪو نه وڄائيندو ھو. دھل مان مراد، شاديءَ جو دھل جتي وڄندو، ٺڪ وڃي پڄندو ھو.
پڇبو ھيس؛ ”دوسو! ڏي خبر! ڪيئن پھتين؟“ چوندو هو؛ ”دعوت پھتي ته دوسو به اچي پھتو!
ڪاڄ ڌڻين کي جن نه ڪن.!! سو سوچيم سڏ ڀري اچان! ٻيو مڙئي خير!“
دوسوءَ جا ڪن ايڏا
سرلا جو ڪوھن ۾ دھل جو آواز سڻي وٺندو ھو. ست راڄين ۾ ڪاڄ جو پھريون ڄاڃي دوسو
ھوندو ھو. دوسو پھتو ته مٿس ميڙا ھوندا ھئا. ڪير سندس ٻٽاڪون ٻڌي! چوندو ھو؛ ”نيون
جيپون ڊوڙائي ڊوڙائي مال جا آھورا ڪري ڇڏيا اٿم. ست راڄي جو سردار آھيان. پنجاھ
مينھون ڏوڌ تي ڏنل اٿم. پرواھ آھي ڪو نه.“
دوسوءَ جون خبرون،
پري پري پيون ھلنديون. مڙس مڙئي مڻيادار ھو. قداور، ڪڻڪ رنگو، ججھي سلوار تي پھراڻ،
صدري يا ڪوٽ سان، مٿان پٽڪو يا ترڪي ٽوپي؛ سندس پسند جي پوشاڪ ھوندي ھئي.
اھڙا خوش طبع ۽ کلڻا
ملڻا ڪردار، تاريخ ۾ مثال بڻجي ويندا آھن. سندس ذڪر ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جي پي
ايڇ ڊي واري ڇپيل ڪتاب ”سنڌي ادب ۾ طنز مزاح“ ۾ پڻ شامل آھي.
دوسو، پنجاھ واري ڏھاڪي
۾ رحلت ڪئي. جڏھن ته سندس ڪوڙ، ڊاڙون ٻٽاڪون ۽ پھاڪا اڄ به زنده آھن.
مطلب؛
۱. دھل وڄي ۽ دوسو
نه نچي؛ اڻ ٿيڻي ڳالھ!
۲. دھل وڄي ۽ دوسو
بيھي؛ کوڙو ئي نٿو لڳي.
۳. دھل جي وڄڻ سان،
دوسوءَ جو نچڻ لازمي آھي.
۴. پاڻ ۾ ٻه لازم
ملزوم شيون.
۵. دوسوءَ جي نچڻ
سان دھل جو وڄڻ مشروط آھي.
۶. ھڪ شيءِ يا
واقعي جي رونما ٿيڻ سان، ساڻس ٻئي واقعي جو وقوع ۾ اچڻ لازم ھجي ته ائين مثال ڏبو
آھي.
(انو سولنگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۱۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
Post a Comment