Wednesday, May 25, 2022

فارسي؛ کارسي يا گهوڙي چاڙهسي

فارسي؛ کارسي يا گهوڙي چاڙهسي.

(سنڌ، چوڻي)

ارباب نيڪ محمد



سنڌ ۾ فارسي ٻولي جيتوڻيڪ هن وقت سقيم حالت ۾ هلي ويئي آهي پر ڪو زمانو اهڙو به هو جڏهن رومي کان ويندي فردوسي تائين فارسي جا قدآور شاعر تمام گهڻا مقبول هئا. مثنوي، سليبس ۾ شامل رهي آهي. شاهنامي کي به ديس دوستي لاءِ ڪتب پيو آڻبو هو.


سنڌ ۾ جڏهن فارسي ۾ سرڪاري لکپڙهه ٿيندي هئي، تنهن زماني جي چوڻي “فارسي کارسي يا گهوڙي چاڙهسي” اڄ سوڌو زبان زد عام آهي. ڏاها انهيءَ ڪهاوت جي تشريح ڪندي فرمائين ٿا ته؛ ”ڇاڪاڻ ته فارسيءَ ۾ مجازي محبت وارا غزل ايڏا ته درد انگيز ۽ رقت آميز رهيا آهن، جو جڏهن الهڙ جوانيءَ جي آغاز وقت نصابي ڪتابن مان ڀيرا ڏيندي بيتن جي جهونگارڻ مهل عاشقاڻو مزاج ڪنهن ڪاري ڀوري جي تلاش ۾ نڪري ويندو هو پوءِ “ادي کي جنين نه ڪنين پر ادو عشق ۾ انڌو.” ٿي پهه پچائيندو هو ته اجها منزل مقصود تي پهتاسين! ٽنڊ به ٽُڪا ٿي گهري. سڃي سکڻي عاشق کي ڦٻندا فقط ديو مالائي خيال هئا. برهه بازارين وارا بيت ته ڪو نه هئا، هوبهو بم گولا ۽ بارود هئا، جيڪي محبتي مزاج وارن نوجوانن جي بت کي ڀسم ڪري ڇڏڻ جي صلاحيت رکندا هئا.

ان ڪري اھي فارسي سکندڙ جوان، ساري عمر لاءِ، جسماني ۽ دماغي طور ھر ڪم کان کري ويندا ھيا.

جيڪي بچي ويندا ھيا سي فارسي سکي، وقت جي حڪومت وٽ ملازمت اختيار ڪندا ھيا ۽ محنت مشقت سان وڏي پد تي پھچندا ھيا.

مطلب؛ قلم به ڪلھا ٿو وٺي.

۲. فارسي؛ يا کارسي، يا گهوڙي چاڙهسي.

۳. فارسي؛ گهوڙي چاڙهسي.

۴. ٽنڊ به ٽُڪا ٿي گهري.

 

(ارباب نيڪ محمد، جي ڪالم ”گلزار خليل جا گلها ۽ رنگا رنگ“، ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل تان کنيل.)

No comments:

Post a Comment