Showing posts with label ڏھ چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون، همير گاد،. Show all posts
Showing posts with label ڏھ چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون، همير گاد،. Show all posts

Wednesday, August 28, 2019

ڏھ چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون


ڏھ چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون
(طنز ۽ مزاح)
همير گاد
۱ . دوست اهو جو آئيءَ ويل ڪم اچي:
اڄڪلھ دوست اهو، جيڪو مصيبت ۾ ڀڄي وڃي ۽ پنهنجي موبائل آف ڪري ڇڏي.

۲ . گدڙ جو جڏھن موت ايندو آھي ته شھر جو رخ ڪندو آ:
اهو ته بلڪل غلط آ. مون ته ڪڏھن به ڪنهن گدڙ کي شهر ۾ ناهي ڏٺو.
ٿي سگهي ٿو اِھي متان اُھي گدڙ ھجن جيڪي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جهڙن وڏن شھرن ۾ بليٽ پروف گاڏين ۾ گهمندا آھن ۽ ماڻھو انهن جي حقن ۾ وڏا نعرا هڻندا آھن.