واھر به ڌڻڪن جي ٿيندي آ
سلام انڙ
رڍ ڀڄڻ
لڳي ته گدڙ به پويان ڀڄڻ لڳس. ڀڄندي ڀڄندي رڍ گپ ۾ ڦاسي پئي. گدڙ پويان ڀڳو پئي
آيو سو به گپ ۾ ڦاسي پيو.
هاڻي هڪ
ٻئي کي ڏسڻ لڳا. گدڙ چيس؛ ”ٻڌ! تنهنجا ڌڻي ڌوڪي به هوندا؟“
رڍ چيو؛
”ها...!“
گدڙ
چيس؛ ”اهي تو کي ڳوليندا هوندا؟“
رڍ چيس؛
”ها...!“
گدڙ،
ٿوري دير رکي وري پڇيس؛ ”ڪتا به ساڻ هوندن؟!“
رڍ چيس؛
”ها! تازي ڪتا ساڻ اٿن.“
گدڙ
چيس؛ ”تنھنجي واھر لاءِ، تو کي ڳوليندي، هتي به اچي نڪرندا؟!“
رڍ چيس؛
”ها! ضرور واھراڙو ھتي به ڳولي اچي لھندا..!“
”پوءِ!“ گدڙ پنهنجا پير گپ ۾ ڦاٿل ڏسي، رڍ کي چيو؛ ”اڄ وڏي گونهه گونهاندي ٿيندي..!“
مطلب:
۱ . جنھن جا ڌڻي
ڌوڪي ھوندا، تڪليف ۾ ان لاءِ ئي گونهاندي ٿيڻ جو خطرو ناهي.
۲ . نڌڻڪن
کي ھر ڪو ڳڙڪائي ويندو آھي.
(سلام
انڙ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)
No comments:
Post a Comment