ڏاڍي کي اٽڪل سان زير
ڪري سگھجي ٿو
سلام انڙ
هڪ
شينهن، شينهڻ کي چيو؛ ”آئون ڪم ڪار سان، سڄي ڏينھن لاءِ، جھنگ کان ٻاھر ٿو وڃان.
پويان ڪو پڇڻ اچي يا گهر ٻاهران بيهي اسان کي گاريون ڏئي ته ورندي نه ڏجانس، بلڪ نظر
انداز ڪري ڇڏجانس.“
شينهن،
جھُنڊ مان نڪتو ته پويان گدڙ به اچي پھتو ۽ هڪل ڪري چيائين؛ ”ٻاهر نڪر دلا ته خبر
وٺانءِ.“ بد شد پڻ ڳالھائڻ لڳو.
شينهڻ
کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي پر مڙس جي جھل ھيس سو ڪاوڙ ھپ ڪري کائي وئي.
شام جو
شينهن آيو، کيس سڄي ماجرا ڪري ٻڌايائين.
شينهن
چيس؛ ”بس ايئن ئي ان کي نظر انداز ڪري ڇڏيندي ڪر!“
هڪ
دفعي وري شينهن ڪاڏي ٻاھر ويو.
پويان
گدڙ آيو ۽ هڪل ڪري چيائين؛ ”اڙي غيرت جي پرزي اٿئي ته ٻاهر نڪر.“
شينهڻ کي
ڪاوڙ ڏاڍي آئي ۽ ڪاوڙ ۾ مڙس واري نصيحت کانئس وسري وئي. گدڙ تي حملي ڪرڻ لاءِ، پٺيان
لڳي پيس.
گدڙ اڳيان،
شينهڻ پويان. گدڙ ڊوڙندو، هڪ سوڙهي سرنگهه ۾ وڃي گھڙيو. شينهڻ، کيس ڊيڙائيندي، پويان
گھڙي وئي ۽ سوڙھي جاءِ تي ڦاسي پئي.
گدڙ، بت
۾ سنھو ھئڻ سبب، سرنگھ پار ڪري ويو. ٻاھر نڪري، موٽي سرنگھ جي اڳئين لنگھ مان گھڙي
آيو. ڦاٿل شينھڻ سان بڇڙائيءَ جو ورتاءُ ڪيائين.
جڏھن،
گدڙ ڪارروائي، ڪري سرنگھ جي ٻوٿ کان واپس ھليو ويو ته شينهڻ به جيئن تيئن ڪري نڪري
آئي.
شام جو
شينهن، شينھڻ جو لٿل منهن ڏسي، گھٻرائجي ويو ۽ پڇيائينس؛
”منھنجي
پويان، گدڙ آيو هو ڇا؟“
”ها.“
”ان گاريون ڏنيون
۽ تون پويان وئينس؟“
”ها!“
”سوڙهي سرنگهه
۾ تو کي ڦاسايائين؟“
”ها!“
”تو کي مون
جهليو ھيو، پويان نه وڃجانس. ان مونسان به ساڳي جٺ ڪئي ھئي.“
مطلب؛
۱ . اٽڪل سان
راند، ڏاڍن کان به کٽي سگھجي ٿي.
(سلام
انڙ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)
No comments:
Post a Comment