ڏاڍي کي اٽڪل سان زير
ڪري سگھجي ٿو
سلام انڙ
هڪ
شينهن، شينهڻ کي چيو؛ ”آئون ڪم ڪار سان، سڄي ڏينھن لاءِ، جھنگ کان ٻاھر ٿو وڃان.
پويان ڪو پڇڻ اچي يا گهر ٻاهران بيهي اسان کي گاريون ڏئي ته ورندي نه ڏجانس، بلڪ نظر
انداز ڪري ڇڏجانس.“
شينهن،
جھُنڊ مان نڪتو ته پويان گدڙ به اچي پھتو ۽ هڪل ڪري چيائين؛ ”ٻاهر نڪر دلا ته خبر
وٺانءِ.“ بد شد پڻ ڳالھائڻ لڳو.