Wednesday, August 28, 2019

ڏھ چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون


ڏھ چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون
(طنز ۽ مزاح)
همير گاد
۱ . دوست اهو جو آئيءَ ويل ڪم اچي:
اڄڪلھ دوست اهو، جيڪو مصيبت ۾ ڀڄي وڃي ۽ پنهنجي موبائل آف ڪري ڇڏي.

۲ . گدڙ جو جڏھن موت ايندو آھي ته شھر جو رخ ڪندو آ:
اهو ته بلڪل غلط آ. مون ته ڪڏھن به ڪنهن گدڙ کي شهر ۾ ناهي ڏٺو.
ٿي سگهي ٿو اِھي متان اُھي گدڙ ھجن جيڪي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جهڙن وڏن شھرن ۾ بليٽ پروف گاڏين ۾ گهمندا آھن ۽ ماڻھو انهن جي حقن ۾ وڏا نعرا هڻندا آھن.

Tuesday, August 20, 2019

پنھنجي ٺاھيل شيءِ پاڻ به استعمال ڪيو


پنھنجي ٺاھيل شيءِ پاڻ به استعمال ڪيو. 
(ٽوٽڪو/ لطيفو)
ھڪڙي گراھڪ کي ھوٽل جي مانيءَ مان مزو نه آيو. کاڌو کائيندي، خار مان ٽيبل تان اٿيو ۽ بئري کي سڏي چيائين؛ ”ھيءَ ڪھڙي ماني ڏني اٿئي؟! ڪٿي آھي مئنيجر! مان کيس شڪايت ڪيان.“
”سائين! ناراض ڇو ٿا ٿيو؟ مئنيجر صاحب اجھو آيو. بئري کيس التجا ڪندي چيو؛ ”پوءِ ساڻس دل کولي شڪايتون ڪجو.“
”ڪاڏي ويو آھي؟! ھاڻي ته اتي دخل تي ويٺو ھيو.“ ڪاوڙ مان سٽ پٽيندي بئري کان پڇيائين.
”سائين!. ٿڌا ٿيو! اجھو آيو“ بئري ھٿ ٻڌندي چيس؛ ”ڀر واري ھوٽل تي ماني کائڻ ويو آھي.“

Monday, August 19, 2019

ٻانهي ۽ ٻائي، پَکي سونهن پنهنجي. (سنڌ، چوڻي)


ٻانهي ۽ ٻائي، پَکي سونهن پنهنجي. (سنڌ، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ٻانھي؛ نوڪرياڻي، ٻيلپو ڪندڙ. ٻائيءَ جو ضد.
ٻائي؛ جنھن وٽ ٻانھي ٻيلپو ڪري، راڻي، وڏيري، بيگم. ٻانھيءَ جو ضد.
پکي؛ پکو، اجھو، رھڻ جي جاءِ، آشيانو.
ٻائي ۽ ٻانھي، ٻئي پنھنجي پنھنجي پکي يا اجھي ۾ سونھن ٿيون. ٻانھي، راڻيءَ جي محل ۾ ۽ راڻي ٻانھيءَ جي جھوپڙيءَ ۾ ڪين ٺھندي. ھر ھڪ جو بسيرو پنھنجي پنھنجي نوعيت جو آھي. اھي پنھنجي پنھنجي آکيري يا آشياني ۾ ھونديون ته پيون ٺھنديون ۽ چڱيون پيون ڀاسنديون. ٻئي ھنڌ ھئڻ سان، اصل حيثيت وڃائي ويھنديون ۽ اصل ڪين سونھنديون.

Saturday, August 17, 2019

ڏاڍي کي اٽڪل سان زير ڪري سگھجي ٿو


ڏاڍي کي اٽڪل سان زير ڪري سگھجي ٿو
سلام انڙ
هڪ شينهن، شينهڻ کي چيو؛ ”آئون ڪم ڪار سان، سڄي ڏينھن لاءِ، جھنگ کان ٻاھر ٿو وڃان. پويان ڪو پڇڻ اچي يا گهر ٻاهران بيهي اسان کي گاريون ڏئي ته ورندي نه ڏجانس، بلڪ نظر انداز ڪري ڇڏجانس.“
شينهن، جھُنڊ مان نڪتو ته پويان گدڙ به اچي پھتو ۽ هڪل ڪري چيائين؛ ”ٻاهر نڪر دلا ته خبر وٺانءِ.“ بد شد پڻ ڳالھائڻ لڳو.

واھر به ڌڻڪن جي ٿيندي آ


واھر به ڌڻڪن جي ٿيندي آ
سلام انڙ
Image may contain: 1 personهڪ رڍ، ڌڻ کان وڇڙي وئي ۽ جهنگ ۾ گم ٿي وئي. هڪ گدڙ جي مٿس نظر پئي، سو پويان لڳي پيس.
رڍ ڀڄڻ لڳي ته گدڙ به پويان ڀڄڻ لڳس. ڀڄندي ڀڄندي رڍ گپ ۾ ڦاسي پئي. گدڙ پويان ڀڳو پئي آيو سو به گپ ۾ ڦاسي پيو.
هاڻي هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا. گدڙ چيس؛ ”ٻڌ! تنهنجا ڌڻي ڌوڪي به هوندا؟“
رڍ چيو؛ ”ها...!“
گدڙ چيس؛ ”اهي تو کي ڳوليندا هوندا؟“
رڍ چيس؛ ”ها...!“
گدڙ، ٿوري دير رکي وري پڇيس؛ ”ڪتا به ساڻ هوندن؟!“
رڍ چيس؛ ”ها! تازي ڪتا ساڻ اٿن.“
گدڙ چيس؛ ”تنھنجي واھر لاءِ، تو کي ڳوليندي، هتي به اچي نڪرندا؟!“
رڍ چيس؛ ”ها! ضرور واھراڙو ھتي به ڳولي اچي لھندا..!“
پوءِ!“ گدڙ پنهنجا پير گپ ۾ ڦاٿل ڏسي، رڍ کي چيو؛ ”اڄ وڏي گونهه گونهاندي ٿيندي..!“
مطلب:
۱ . جنھن جا ڌڻي ڌوڪي ھوندا، تڪليف ۾ ان لاءِ ئي گونهاندي ٿيڻ جو خطرو ناهي.
۲ . نڌڻڪن کي ھر ڪو ڳڙڪائي ويندو آھي.

(سلام انڙ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)