چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي. پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئئ. ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي. اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
Thursday, August 24, 2017
Tuesday, August 22, 2017
اها ڪڪڙ ئي مري وئي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو
اها ڪڪڙ ئي مري وئي، جيڪا
سونا آنا ڏيندي هئي. (چوڻي)
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
هڪڙي ھمراھ هڪڙي
ڪڪڙ پالي هئي.
اتفاق سان اھا جيڪو ڏيهاڙي آنو
لاهيندي هئي، سو سونو ھوندو
ھيو.
هڪ ڏينهن ڪڪڙ جي مالڪ جي من ۾ لالچ جاڳي پئي. دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”زندگيءَ
تي ڀروسو ڪونھي. ڇو نه ڪڪڙ کي ڪهي، سندس پيٽ مان سمورا سونا آنا، هڪ ئي دفعي سان
ڪڍي وٺان. اھي کپائي، ڪا جاگير خريد ڪيان،
جيڪا اکين آڏو به ھجي، ھٿن ۾ به ھجي ته جنھن وقت مرضي پوي تنھن وقت منجھانئس فائدا
وٺان.“
ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون - مٺل جسڪاڻي
اڀياسي تبصرو
مٺل جسڪاڻي

Thursday, August 17, 2017
Saturday, August 5, 2017
نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا.
نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا. (پھاڪو)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي
نينگريءَ جو رشتو، جمعي نالي ھمراھ سان طئي ٿيو ھيو. وقت گذرندي گھوٽيتا، زبان تان
ڦري ويا.
ھونئن
ته نياڻيءَ رشتو ڪرڻ ۾ دير وجھڻ سان، يا رشتو ٿيڻ بعد، ڪنھن اڻبڻت سبب ٽٽڻ سان،
نياڻي سڄي عمر ويھجي ويندي آھي. پوءِ سندس شادي به نه ٿيندي آھي. زندگي به اھنجن ۽
ڏکن واري ٿي ويندي اٿس. ڇو جو نياڻيءَ جي ماني، بادشاھن جي گھر ۾ به ناھي.
Subscribe to:
Posts (Atom)